شاهه عبداللطيف صاحب جي چاهڻ وارن ۾ توحيد پرست مسلمانن سان گڏ هندو غير مسلم حضرات جو به وڏو انگ آهي۔۔ ڇو ته شاهه سائين جي حال حيات ۾ ئي وٽن ڪيترا ئي واڻيا فقير هميشه ساڻن گڏ هوندا هئا، جيڪي ظاهر ۾ ته هندو هئا پر دل ۾ توحيد پرست هئا۔۔۔ شاهه صاحب کي سندن حال جي خبر هئي۔۔ پر سندن واڻين سان انهيءَ اٿڻ ويهڻجي ڳالهه مُلن کي نه وڻندي هئي۔۔ مُلان سدائين شاهه صاحب کي روڪيندا هئا ته اوهين انهن غير مسلمن سان نه اٿو ويهو، اهي توهان جو عقيدو ۡخراب ڪندا، اوهان جا والدين ته پڪا مسلمان هئا سدائين مسلمانن سان رهندا هئا پر اوهين الاءِ جي ڇو اهڙن غير مسلمن کي ويجهو ٿا آڻيو۔۔؟ مُلن جون اهي ڳالهيون ٻڌي ڪري شاهه صاحب چوندا هئا، جيتري قدر منهنجا هي فقير رمز رکن ٿا اوهين نه ٿا رکو۔۔ پر وري به مُلن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي۔۔ نيٺ هڪ ڀيري وري به مُلا وٽن آيا۔۔۔ ساڳئي ڳالهه ڪيائون۔۔ شاهه صاحب چيو ٺيڪ آهي اڄ مان توهان کي به آزمايان ٿو۔۔ ۽ هنن کي به۔۔ اهو چئي شاهه صاحب هڪ مُلان کي 12 آنا ڏئي چيو ته وڃ 4 آنن جو هِتُ وٺي آءُ، 4 آنن جو هُت وٺي اچ ۽ چار آنن جو هت نه ڪو هُت۔ اهو ٻڌي مولانا في الحال ته چپ ٿي ويو پر وري به مٿو کنهائيندو بازار مان پڇا ڪري آيو، اهڙي ڪابه شئي نه مليس۔۔ واپس اچي سائينءَ کي پئسا هٿ ۾ ڏنائين۔۔۔ اهو لڪاءُ ڏسي شاهه صاحب مسڪرايا وري اهي ساڳيا 12 آنا فقير کي ڏنائين۔۔۔ ته وڃ 4 آنن جو هِتُ وٺي آءُ، 4 آنن جو هُت وٺي اچ ۽ چار آنن جو هت نه ڪو هُت۔ فقير روانو ٿيو۔۔ ڪافي دير گذري وئي فقير نه آيو۔۔ نيٺ گهڻي دير کان پوءِ فقير اچي پهتو۔۔ پر سندس هٿن ۾ ڪابه شئي نه هئي۔۔۔ شاهه صاحب پڇيس۔۔ فقير ڏي خبر وٺي آئين۔۔ فقير چيس سرڪار ها مان وٺي آيس۔۔ ملان ڪاوڙ ۾ ڏسندي چيو سائين هن جي هٿ ۾ ته ڪابه شئي نه آهي، هي وري ڇا وٺي آيو آهي۔۔۔؟ شاهه سائين وري به فقير کي ڏسندي چيو ۔۔ ٻڌاءُ ته ڀلا ڇا وٺي آئين ڪيئن وٺي آئين۔۔؟ فقير وراڻيو: سائين مون کي بازار ۾ بُک لڳي، ته 4 آنن جي مان شئي وٺي کاڌي، يعني هِتُ (دنيا جي لاءِ، ڇو ته ان سان منهنجو پيٽ ڀرجيو)، انهيءَکان پوءِ هڪ فقير منهنجي اڳيان صدا هنئي ته مان انکي 4 آنا ڏئي ڇڏيا۔۔۔ يعني 4 آنن جو هُت (آخرت لاءِ) ۔۔ ۽ وري ڪجهه اڳڀرو ٿيس، ته هڪ تماشو هليو پئي۔۔ چار آنا اتي بيهي تماشي واري کي ڏنم۔ يعني هت نه ڪو هُت (ڇو ته اها شئي نه دنيا جي ڪم جي هئي نه آخرت جي ڪم جي) ۔۔ اهو ڏسي شاهه سائين مُلن کي چيو : مان توهان کي چيو هو ته مان جيڪي ڄاڻان ٿو اهو اوهين نه ٿا ڄاڻيو۔۔ دوستو انهيءَ قصي مان خبر پئي ته اهي فقير دل ۾ توحيد پرست هئا ۽ آخرت تي پڻ يقين رکندا هئا۔۔ تڏهن ته هِت ۽ هُت جي رمز کي سمجهيا پئي۔۔
جواب: هِت، هُت ۽ هِت نه ڪو هُت ادا مست صاحب تمام سٺي توهان ونڊ ڪئي آهي، اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اهي ڳالهه، سمجهاڻي اسان جي ڏاڏا مرحوم( محمد اسماعيل وگهيو ) اسان کي ٻڌائي هئي، ۽ مون کي پهريون شاه جو رسالو به مون کي ڏاڏا سائين مرحوم مون کي تحفو ڪري ڏنو هو۔ ادا هر شخص وٽ پنهنجو علم ۽ دانائي موجود آهي، ۽ هر ماڻهون هڪ ڪهاڻي ۽ مڪمل داستان آهي، ۽ ڪنهن کي به گهٽ نه ڄاڻجي۔بقول شاه صاحب ته ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀائين ڀلو پنهنجو
جواب: هِت، هُت ۽ هِت نه ڪو هُت سائين قبلا محترم، بلڪل اوهان صحيح فرمايو۔۔۔۔۔ اها ڳالهه مون پاڻ ڪنهن سالڪ کان ٻڌي آهي۔۔۔ انهن جي چوڻ مطابق ته سائين شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح سائين گڏ (مدن واڻيو) هوندو هئو ۽ انهي سوال جو ساڳيو حل جيڪو اوهان مٿي ڄاڻايو آهي۔۔۔۔ سو (مدن واڻيي) ئي ڏنو هئو۔۔۔۔ مهرباني قبلا