ماڻهن جا انبوهه ۽ ملڪ جي قسمت!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ماڻهن جا انبوهه ۽ ملڪ جي قسمت!​


    عبدالقادر جوڻيجو

    بي ايماني ڪا نه ڪبي، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪا نه رکبي، چوريءَ چڪاري کان پاسو ڪبو، ٻئي جي حق تي ڌاڙو نه هڻبو ۽ پرائي علم جي پورهئي تي پاڻي ڦيري پاڻ کي طرم خان ڪو نه سڏائبو، ڳالهه ڪبي ته خدا ڪارڻ شاهدي ڏبي. ٺيڪ آهي، هيءُ مضمون هن بندي جو ئي آهي، پر انهيءَ مضمون جو بنياد پاڻ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڄاڻو ڌرين جي سوچ سمجهه، ڇنڊڇاڻ ۽ پورهئي تي رکيل آهي. سو پهرئين انهن يارن جا نالا ۽ سندن ڪم ڳڻائبو، تنهان پوءِ پاڻ پنڌ پئبو ۽ اکين ڏٺو توڙي ڪنن ٻڌو حالن جو حال بيان ڪبو. روشني سدائين لونگهن مان ايندي آهي ۽ اندر جي روشنيءَ سان گڏجي ويندي آهي. سو پهرين خفتين جا نالا ۽ سندن ڪم. (1) جنيوا شهر جي ڪنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل بلغارين ٻوليءَ جي نوبيل لاريٽ ايلسيا ڪئنيٽي (Elias cannati) جي عوامي سائيڪيءَ تي ڪيل ڳوڙهي ۽ ڇنڊڇاڻ تي ٻڌل سندس حيرت انگيز ڪتاب Crowds and Power (انبوهه ۽ سگهه). ويهن سالن جي تحقيق کانپوءِ اهو ڪتاب لکيو ويو آهي، جنهن ۾ قديم آفريڪي قبيلن کان وٺي، هاڻوڪي دور جي عوامي سائيڪي جو چٽو ۽ ڳوڙهو جائزو وٺي پڙهندڙ جا پير اکوڙڻ جهڙا نتيجا ڪڍيا آهن. (2) وارسا ۾ دفن ٿيل (ڪجهه مهينا اڳ) پولش ٻوليءَ جي صحافي، ليکڪ ۽ شاعر کي ڪير نه سڃاڻي، جيڪو نه سڃاڻي، سو گهر مري. 27 انقلابن کي اکين سان ڏسندڙ ۽ چار ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا کائي ڪري به بچڻ واري هن محب ماڻهوءَ جا لکيل ٻه ڪتاب. هڪڙي ڪتاب جو عنوان آهي Shah of Shah (بادشاهن جو به بادشاهه) آهي، جيڪو ايراني انقلاب بابت آهي. ٻئي ڪتاب جو عنوان آهي Emperium (شهنشائيت). اهو ڪتاب سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ جي حالتن بابت لکيل آهي. (3) مختلف چينلن جا ڪيمرا مين، جن رومانيا جي حڪمران چائو سسڪو ۽ جارجيا جي چونڊيل صدر ايڊورڊ شورد نادزي جي حڪومتن جي خاتمي وقت انبوهن جا ڏيک جهٽيا يا وري وينزويلا جي صدر هوگو شاويز جي چونڊن ۾ چڙهڻ کانپوءِ سندس گهر جي چوڌاري گڏ ٿيل ڏهاڪو کن لک ماڻهن جو انبوهه، جيڪو آمريڪي سازش کان بچائڻ لاءِ پنهنجي صدر جي گهر جي چوڌاري ڪيئي ڏينهن موجود رهيو، انهيءَ انبوهه جا جهٽيل ڏيک. سو انهن ڪيمرامينن جو پورهيو به هن مضمون ۾ ڳڻپ ۾ اچي ٿو.

    اهي ته ٿيا معلومات جا ڪجهه ذريعا، پر انهن کان علاوه ڪجهه اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو به اچي وڃي ٿو. هت اهو به عرض ڪري ڇڏجي ته هن مضمون ۾ سياست جو عمل دخل ته آهي ئي آهي، پر هن بندي جو بنيادي مقصد سياست نه پر عوامي سائيڪي جا ڪجهه اوپرا پهلو آهن، جيڪي هڪ خالص ٽيڪنيڪي مامرو آهن، تنهن ڪري پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اهي انبوهن جي اجتماعي نفسيات دل ۾ جهلي پڙهن. سياسي مامرا ته وقت سان گڏ بدلبا رهندا آهن، پر عوامي سائيڪي دائم قائم رهندي آهي. سو اچجي اصلي ڳالهه تي.

    رکي رکي جيئن ڪوئا، مڪڙ ۽ ماڪوڙا اجتماعي خودڪشي ڪندا آهن، ائين حضرت انسان به رکي رکي اجتماعي خودڪشي ڪندو آهي، پر اهو عمل اوچتو ئي اوچتو جنم وٺندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي عمل جي پويان ڪي نه ڪي ڪارڻ هوندا آهن، اهڙن انبوهن کي سماجي نفسيات موجب کليل انبوهه (Open Mob) چئبو آهي. ڪارڻن تي پوءِ ٿا اچون، پهرئين اهو جائزو ٿا وٺون ته انبوهه آخر ڪهڙي بلا جو نالو آهي. ڪن ڪارڻن جي ڪري ڪنهن نه ڪنهن اطلاع ۽ سڏ تي يا پنهنجي ليکي اوچتو ئي اوچتو ماڻهو گهرن، آفيسن ۽ دڪانن مان نڪري گهٽين ۽ رستن تي ڪم سانگي يا وري ايندن ويندن کي پاڻ ۾ جذب ڪندا ويندا آهن. کين اها خبر نه هوندي آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ سندن منزل ڪهڙي آهي، انهيءَ ڪري اهڙي انبوهه جي چرپر سڌي قطار ۾ هئڻ جي بدران دائرن ۾ هوندي آهي. سندن منزل کي اڻ ڄاتو ۽ اڻ لکو نڪتو چئي سگهجي ٿو. انبوهه انهيءَ نڪتي ڏانهن ڊوڙندو ويندو آهي، البته انبوهه ۾ موجود ماڻهن کي اهو احساس هوندو آهي ته جيڪي ماڻهو ساڻن گڏ آهن، اهي سندن سڄڻ آهن ۽ جن جا دروازا پوريل هوندا آهن، اهي ڀل کڻي انبوهه جا حامي هجن، پر کين پنهنجو ازلي دشمن سمجهندا آهن. جيڪي ماڻهو اندر آهن، پر انهن مان جن جا دروازا کليل هوندا آهن، انهن کي صحافين وانگر اڻ ڌريو سمجهي معاف ڪري ڇڏيندا آهن ته بابا ڇٽل آهيو. اهڙي انبوهه ۾ موجود سڀيئي ماڻهو پنهنجي انفراديت ۽ شخصيت وڃائي هڪ انتهائي خطرناڪ شخص ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ اهڙي انبوهه کي هڪ ئي شخص سمجهيو وڃي. اهو انبوهه ايترو ته بي ڊپو ٿي ويندو آهي، جنهن کي نه پنهنجي ٻار ٻچي جو فڪر هوندو آهي ۽ نه ئي مال ملڪيت جو. اهڙي انبوهه کي اهو به احساس نه هوندو آهي ته زندگي ڇا آهي ۽ موت ڇا آهي، تباهي ڇا آهي ۽ امن سڪون ڇا آهي، ڌنڌو ڌاڙي ڇا آهي ۽ واندڪائي ڇا آهي. ائين اهو انبوهه انڌ ۾ هلندو آهي.

    اهڙي انبوهه ۾ جيڪي به ماڻهو شامل هوندا آهن، انهن مان هر شخص جي جسماني سگهه اصل کان چئوڻ تي وڌي ويندي آهي. جيڪي ڪمزور يا مفلوج ماڻهو هوندا آهن، انهن جو نروس سسٽم به چئوڻ تي سگهارو بڻجي ويندو آهي. اهڙي سگهاري ۽ خطرناڪ انبوهه جي اڳيان جيڪا به رڪاوٽ ايندي آهي، انهيءَ کي اڳيان هٽائي ڇڏيندو آهي. جي پڪي ڀت هوندي ته ڀڃي ڀور ٿيندي. جي ڪا چرندڙ پرندڙ شيءِ هوندي آهي ته انهيءَ کي هٽايو ويندو آهي. انبوهه ۾ هڪ قسم جي ڪشش به پاتي ويندي آهي، جيڪا چقمق وانگر هوندي آهي. جيئن چقمق لوهه يا رڪ جي شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، ائين ئي کين روڪڻ واريون يا امن امان قائم ڪرڻ واريون ڌريون هڪ يا ٻه ٽڪرون کائڻ کانپوءِ خود انبوهه ۾ جذب ٿي وينديون آهن ۽ انبوهه سان گڏ حرڪت ۾ اچي وينديون آهن. اهڙي ساڳي طرح انبوهه جو جاگرافيائي دائرو به وڌي ويندو آهي ۽ اهو انبوهه ٻين علائقن ۾ به اٿي کڙو ٿيندو آهي ۽ ايستائين وڌندو ويندو آهي، جيستائين ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرحد نٿي اچي. اهو انبوهه جيئن ته کليل هوندو آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ شامل ماڻهوءَ ڌار ڌار ٽولن ۾ ورهايل هوندا آهن، پر سائيڪي ۽ سگهه ساڳي هوندي آهي يا ائين کڻي چئون ته جيڪب آباد ۽ ننگر پارڪر هڪ ٿي ويندا آهن ۽ ”مون ۾ آهين تون“ جي صورت اختيار ڪندا آهن.

    جتي خود انبوهه ۾ چقمق وانگر ڪشش موجود هوندي، اتي ڪي شيون وري انبوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن شين مان پهريون وارو شيشي جو هوندو آهي، جيڪو ٽانڪائون هئڻ جي ڪري ڀڃڻ ۾ سولو هوندو آهي، ائين انبوهه ۾ موجود ماڻهو پهرئين ڪارن، جيپن، ٽرڪن، دڪانن، گهرن ۽ آفيسن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن، لٺين، سيخن ۽ مڪن سان ڀڃندا ويندا آهن. خود شيشي جي ٽڙڪڻ جو آواز ۽ چمڪو به انبوهه لاءِ پرڪشش هوندو آهي. انبوهه مان جيڪڏهن ڪو به ماڻهو لٺ يا پٿر استعمال ڪرڻ جي بدران هٿن کان ڪم وٺندو آهي ته انهيءَ کي پنهنجي هٿ جي ڀڳل هڏيءَ يا هٿ مان وهندڙ رت جو ڪو به احساس نه هوندو آهي ۽ نه ئي سندس سگهه ۾ ڪا گهٽتائي ايندي آهي. شيشي کان پوءِ ڪاٺ جو وارو ايندو آهي، ڇو ته ڪاٺ کي چيرڻ ڦاڙڻ سولو آهي. ائين در دريون ڀڄندا ۽ ڪرندا ويندا آهن. ڪاٺ سان گڏ ڪيتري به پڪي ڀت اچي وڃي ته اها به ڪيرائي ويندي آهي. اهي سڀ مرحلا پار ڪرڻ کانپوءِ باهه جو وارو ايندو آهي، جيڪو آخري مرحلو هوندو، جنهن ۾ وڏي پيماني تي ڀڃ ڊاهه به ايندي آهي. باهه ۾ وري پهريون وارو ٽائر جو هوندو آهي، جنهن مان وڏا وڏا دونهاڙ نڪرندا آهن. ٽائرن کان پوءِ ڪارون، بسون، ٽرڪون، پيٽرول پمپ، دڪان، آفيسون، گودام، ٻيون عمارتون انبوهه جي ارڙي ۾ اچي ويندا آهن ۽ ڀنڀٽ ۽ دونهاڙ وڏي پيماني تي نڪرندا آهن. انهيءَ ڇتڪتائيءَ ۾ هڪ قسم جي بي خبري به پاتي وڃي ٿي. بي خبريءَ ۾ وري اهو ڏٺو ويندو آهي ته باهه ڏيڻ وقت انبوهه کي اهو خيال به نه هوندو آهي ته سامهان ماڻهو مرن ٿا يا خود انبوهه ۾ موجود ماڻهو مرن ٿا ۽ پرائو نقصان ٿئي ٿو يا پنهنجو. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ ڇتڪتائيءَ جي عمل کي ڪرائيم نٿو چئي سگهجي. ڪرائيم ته اهو ئي هوندو آهي، جيڪو سوچي سمجهي ڪيو ويندو آهي.

    اهڙي انبوهه (جيڪو ڌار ڌار علائقن ۾ موجود هوندو آهي) ۾ سڏ ڏيڻ وارا ته موجود هوندا آهن، پهرئين وارن ۾ ٿوري گهڻي ليڊرشپ ته موجود هوندي آهي، پر اڳتي هلي ڪري ڪا به ليڊرشپ نه رهندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو ليڊر، ڇاڪاڻ ته انبوهه خود هڪ شخص ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو ئي پنهنجو پاڻ سرواڻ هوندو آهي. البت صحافين جي روپ ۾ آبزرور رهجي ويندا آهن يا اهي ماڻهو آبزرور هوندا آهن، جن جا نفسياتي رويا ڪنهن ڳري جبل وانگر مضبوط هوندا آهن، پر انهن جو تعداد انبوهه جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ نه هئڻ جي برابر هوندو آهي، جنهن کي ”اٽي ۾ لوڻ“ به چئي نٿو سگهجي. گڏوگڏ وڏي پيماني تي ٿيل تباهي ۽ باهين جا آڙاهه ته اهي ٻئي شيون پوري عروج تي پهچڻ کان پوءِ انبوهه لاءِ اهو سڀ ڪجهه Catharsis (دل جي باهه ۽ اوٻر ڪڍڻ) بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ انبوهه ۾ شامل ماڻهو آهستي آهستي هوش ۾ ايندا آهن ۽ هر ماڻهوءَ کان موڪلائي ويل شخصيت ۾ ڪردار موٽي ايندو آهي. اهڙي انبوهه کي جيڪڏهن طاقت جي زور تي ڇڙوڇڙ جي ڪوشش ڪبي ته اهو انبوهه وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ڇڙوڇڙ ڪرڻ وارن کي کائي کپائي ڇڏيندو آهي.

    هاڻي اچون ڪارڻن تي. اهڙي انبوهه جي اٿڻ جو ڪارڻ يا ته ڳچ زيادتيون هونديون آهن، جيڪي سالن کان ماڻهن جي اندر ۾ تشڪيل وٺنديون رهنديون آهن، يا وري اجتماعي سطح تي ڪو به هڪ اهڙو وڏو واقعو هوندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Larger than Life چيو ويندو آهي، جيڪو اجتماعي سطح تي ماڻهن کي شاڪ رسائيندو آهي. پوءِ اهو شاڪ سياسي يا اقتصادي يا ڪو ٻيو. جڏهين اهڙي انبوهه جي اندر جي باهه نڪري ويندي آهي ته انهيءَ کانپوءِ ڪو به Dark horse (ڪاري گهوڙي جو ڌڻي) روشنين تائين پهچي سنب سٽيندو آهي ۽ هوش ۾ آيل انبوهه جي اڳيان هڪ اهڙو ليڊر بڻجي ويندو آهي، جنهن کي چيلينج ڪري ئي نٿو سگهجي. اهو ليڊر هڪ اهڙو پير و مرشد هوندو آهي، جنهن جي هڪ اشاري تي سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويندو آهي. پر اهو ليڊر ڪير ٿو ٿئي، اها ڪنهن کي اڳ ۾ ڪا به خبر نه هوندي آهي، سندس نالو ۽ شڪل غائب هوندا آهن، پر نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. رهي ڳالهه اهڙي انبوهه کي روڪڻ جي ته ڪوشش ڪرڻ جي بدران ڇڏي ڏجي ته هو پنهنجي تباهه ڪن عمل ۾ مصروف رهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئون ته سماجي نفسيات جي ماهرن موجب اهو ئي هڪ علاج رهندو آهي، پر ڪو انهيءَ مان ڄاڻي.

    پاڻ جي سانڀر ۾ پنهنجي ئي ملڪ ۾ جيڪي انبوهه اٿيا يا انبوهه بڻجڻ کان اڳ جيڪي احتجاجي تحريڪون اٿيون ۽ انبوهه جي صورت اختيار ڪري نه سگهيون، اهي ڄاڻائڻ ضروري آهن.

    جنرل ايوب جڏهين حڪومت جون واڳون ورتيون، تڏهن ساڻس جنرل اعظم جهڙا ساٿي هئا، جن ماڻهن جي ڏکن تي پها رکيا، پر اڳتي هلي جڏهين اهڙن ساٿين کي ڇنڊي پاڻ کان پري ڪيائين ته هڪ ٻئي پويان عوام ڪيئي ڏاڍاين ۽ بي انصافين جو شڪار ٿيندو رهيو. جڏهين اهي ارهه زورايون، بي واجبيون ۽ زيادتيون وڌي وڻ ٿيون ته ماڻهن جي اندر ۾ احتجاج جا ڀنڀٽ ته ٻرڻ لڳا، پر انهيءَ اندروني احتجاج کي انبوهه ۾ آڻڻ لاءِ ڪنهن معمولي ڇهنڊ جي ضرورت هئي. جنهن کي پاڻ ”اڻ ڄاتو ۽ اڻ لکو“ ڄاڻائي آيا آهيون. ٻئي پاسي خود جنرل ايوب وٽ نفسياتي جنگ جا ڪي اهڙا ڄاڻو نه هئا، جيڪي انهن مامرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري منهن ڏئي سگهن. جنرل ايوب وٽ جي ڪا شيءِ هئي ته اها ملڪ امير محمد خان آف ڪالاباغ جي روپ ۾ رڳو ڏنڊو هو. جڏهين ته خود اهڙي قسم جو ڏنڊو انبوهه کي ڌڪڻ جي بدران وڌي وڻ ٿيڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اِهو اُهو به وقت هو جڏهين اڃا عوام کي اها خبر به نه هئي ته هڪ نڪتي يا ڪاري گهوڙي جي ڌڻيءَ جي روپ ۾ ڪو سنڌ جو شهزادو موجود آهي، جنهن جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. عوام کي ته رڳو ايتري ڄاڻ هئي ته پاڻ وزير آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جو رهواسي آهي ۽ سر شاهنواز جو پٽ آهي، الا الا خير سلا. ڪن ڪن کي اها خبر هئي ته پاڻ گندي ڪپڙي جو شوقين آهي، اهو به سنڌ جي حد تائين، باقي پنجاب ۽ سرحد جي غير قبائلي علائقي جي عوام کي ته سندس پوري نالي جي به خبر نه هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهين وزير خارجه جي عهدي کي لت هڻي جنرل ايوب کان ڌار ٿيو ته انهيءَ کانپوءِ جڏهين ٽرين جي ذريعي لاهور پهتو ته لکين ماڻهن جو انبوهه ڏانهنس ٽُٽي پيو ۽ سوين ماڻهو ٽرين جي اڳيان سمهي پيا، پوءِ ڀلي کڻي ٽرين مٿانئن چڙهي ڇو نه وڃي. ائين پنجاب پهرئين اک پٽي ۽ سنڌ پوءِ اک کولي. اهو کليل انبوهه هونئن ته وڻ وڻ سان وڄائي ڇڏي ها، پر ذوالفقار علي ڀٽو وٽ ڊگري ته قانون جي هئي، پر فطري طور تي پاڻ سوشل سئڪالاجسٽ هو. عوامي سائيڪيءَ جي نزاڪتن ۽ خطرناڪين جي کيس ڄاڻ هئي. پاڻ پنهنجو اهو اندروني ۽ فطري علم ڪم ۾ آندائين ۽ هڪ ليڊر جي حيثيت ۾ کليل انبوهه (Open Mob) کي بند انبوهه (Closed Mob) ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. ائين انهيءَ انبوهه ۾ لاڳيتي ترتيب اچي ويئي. جي ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اها ڄاڻ استعمال نه ڪري ها ته اڄ جيڪي ڪجهه ڏسون ويٺا، اهو نه هجي ها ۽ کليل انبوهه الائي ڪهڙا ڪِيس ڪري ها.

    جيتري قدر ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو تعلق آهي ته انهيءَ کان پوءِ M.R.D (ايم آر ڊي) جي تحريڪ ته هلي پر اها تحريڪ ڪيئي ماڻهو مارجڻ کانپوءِ به کليل انبوهه جي صورت اختيار ڪري نه سگهي، ڇاڪاڻ ته جنرل ايوب جي برعڪس جنرل ضياءَ الحق وٽ جنرل مجيب الرحمان جهڙي ٿنڪ ٽئنڪ موجود هئي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو همراهه دنيا جي چند ڳڻين تڻين نفسياتي جنگ جي ماهرن مان هڪ هو. سندس استعمال ڪيل گرن (Tactics) انهيءَ شاندار تحريڪ کي کليل انبوهه بڻجڻ نه ڏنو. جي اها تحريڪ انبوهه جي صورت اختيار ڪري ها ته اهو انبوهه سنڌ مان ٿيندو، پنجاب تائين پهچي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ پنجاب جي ڇهن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي باهه ڏيئي رک ڪري ڇڏيوهو.

    اچو سائين ٻئي انبوهه تي. تاريخ 18 آڪٽوبر تي جڏهين محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته لکين ماڻهو سندس استقبال لاءِ پهچي ويا ۽ چوڌاري مٿا ئي مٿا هئا. سڀ ڪجهه بلاڪ ٿي چڪو هو، اهو انبوهه جيئن ته ليڊرشپ جي چئي ۾ هو، تنهن ڪري انبوهه ۾ ٿريڊ لائين وانگيان هڪ ترتيب موجود هئي. اهو هڪ بند انبوهه (Closed Mob) هو. جڏهين انهيءَ ساڳئي رات ڪارساز وٽ محترمه تي حملو ٿيو ۽ لڳ ڀڳ 143 ماڻهو انهيءَ ۾ مارجي ويا ته اهو هڪ اهڙو وقت هو جو کليل انبوهه جنم وٺي ملڪ جي بارڊرن تائين پهچي وڃي ها، پر جيئن ته خود محترمه ۽ سندس اهم ترين ساٿي بچي ويا، جيڪي ليڊرشپ جي صورت ۾ موجود هئا، تنهن ڪري اهو انبوهه کلڻ جي بدران بند رهجي ويو ۽ خلقت ليڊرشپ جي پيدا ڪيل Thread Line سان ٻڌل رهي. پر تاريخ 27 ڊسمبر تي پنڊيءَ ۾ جڏهين محترمه جي شهادت ٿي ته پنهنجي ليڊر جي عدم موجودگيءَ ۾ کليل انبوهه جنم ورتو، جنهن ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود هيون، جيڪي آئون هن مضمون جي شروعات ۾ ڄاڻائي آيو آهيان. اهو انبوهه سنڌ مان ۽ پنجاب جي ٻن ٽن شهرن مان اٿيو، جنهن جي هر ڪنهن کي خبر آهي. انهيءَ انبوهه پنهنجن پراون کي به نه ڏٺو، ايتري قدر جو لاڙڪاڻي ۾ منهنجي مهربان دوست، پڙهي لکئي، چست ۽ پنهنجي پيپلز پارٽيءَ تي سر گهورڻ واري محترمه شهيد کي ويجهو رهندڙ اياز سومري (هاڻي وزير قانون) جي گاڏي به ساڙي ويئي، ۽ سندس گهر جي درن درين کي به انبوهه نه بخشيو. اهڙي ساڳئي طرح پيپلز پارٽيءَ جي ڏاڍن مڙسن جيالن وساڻ ڀائرن جو به انبوهه نقصان ڪيو. ڇاڪاڻ ته انبوهه نه ڏسندو آهي ته ڪير ڪير آهي. ٻئي پاسي امن امان قائم ڪرڻ وارين ڌرين کي جذب ڪرڻ لڳو، جنهن جي شروعات قاسم آباد ۽ سانگهڙ کان ٿي. تنهن کان علاوه انبوهه کان رهجي ويل علائقا به رهڙ ۾ اچڻ شروع ٿي وڃن ها، جنهن جو پهريون ڌڪ سنڌ سان لڳندڙ پنجاب جا ضلعا هجن ها ۽ پوءِ اهو انبوهه اڳتي وڌڻ لڳي ها ۽ پنجاب جا سڀ ضلعا وٺجي وڃن ها. بلوچستان ۾ جيئن ته قبائلي سسٽم موجود هو، جيڪو ڏاڍو سخت جان ٿيندو آهي ۽ انبوهه کي جنم وٺڻ نه ڏيندو آهي. رهيو پختون خواهه صوبو ته اتان جي قبائلي نظام واري حصي کي ڇڏي ڪري باقي علائقو به انبوهه جي رنگ ۾ رنگجي ها. انهيءَ وقت انبوهه جي ڪاررواين کي سختيءَ سان روڪڻ يا چپڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها ته اهو انبوهه سڀني اهڙين قوتن کي به پاڻ ڏانهن ريڙهي وڃي ها. انهيءَ وقت انبوهه جيڪو نقصان ڪيو، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي، اهڙي ليڊرشپ نه رهي هئي، جيڪا انهيءَ کليل انبوهه کي بند انبوهه ۾ تبديل ڪري سڄي ملڪ مٿان ڇائنجي وڃي ها. منهنجا ذاتي لڳ لاڳاپا ته ونگي جي ڄام ارباب غلام رحيم سان هئا، پر انهيءَ هوندي ڪري به، توڙي انبوهه جي خصوصين کي ڄاڻندي ڪري به آئون انهيءَ انبوهه جي حق ۾ هوس ۽ جوش ۾ به گم هوس. پر پاڻ سان وري اها جٺ ٿي، جو جتي پنهنجي گهر ۾ هوس (ڄامشورو)، اهو گهر ڪنڊائتو، اڪيلو ۽ انبوهه کان پري هو، تنهن ڪري هڪڙي خوش قسمتيءَ کان رهجي ويس. جي قاسم آباد ۾ هجان ها يا ڄامشوري واري ڦاٽڪ وٽ گڏ ٿيل انبوهه تائين پهچي سگهان ها ته GBS جي بيماريءَ جي ڪري منهنجن ٽنگن ۽ ٻانهن جو نروس سسٽم جيڪو ٿورو گهڻو ڪمزور رهجي ويو آهي، ته انبوهه ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ منهنجو اهو ٿورو گهڻو نقص به ختم ٿي وڃي ها ۽ چئوڻ تي طاقت به جسم کي ملي ها. پر بدنصيبيءَ جي ڪري انبوهه کان پري رهجي وڃڻ جي ڪري اهو سڀ ڪجهه نه ٿيو. (باقي اهو اتفاق آهي ته نروس سسٽم جي نون آيل ڊرگس جي ڪري منهنجو اهو جسماني نقص ختم ٿي رهيو آهي). البته منهنجي آفيس جي جن دوستن انهيءَ انبوهه ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، تن جي پٺي ٺپريم ته ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو اٿو. پر اها به تڏهين، جڏهين انبوهه پنهنجي اندر جي باهه ٺاري سڪون ۾ اچي ويو ۽ مون کي قاسم آباد وڃڻ جي گهٽي هٿ آئي ۽ انبوهه جي اندر جي باهه وسامي چڪي هئي.

    پر جيستائين اهو انبوهه پنهنجيون اهي تباهه ڪن ڪارروايون ڪندو رهيو، ايستائين نه ته فوج ٻاهر آندي ويئي ۽ نه ئي وري اهڙي انبوهه کي سختيءَ سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڪراچيءَ ۾ ته ڪجهه ڪارخانن يا بند جڳهين اندر باهه جي ڪري ماڻهو به مئا، پر پوءِ به انهيءَ انبوهه کي سختيءَ سان چٿڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي. اها سياڻپ ڪنهن ڪئي، سا ته خدا ٿو ڄاڻي يا اسلام آباد ۾ ويٺل صاحب اقتدار ٿا ڄاڻن. پر انومان اهو ٿو چوي ته ٿي سگهي ٿو، اها سياڻپ انهيءَ وقت جي آءِ ايس آءِ جي سرواڻ ۽ انٽيليڪچوئل جنرل پرويز اشفاق ڪيانيءَ جي هجي، جيڪو تمام گهڻو پڙهندو ۽ سوچيندو آهي ۽ کيس اهڙن انبوهن بابت ضرور ڄاڻ هوندي. اها ٻئي ڳالهه آهي ته انهن انبوهن ۾ شريڪ ماڻهن وڏي پيماني تي پولنگ اسٽيشنن تي وڃي پ پ کي ووٽ ڏئي ٻيو ڀيرو پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي، جيتوڻيڪ پ پ ۾ ڪا اهڙي قيادت نه هئي، جهڙي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هئي، پوءِ به ڪم ٿي ويو.

    هاڻي اچون تازي واقعي تي، جنهن کي لانگ مارچ جو نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ وڪيلن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. انهن ساڳين وڪيلن جنرل مشرف جي زماني ۾ به لانگ مارچ ڪئي هئي، پر اها لانگ مارچ انبوهه جي صورت اختيار ڪرڻ بدران تحريڪ، جلسن، جلوسن ۽ ريلين تائين محدود رهي، پر جيڪا تازي لانگ مارچ شروع ڪئي ويئي، اها انبوهه جي صورت اختيار ڪري ويئي ۽ وڪيلن جي بدران انبوهه پنهنجو پاڻ ليڊر بڻجي ويو. جيڪڏهن انهيءَ لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم نه ورتو وڃي ها ۽ وچ ۾ وڏيون وڏيون رڪاوٽون کڙيون نه ڪيون وڃن ها ته پوءِ انبوهه جنم نه وٺي ها، پر حڪومت جا سختيءَ سان چٿڻ جا اهي هٿرادو ۽ وائڙا طريقا استعمال نه ڪيا وڃن ها ته شايد انبوهه جنم نه وٺي ها. حڪومت وارا پاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻي ويٺا. ائين وڏي ۾ وڏو انبوهه پهرئين لاهور مان دکيو ۽ ڀڙڪو کاڌائين. ميڊيا کي پاسي تي رکو، پر هن بندي جا لڳ لاڳاپا لاهور جي انتهائي ذهين بندن بندين سان آهن، جن جو گهڻو ڪري تعلق کاٻيءَ ڌر سان آهي، پر ڪنهن به ڌر سان لڳ لاڳاپي جي باوجود سندن نظرئي جي بدران حقيقتن تي نظر رهندي آهي. ميڊيا وٽان ايتري معلومات پاڻ کي ته نه ملي، پر اصلي حقيقت جو اصلي پتو لاهوري دوستن جي انهيءَ گروهه وٽان پيو، جيڪو پنهنجيءَ جاءِ تي حيرت انگيز حقيقت آهي. اهو هڪ اهڙو ئي انبوهه هو، جنهن جون خصوصيتون هن مضمون جي مهڙ ۾ ڄاڻائي آيو آهيان. انهيءَ انبوهه ۾ لڳ ڀڳ لاهور جو هر ماڻهو سڌي ريت يا اڻ سڌيءَ شريڪ ٿي ويو. وڪيل ته واڙجي چڪا هئا، پر انبوهه جي صورت ۾ عوام ٻاهر موجود هو. انهيءَ انبوهه ۾ لٺ تي هلندڙ پوڙهين کان وٺي زورآور نوجوانن تائين ۽ وهيل چيئر تي ويهي هلڻ وارن مفلوج ماڻهن کان وٺي ٻارن ۽ وڏن تائين خلقت نڪري آئي هئي ۽ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويئي. انهيءَ موقعي تي محترم نواز شريف قلم نمبر 144 ٽوڙي نه نڪري ها ته جيڪر پنجاب جا ڪيترائي شهر باهه ۾ وڪوڙيل هجن ها ۽ اها ئي حالت پختون خواهه صوبي جي هندڪو بيلٽ جي شهرن جي ٿئي ها. اهڙي حالت ۾ وڪيل به ڇنڊجي وڃن ها ته ليڊر به لڙهي وڃن ها. پر نواز شريف جيڪا همت ڏيکاري، انهيءَ جي نتيجي ۾ سندس روپ ۾ هڪ اهڙو ليڊر بڻجي ويو، جنهن کليل انبوهه کي بند انبوهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. خود نوازشريف جي شهرت جو ڪارڻ سندس ننڍو ڀاءُ شهباز شريف هو، جنهن پنهنجي شاندار مئنجمينٽس جي ڪري پنجاب جي غريب عوام جي داد رسي ڪئي هئي ته ٻئي پاسي وٽس چوڌري نثار عليءَ کان وٺي سينيٽر پرويز رشيد تائين اٺن ڏهن ماڻهن جو فائر برانڊ ۽ ماهرن جو ٽولو موجود هو. انهن خصوصيتن جي ڪري نواز شريف جڏهين انبوهه جي وچ ۾ وڃي پيو ته انبوهه کيس ليڊر مڃي ڪري پنهنجو اصل روپ (کليل انبوهه) بدلائي ڇڏيو ۽ اهو انبوهه نواز شريف جي چوڌاري مڙي اڳتي پنڌ پيو. ساڻس شريڪ خلقت لاهور جي ٻئي ڇيڙي تائين وڃي پهتي. انهيءَ خلقت ۾ پيدل هلندڙ ماڻهن جو تعداد گاڏين ذريعي هلندڙ ماڻهن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هو. ائين کڻي چئون ته گاڏين وارا اتي به لوڻ جي برابر هئا. جيڪڏهن رڳو اسين لاهور شهر تائين محدود رهون ته پيدل خلقت کي پندرهه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو. نواز شريف سان گڏ اها پيدل خلقت گجرانوالا تائين به نواز شريف سان گڏ رهي، جڏهين ته پنجاب جا ٻيا شهر ۽ ڳوٺ ويندي پنڊيءَ تائين انبوهه جي بخار (Fever) ۾ ورتل هئا. انهيءَ صورت ۾ جيڪڏهن اهو انبوهه اسلام آباد پهچي ها ته ڳالهه گوڙ کان چڙهي وڃي ها ۽ اهي امڪان هئا ته اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ اهو انبوهه ايڏو وڌي وڃي ها، جو ليڊرشپ جي هٿ مان به نڪري کليل انبوهه بڻجي وڃي ها ۽ ملڪ جي قسمت ڪو ٻيو رنگ اختيار ڪري ها، گهڻو ڪجهه تباهه ٿي وڃي ها، جنهن جو تصور به ڪرڻ ڏکيو آهي. اهڙي صورت ۾ اڻ ڄاتي ۽ اڻ لکي نڪتي تائين پهچڻ کان پوءِ ڪو نه ڪو ڪاري گهوڙي(Dark Horse) جو ڌڻي ائين نڪري اچي ها، جيئن ڪنهن زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو روشنين ۾ نروار ٿيو هو. پر ايستائين وڻ وڻ سان وڄي وڃي ها، ڪاري گهوڙي جي ڌڻيءَ کي ڪک ميڙڻا پئجي وڃن ها.

    ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، جنهن ۾ رنگ رنگ جا ماڻهو موجود آهن. انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي انهيءَ انبوهه ۾ شامل ٿي وڃن ها. ڪي ماڻهو اهڙا ويٺل آهن، جيڪي انبوهه تي سخت قدم کڻندي، رڪاوٽون کڙيون ڪندي پنهنجو اجايو ضد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ۽ پاڻ سان گڏ ٻين جو سر به رولين ها. پر ايڏي وڏي پارٽيءَ ۾ڪي اهڙا سياڻا ماڻهو به پاتا وڃن ٿا، جيڪي ايندڙ طوفان کي روڪڻ جا اهڙا طريقا استعمال ڪن ها، جن ۾ نواز شريف سان ٺاهه ڪري وٺن ها ۽ موٽ ۾ نواز شريف اڃا انهيءَ پوزيشن ۾ هو جو ڪنٽرول اٿارٽي جي صورت ۾ انبوهه جي طوفان کي روڪي سگهي ها. پر حالتن مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جي انهن ٽنهي گروهن کان هٽي ڪري پاڪستان فوج جي انٽيلڪچوئل ڪمانڊر ان چيف جي صلاح کي مڃيندي صدر مملڪت محترم آصف علي زرداريءَ به سياڻپ کان ڪم وٺندي اها ڳالهه مڃي ورتي. BBC جون رپورٽون اهو ٿيون ٻڌائين ته پريزيڊنٽ هائوس ۾ پورا ٽي ڪلاڪ جناب صدر، جناب وزير اعظم ۽ جناب ڪمانڊر ان چيف جي صلاح سولي هلي، ۽ نيٺ سڄي ڳالهه وڃي صحيح رخ تائين پهتي. خود اسان جي سائين جناب غوث علي شاهه جو به بيان اهو ئي آهي.

    ائين صدر آصف علي زرداريءَ سياڻن جي صلاح کي مان ڏنو، نواز شريف جو مطالبو مڃيائين. موٽ ۾ نواز شريف سندس انهيءَ قدم کي مان ڏيندي، اڃا تائين بند ٿيل انبوهه کي هڪ ليڊر جي روپ ۾ حڪم ڏنو ۽ جيستائين اهو بند انبوهه وڃي کليل انبوهه جو روپ وٺي ها، انهيءَ کان اڳ ۾ نواز شريف جي چوڻ تي ڇڙوڇڙ ٿيڻو پئجي ويو ۽ ملڪ جي قسمت برباد ٿيڻ کان بچي ويئي. رهي ڳالهه ڪريڊٽ کڻڻ جي ته اهڙن مامرن ۾ ڪريڊٽ پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ ڏانهن به وڃي ٿو، ته دانشور جنرل ڪيانيءَ ڏانهن به وڃي ٿو، ڪنهن هڪ ڌر ڏانهن نٿو وڃي. انهيءَ ڪري ٽنهي ڌرين کي عرض آهي ته ٻيهر جيڪا وک کڻن، ڇنڊي ڦوڪي کڻن ته جيئن سندن وجود برقرار رهي. باهه هڪ ننڍڙي تيليءَ مان نڪرندي آهي، ڀنڀڙ به هڪ ننڍي تيليءَ مان جنم وٺندا آهن. سو اهو خيال رکيو وڃي. پاڻ جو خيال ته اهو ئي ٿو چوي، پوءِ جنهن جي جيڪا مرضي. باقي سڀ خبرون رب جي ذات کي.

    روزاني ڪاوش تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو