ارشاد سومرو جي ڪتاب صدين جي اڃ جو اڀياس ساجد مسڻ ڪهاڻي لکڻ هڪ الڳ فن آهي، جهڙي طرح سان هر ماڻهو شاعري نه ٿو ڪري سگهي، تهڙي طرح سان ھر ماڻھو ڪهاڻي به نه ٿو لکي سگهي. ادب ۾ ڪهاڻيون ان ڪري به وڌيڪ پڙهيون وينديون آهن جو ڪهاڻيڪار يا ڪهاڻيڪاره موجوده صورتحال جي عڪاسي اهڙي طريقي سان ڪندو/ڪندي آهي، جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه مون سان ٿيو آهي يا جيڪو ڪجهه ڪهاڻي ۾ بيان ٿيل هوندو آهي، اهو ائين لڳندو آهي ته اها تخليق سندن آهي، اهڙو ۽ ائين مان پئي سوچيو پر مون کي لکڻ نه آيو ۽ ان منظر نگاري کي لفظن جو سهڻو ويس پارائڻ وارو فن صرف ڪهاڻيڪار کي ئي حاصل آهي. لوڪ ادب ۽ سماج واريون ڪهاڻيون انڪري به وڌيڪ پڙهيون ۽ پسند ڪيون وينديون آهن جو انهيءَ بيان ڪيل منظرنگاري، ريتن، رسمن ۽ رواجن کان اسان واقف هوندا آهيون. اهڙي قسم جون مقامي، دلچسپ، غير روايتي، غير معمولي ۽ حقيقت پسندانه موضوعن جي چونڊ ڪندڙ ڪهاڻيڪاره ميڊم ارشاد سومرو به هڪ آهي، جيڪا پنهنجي قلمي پورهئي، تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪندي اسان کي موجوده صورتحال جو آئينو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي ڏيکاري ٿي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب صدين جي اُڃ به اهڙي قسم جو مجموعو آهي، جنهن ۾ وقت ۽ حالت جي مڪمل عڪاسي ٿيل آهي. سندس ڪهاڻي ماسي پلي واري پڙهڻ سان ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ چنهڙ ۾ هجان ۽ ماسي پلي واري کي گهرن ۾ پلي، ٻير ۽ کجور کپائيندو ڏسندو هجان، انهيءَ ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪاره جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، اها به اڌ سنڌي اڌ بروهڪي مطلب ته ان ڪهاڻي ۾ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي. ڪهاڻي پڙهڻ سان کِل به اچي ٿي ته مزو به اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻولي ڏاڍي پياري ۽ ڊائلاگ به وڻندڙ ۽ مزاحيه استعمال ڪيل آهي. سندس ڪهاڻي ماسي پليءَ واري جون ھيٺ ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون. "امان! پلي ڀلي اٿس ڀلي وٺوس رات جو چاڙهجو". بابا کي چڻن جي پلي ۽ چانورن جي ماني ڏاڍي وڻندي هئي،سياري جو روز چاڙهيندو هو، ايتري ۾ امان به اچي ويندي هئي، امان کي ڏسي چوندي هئي. "ابو! تازو پلي آندو اٿم وٺيس". سندس ڪهاڻي سُڪل چپ نه صرف موضوع جي اعتبار کان وقتائتي ۽ معني خيز ڪهاڻي آهي، پر انهيءَ ڪهاڻي ۾ اين جي اوز جي دنيا ۾ عياشي ڪندڙ ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي معصوم ٿرين جي پئسي ۽ امداد تي شراب ڪباب کائي رهيا آهن. ڪهاڻيڪاره لکي ٿي ته "هوءَ ساڻن ۽ ٿڪيل قدمن سان وک وک کڻي جئين ئي گس وٽ آئي، هن جي سامهون هڪ اين جي اوز جو قافلو نمودار ٿيو، جن جي هٿن ۾ وڏا بينر هئا، جن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو. گوڙاڻو ڊيم نامنظور، ٿرين سان ناانصافي نامنظور. جيپ ۾ فرنٽ سيٽ تي ويٺل امير، منرل واٽر جي بوتل پي رهيو هو ۽ ڀر ۾ ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو هو". نڀاڳي ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪاره عورت سان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ، بربريت، ناانصافي، سماج ۾ ملندڙ تعنا مھڻا،تنڪه ۽ حڪارت جي نظر سان ڏٺو وڃڻ واري ڪهاڻي آهي، جتي جڏهن ڪوبه ڪم نه ٿئي ته ان جو سبب عورت کي ٺاهيو ويندو آهي ۽ کيس نڀاڳي جي طعنن ۽ مهڻن جي تيرن سان کيس منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي. جئين اڳتي هن ئي ڪهاڻي نڀاڳي ۾ لکي ٿي ته " مون عاشيءَ کي مڪمل تيار ڪري ماسي سڪينه کي سڏ ڪيو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي، ماسيءَ سڪينه کيس ڏسي خوشي ۾ نه ٿي ماپي. هڪ ته ڌيءَ ڀاءُ جي گهر پئي وئي، ٻيو وري فرض به پورو پئي ٿيو، جو نياڻي وڃي شينهن ڪلهي تي چڙهي، پوءِ ان کي شينهن جي مرضي آهي ته گهر جي راڻي ڪري يا ڳڀا ڪري کائي ڇڏي". سندس ڪهاڻي ناياب نه صرف درد رکندڙ ڪهاڻي آهي، پر اڄڪلهه جي اوباش ڇوڪرن جي حرڪتن، شرارتن ۽ عادتن جي باري ۾ واضع بيان ڪيل ڪهاڻي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق قريشي صاحب لکيو آهي جنهن ۾ لکي ٿو ته " سندس ڪهاڻين ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جهڙي پرچار ۽ سادگي آهي. هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي ناليواري شخصيت آپا گلبدن جاويد مرزا لکي ٿي ته: مون کي سندس ڪتاب انڪري به وڻيو آهي ته هن ۾ ليکڪه نه صرف ملڪي ۽ سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. پر ڏاڍ اڳيان هار مڃڻ بجاءِ ان جو مقابلو ڪيو آهي. سنڌ جي ناليواري ليکڪه شبنم گل سندس لاءِ لکي ٿي ته هوءَ اڻ برابري، منفي روين ۽ غير انساني روين جي مستقل لکڻين وسيلي نشاندهي ڪندي رهي آهي. هوءَ پنهنجي لکڻين سان ڪمٽيڊ آهي. هن ڪتاب جي ٻنهي فلپ سائيڊ تي مير سردار چنڙ ۽ اصغر گگو طرفان پڻ ڪهاڻيڪاره جي تخليق جي باري ۾ رايا شامل آهن. هي ڪتاب سنڌ جي سڀني پيڪاڪ ڪتاب گهرن تي موجود آهي. ڪهاڻي سان دلچسپي رکندڙن دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشر ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي، هي ڪتاب 175 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا مقرر آهي، جيڪو سنڌ جي پيڪاڪ گهرن وٽ موجود آهي.