• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشاعرن جو ڀلو شاعر سائل آزاد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
3vt2hGT.jpg



مشهور شاعر سائل آزاد جو اصل نالو غلام حسين واڍو هو. پاڻ 1938ع ۾ چنيسر ڳوٺ ڪراچي ۾ الھ بچائي واڍي جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تخلص " شاد" رکيائين. پر پوء ڇوٽي صالح محمد قوال جي ساٿ ۽ سنگت کيس "سائل آزاد" بڻائي ڇڏيو. سائل آزاد اردو فلم "ڪاغذ ڪي ڦول" ۾ شامل شاعري سان مشهوري ماڻي. سائل آزاد سنڌي ٻوليءَ جي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هڪ آهي جيڪي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻندا آهن. سائل مشاعري ۾ پنهنجي شاعري ڪمال طريقي سان پڙهندا هئا. جن کي ٻڌندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ نہ رهي سگهندو هو. سائل آزاد ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاء ڪيترائي نغمه ۽ وطن جا گيت لکيا آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي آهي. سائل آزاد جي شاعري کي سنڌ ۽ پاڪستان جي ناليوارن فنڪارن ڳايو آهي. سنڌي ۾ لکيل گهڻن ئي گيتن کي سيد سليمان شاه توڙي ٻين بهترين نموني ڳايو آهي. سندس جڳ مشهور گيتن ۾ " پئسا بولتا هي" وڏي مقبوليت ماڻي.
سائل آزاد سنڌي فلمن لاءِ گيت لکيا جن ۾ رت ۽ اجرڪ، پرديسي ۽ پيار، جانو ڌاڙيل، قرباني، هو جمالو، طوفان، مهراڻ جا موتي، سنڌ جا سپوت شامل آهن.
سائل آزاد 10 نومبر 2018ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.

سائل آزاد بابت ڊاڪٽر محمود مغل صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب سنڌ ٽاڪيز تان مدد ورتي وئي آھي.

عبداللہ جروار جي ٿورن سان
 
Back
Top