اجائيون ڦڙٻاٽيون ------- عبدالقادر جوڻيجو هٿ جي گهڙي ڪا نه هڻبي، آڏي اڇل نه ڏبي، ڳالهه ۾ وَٽ ڪو نه وجهبو. ٺلهيءَ کنوڻ تي مال ڪاهي منهن نه ڪبو، دڦڪ تي بندوق ڪو نه ڇوڙبي ۽ سينڍ ۾ مارئي ڪا نه ڳائبي، انٽرنيٽ تان اڌوري معلومات کڻي دنيا جي فن پارن جو ٻيڙو ڪو نه ٻوڙيو، جيڪا به ڳالهه ڪبي، اها ٺاهي ٺوڪي ڪُنجهي جي ٿانءَ وانگر وڄائي پوءِ ڪبي. جيڪڏهن ڪو مڃي ته به واهه واهه، جيڪڏهن ڪو نٿو مڃي ته به سڄڻ واهه واهه. ڇاڪاڻ ته سهپ پاڻ جي نس نس ۾ ويٺل آهي، تنهن ڪري جنهن کي جيئن کپي تيئن وڃي آکي ۽ لکي. اهو انهيءَ جو حق آهي، پرائي حق تي ڌاڙو ڪو نه هڻبو، ڪنهن جو وات ڪو نه سببو ۽ نه ئي قلم کي ٻنجو ڏبو. پاڻ جي ريت آهي ته ڳالهه ڪريو ۽ اڳتي هليا وڃو. ڪاوش جهڙي پاپولر اخبار ۾ پاڻ نالي ۾ نهال دانشورن، پنن تي مکيون ماريندڙ اسڪالرن ۽ ڪنهن نه ڪنهن ازم (Isms) جا ٺپا کڻي هلندڙ ليکڪن لاءِ ڪو نه لکون، نه ئي وري اهڙن مردن ۽ عورتن لاءِ لکون، جن ڀلي ادب جو الف به نه لکيو هجي، پر ڪرسيءَ جي زور تي مهورتون ڪري، صدارتي ڪرسيون والاري ۽ فنڪشن ۾ ڪن ڪڍي سنڌ جا وڏا دانشور ۽ دانشورياڻيون بڻجي وينديون آهن. انهن مردن ۽ عورتن جي اها سستي شهرت تڏهن اچي هيٺ ڦهڪو ڪندي آهي، جڏهن سرڪاري ڪرسي سندن هيٺان کسڪي ويندي آهي ۽ کين تقريرون لکي ڏيندڙ لاٺڙيا ۽ گاڳڙيا سندن محفل ڇڏي وڃي ٻين جي محفل وسائيندا آهن. وارا ڄمارا ته رکيائي رکيا آهن، پاڻ جڏهين به اخبار ۾ لکندا آهيون ته خلقت خدا جي لاءِ لکندا آهيون، ڇاڪاڻ جو هيءَ اخبار شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن کان وٺي جهرجهنگ تائين به پڙهي ويندي آهي. جيڪڏهن ڀلا ڪو اڻ پڙهيل هوندو آهي ته اهو به ٻئي کان پڙهائي خبر ڪڍندو آهي ته هائو ٻيلي! ملڪ ۾ ڪو حال آهي يا صفا بيحال آهي. سو جيڪڏهن ڪو ڏکيو اکر اچي وڃي ته انهيءَ جي چٽائي ضروري آهي. اهڙو ئي هڪ اکر آهي ”ڪليشي“ (Cliché) يارهن لکن اکرن جي معنيٰ ڄاڻائيندڙ سيلن تي هلندڙ فرينڪلن وارن جي ڊڪشنريءَ ۾ انهيءَ اکر جي معنيٰ ٿئي ٿي ”مدي خارج ۽ سوائي توائي موضوعن، ڪردارن ۽ حالتن جو ذر ذر ذڪر ڪرڻ“. انهيءَ اکر کي سولي سنڌيءَ ۾ ”اجايو رينگٽ“ به چئي سگهجي ٿو. گوري بادشاهه جي ملڪ برطانيا جي اڙٻنگ، شاهه شاهي جواريءَ ۽ ويليم جون گوريون کائي مٿان شراب ڌوڪيندڙ اڦٽ مار مواليءَ ۽ مهانگي ليکڪ توڙي جنرلسٽ مارٽن ايمس (Martin Amis) جو تازو ڪتاب آيو آهي، جنهن جو عنوان آهي (War Against Cliché) (اجائي رينگٽ خلاف جنگ). انهيءَ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ دل گهريو ته اجائي رينگٽ رينگاٽ تي لکجي ۽ ڪجهه ٻيا مامرا به اٿارجن. ٽي وي ڏسو، اخبار پڙهو، سياست جي موالين جون ڳالهيون ٻڌو ته هڪڙو جملو ڦري گهري اچي اوهان جي مٿي تي لڳندو ۽ اوهان جي مٿي مان چڻنگون نڪري وينديون. خيرن جو اهو جملو آهي ”بدترين جمهوريت به بهترين ڊڪٽيٽرشپ کان وڌيڪ چڱي آهي“. ڏيو منهن، پٽيو مٿو ۽ جهٽيو هوا، ڪوئو ٻاهر، ٻلي اندر. پٽڪو پيرن هيٺ، جتي مٿي تي، سبق ئي اونڌو. اهو شوشو ڇڏيو ته الائي ڪهڙي ماڻهوءَ آهي، پر آهي ميڊيا جي ڪارگذاري. ميڊيا ۾ سڀ سڄا ٿوروئي ويٺا آهن. بهرحال جنهن به همراهه اهو شوشو ڇڏيو آهي، انهيءَ جي نظر ۾ شايد جمهوريت رڳو ووٽ ڏيڻ جو ٻيو نالو آهي، کيس اها سمڪ ئي ناهي ته ووٽ ڏبا آهن، پر گروي ڪو نه رکبا آهن، جو هڻ ٽجوڙيءَ ۾ ڏي چاٻي. حقيقت ۾ جمهوريت جون اصلي تقاضائون ووٽ جي ڏي وٺ کانپوءِ شروع ٿينديون آهن، جنهن جو بنياد داد رسيءَ تي ٻڌل هوندو آهي ۽ حق ڇنڊي ڏيڻ جو ٻيو نالو آهي. انصاف گم ته معنيٰ جمهوريت گم، ميرٽ جو قتل عام معنيٰ جمهوريت جو قتل عام، واعدي خلافي پڙ تي ته جمهوريت پڙ کان ٻاهر. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ڪا سٺي ”جمهوريت“ آهي ته اها وري ”بدترين“ ڪيئن ٿي؟ جيڪڏهن ڪا شيءِ ”بدترين“ آهي ته اها وري ”جمهوريت“ ڪيئن ٿي؟ ”بدترين“ ۽ ”جمهوريت“ جو پاڻ ۾ کوڙو ئي نٿو لڳي. پر جيڪڏهن ڀلا تنهن هوندي به اهڙي اجائي رينگٽ کي مڃجي به سهي ته پوءِ ”بدترين جمهوريت“ جي معنيٰ اها ٿيندي ته يا ته ملڪ ۾ انارڪي آهي ۽ جوزف هيلر (Joseph Heller) جي مشهور زمانه ناول Catch 22 وانگيا ڪو اهڙو ڦيٽارو پيل آهي، جو ڪو نه ٻڌي ڪنهن جي، اک نه ڏسي گوڏي کي. پر جيڪڏهن ڀلا انارڪيءَ وارو ڦيٽاڙو ناهي ته پوءِ اها ”بدترين جمهوريت“ سويلين مارشل لا هوندي، جنهن ۾ موچڙي جو زيپٽ پيو پوندو. انڌيون پيون رليون سبنديون ۽ رئيس پيا اوڍيندا. ائين ته پوءِ هٽلر به چونڊ کٽي آيو هو ۽ اليڪشن باقائدي سويپ ڪئي هئائين، يا ائين کڻي چئون ته ووٽ ٻهاري کنيا هئائين. پر پوءِ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اهڙو وٺي چوندڙ ڏنائين جو هڪڙي پاسي ساٺيڪو لک مرد، عورتون ۽ ٻار قتل عام جو شڪار بڻيا ته ٻئي پاسي خود جرمني ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويو. اها ته ڪا جمهوريت ڪا نه چئبي، جٺ چئبي. سو منهنجا مٺا جمهوريت بدترين هوندي نالي، اهڙي ڪنهن شيءِ جو ڪو وجود ئي ناهي. البته ڪنهن به جمهوريت ۾ ڪميون پيشيون هونديون آهن، ڪجهه ڪمزوريون هونديون آهن، انهيءَ ڪري جمهوريت کي ”بد“ ته چئي سگهجي ٿو، پر ”بدترين“ چئي نٿو سگهجي. اهڙي ساڳئي طرح” بهترين ڊڪٽيٽرشپ“ جو ڪو وجود نه هوندو آهي. اها شيءِ يا ته ”ڊڪٽيٽرشپ“ هوندي آهي، جيڪڏهن ڊڪٽيٽرشپ نه هوندي آهي ته پوءِ ”بهترين“ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي شيون هڪ ٻئي جو ضد هونديون آهن. جيڪڏهن ڪو ”ڊڪٽيٽرشپ“ کي ”بهترين“ جو خطاب ٿو ڏئي ته پوءِ اهو ته ائين ٿيندو ته جيئن ڪو اوهان کي اچي اهو چوي ته: ”يار، درياءَ ۾ پاڻي هو ئي ڪو نه، انهيءَ ڪري ٻڏي ويا آهيون. وارو ڪريو ٽوٻا گهرائي لاش هٿ ڪريو.“ يا وري ڪو ائين چوي ته: ”يار، روز ٿا موچڙا کائون ۽ مٿا ڦاڙائيون، انهيءَ ڪري ڏاڍي سک ۽ آرام ۾ آهيون“. اصل ڳالهه ئي اونڌي. خدا جا بندا، لفظن جي به ڪا حرمت ٿيندي آهي، جملن جي به ڪا معنيٰ ٿيندي آهي. اهڙا جملا گهڙي گڏهين کي گج ته نه پارائيو، اهڙي اجائي رينگٽ کان ائين چڱا آهيون، خلقت جي ساڃهه ته نه وڃايو. اڳتي لاءِ سوچڻ ۽ رٿابندي ڪرڻ کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ”ڊگهي نظر رکڻ“ افسوس جو اسان ماڻهن وٽ ڊگهي نظر ناهي، جيڪڏهن هجي ها ته ائين نه ٿئي ها. ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ ضروري آهي، اصل جهيڙو ٻوليءَ تان شروع ٿيو. پنجاب ۾ سرائيڪي ٻوليءَ وارا پنجابي ٻوليءَ وارن سان اٽڪي پيا. علمي ادبي جهيڙو هو، اديبن ۽ شاعرن جو جهيڙو هو، سرائيڪي وارن جو خيال هو ته پنجابي سندن ٻوليءَ جو حق ٿا مارين. جڏهن ته پنجابي ٻوليءَ وارن کي وري اها شڪايت هئي ته اهي پنهنجي ٻوليءَ جو ئي حق وٺي نٿا سگهن ته ٻي ٻولي وارن جو حق ڪيئن ماريندا. اهو جهيڙو پاڻ جي سامهون به دکيو، پر پاڻ چپ رهياسين، ڇاڪاڻ ته ٻنهين پاسان عزت ملندي پئي آئي آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جي حق لاءِ روئي رڙي رهيون هيون ۽ ٻئي ڌريون حق تي هيون. اهو سڀ ڪجهه هوندي ڪري به منهنجي اندر ۾ شڪ ڪر کنيو ۽ اها حالت هئي، جنهن لاءِ چوندا آهن ”اٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهين ٻورا پئي سبيا“ اهو کٽڪو بيٺو هو ته جيڪڏهن اديبن ۽ شاعرن جو اهو حقي واجبي ڦڏو متان سياستدانن جي ور چڙهي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڪم خراب ٿي ويندو. جيڪڏهن سياست کي ٿو ڏسجي ته شروع کان وٺي اڄ تائين سرائيڪي بيلٽ جي سياستدانن جو پڙ ڳرو رهندو پئي آيو آهي. فن ۽ دانش جي دنيا ۾ به سرائيڪي بيلٽ جو پڙ ڳرو آهي. هاڻي ته حسن جي دنيا ۾ سرائيڪي ملهه ماريو بيٺا آهن، پر سياستدان کي کپي ڪو نه ڪو اشو انهيءَ هوندي به سرائيڪي ٻوليءَ جي تحريڪ وڌندي سياستدانن جي ور چڙهي ويئي ۽ ڪافي سال اڳ نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو، جو سرائيڪي ٻوليءَ جي تحريڪ سرائيڪي صوبي جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويئي. دهل وڳو مڪو متو. سرائيڪين کان وڌيڪ اسان جا سنڌي ڀائر سرگرم ٿي ويا. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو آهي ته هوم سِڪ هئڻ جي ڪري اسان وارن همراهن جي پنجاب ڏانهن اٿل نه هئڻ جي برابر هئي، انهيءَ ڪري اهي دوست پنجاب جي سوشيو پوليٽيڪل حالتن کان گهڻي قدر اڻ واقف رهندا پئي آيا آهن. ٻيو سبب ڊگهي نظر جي کوٽ هئي/آهي. سو اسان انهيءَ هُش ۾ خوش رهياسين ته اجهو ٿا پنجاب صوبي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪريون ۽ پنجاب جي اڪثريت کي ختم ڪريون. اهي دوست نئين صوبي جي انهيءَ هام کي نه سمجهي سگهيا ته اهو صوبو صرف ٻوليءَ جي بنياد تي کڙو ٿي سگهي ٿو. صرف ٻوليءَ جي بنياد تي يارن کي پنجاب ٽوڙڻو هو ته پوءِ ٻيا آواز به ائين ها. تازو سرحد صوبي کي جيڪو نالو ڏنو ويو آهي ”پختون خواهه“ اها به ايڏي وڏي غلطي آهي، جيڏي سرائيڪي صوبي جي گهر. حقيقت ۾ هي ڳالهيون پاڻ کي اڳ ۾ ئي لکڻ گهرجن ها، جڏهين پاڻ کي کٽڪو ٿي بيٺو هو. پر دير آيل درست آيل. شڪر ٿيو جو يارن کي اها کڙڪ نه رهي ته پنجاب کي ٻوليءَ جي بنياد تي ٻن صوبن ۾ نه، پر ٽن صوبن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙو سرائيڪي، ٻيو پنجاب ۽ ٽيون پوٺوهار. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اهو اصول ٻين صوبن تي به لاڳو پئي ٿي سگهيو. هلو سائين پنجاب کي ٽن صوبن ۾ ورهايوسين. هاڻي اچو صوبي سرحد تي. سنڌالاجي گهمڻ کانپوءِ انهيءَ وقت جي چيف منسٽر آفتاب شيرپائو کي انهيءَ شوق اچي تنجي کنيو ته ”پختونالاجي“ جي نالي سان پشاور ۾ ڪو اهڙو ادارو قائم ڪجي. وفد به سنڌالاجيءَ موڪليو ويو، پر پوءِ خبر پئي ته صوبي سرحد جي هندڪو ٻولي ڳالهائڻ وارن جي مخالفت سبب اهو ادارو جڙي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته سرحد صوبي ۾ ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. پنجاب صوبي کي ورهائڻ وارو پينڊورا باڪس کلي سرحد تائين پهچي ها. مطلب ته ٻوليءَ جي بنياد تي صوبي سرحد مان ٻه صوبا بڻجن ها. هڪڙو ”هندڪو“ صوبو، ٻيو ”پختونخواهه“ صوبو. پر وڏي جٺ ته بلوچستان سان ٿئي ها، جتي هڪ نه، پر چار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هڪ ته پشتو آهي. پشتو جو منهن پشتو ڏانهن، يعني ته بلوچستان جو پشتو واروعلائقو صوبي ”پختونخواهه“ جو حصو بڻجي ها. ٻيو صوبو ٿئي ها بلوچي زبان وارو. بلوچستان انهيءَ بلوچستان ۾ سنڌ جي اتر اولهه وارا يعني جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ جا اهي حصا بلوچستان کي ملن ها، جتان جي اڪثريت بلوچي زبان ڳالهائي ٿي. ٻيو صوبو بڻجي ها” براهوي“ جتي براهوي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. بلوچستان ۾ جيڪا چوٿين ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، اها آهي سنڌي. انهيءَ حصي ۾ لس ٻيلي جو ڳچ حصو ۽ ڪڇيءَ واري پٽي وري سنڌ صوبي جي حوالي ڪئي وڃي ها. باقي ٻوليءَ جي انهيءَ اصول کي سامهون رکندي جيڪو سنڌ جو حشر نشر ٿئي ها، اها دنيا ڏسي ها. تنهن ڪري پاڻ جي سنڌ جي سياستدانن کي گذارش آهي ته اهي ڊگهي نظر رکندي، پنجاب صوبي کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين. ڇاڪاڻ ته جيڪو ٽوڙهو پنجاب جي ڳچيءَ ۾ پوندو. اهو ساڳيو ٽوڙهو سنڌ سميت ٻين صوبن جي به ڳچيءَ ۾ پوندو. انگريز ڪو چريو ته نه هو، جو چار صوبا ٺاهي ويو. مهرباني ڪري چئني صوبن کي سلامت رهڻ ڏيو، عقل ڊوڙايو ته جيڪا تيلي پنجاب کي ساڙيندي، سا تيلي سنڌ کي به ساڙي وجهندي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون ڳالهيون پاڻ جي سرائيڪي ٻوليءَ جي اديبن ۽ شاعرن کي ڏکيون لڳنديون هجن. پر کين اهو به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هڪڙو در کليو ته ٻيا در به کلندا. هي سرائيڪي صوبو بڻيو به سهي ته اهو به ٻه اڌ ٿي ويندو، محمد علي دراني (سابق وزير اطلاعات) جهڙا سياستدان هاڻي کان ئي سراڻ تي چڙهيو هلن ته بهاولپور رياست قانوني طور تي صوبو آهي ۽ ٻين سرائيڪين سان ٻڌل ناهيون. اجائيون ڦڙٻاٽيون سر رولي ڇڏينديون. مغرب جي انهن دانشورن سان سندن قبرن ۾ الائي ڪهڙي جٺ هوندي. جيڪي چئي ۽ لکي ويٺا ته مڊل ڪلاس ئي ملڪ ۾ سڌارا ۽ انقلاب آڻيندو آهي. ڳالهه ته صحيح ڪئي اٿن، ڪو ڏٽو ڪو نه هنيو اٿن، پر پنهنجي ملڪن جي طبقاتي جوڙجڪ کي نظر ۾ رکي پوءِ ڪئي اٿن، جتان جو مڊل ڪلاس ايماندار، سمجهو ۽ پنهنجي ڳالهه سان سچو آهي، پر کين اها خبر نه رهي ته سندن انهيءَ مناسب ۽ حقي واجبي سوچ کي سنڌ ۾ به ڪا موٽ ملندي ۽ سنڌ جا ڪي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو پنهنجي چوڌاري حالتن کي نظرانداز ڪندي اها هام هڻي ويهي رهندا ته بس اجهو ٿو مڊل ڪلاس سنڌ کي بهشت بڻائي. جيڪڏهن مغرب جي دانشورن کي اها خبر هجي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه لکن ها. واهه سائين واهه! سنڌ جو مڊل ڪلاس/ووڪل ڪلاس/سول سوسائيٽي/سفيد پوش طبقو ٿو سنڌ ۾ تبديلي آڻي! ڇا نه خام خيالي آهي! پهرين ته اسان کي اها خبر ڪڍڻ گهرجي ته اسان جو اهو مڊل ڪلاس پيدا ڪيئن ٿيو آهي ۽ اندروني اندر ڇا پيو ڪري. اسان جو ظفر جوڻيجو هلائيندو ته اين جي او آهي، گهڻي دلچسپي ادب سان اٿس. بين الاقوامي ادب تي گهري نظر به رکي ٿو ۽ ترجمو ڪري ڇپرائي به ٿو. جيڪي سندس پسنديده اديب آهن، انهن ۾ نجيب محفوظ به اچي وڃي ٿو، جيڪو مصر جو نوبيل لاريٽ به آهي. جنهن ڏينهن سردار اڪبر بگٽي ماراڻو، انهيءَ ساڳئي ڏينهن نجيب محفوظ به ڪيسنر وگهي وفات ڪري ويو. ظفر کي نجيب محفوظ جي وفات تي ڏک پهتو. هن چاهيو پئي ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي هال ۾ نجيب محفوظ جي وفات تي ڪا تعزيتي گڏجاڻي ڪجي. آئون ته هال ڏيڻ لاءِ تيار هوس ته ايڏي وڏي شخصيت ايتري لهڻي ٿي. تياريون شروع ٿيون، انهيءَ لاءِ ظفر سنڌ جي ووڪل ڪلاس جي ڪل سترهن ڄڻن کي فونون ڪيون ۽ سڀني هنڌان اهو سوال منهن ۾ اچي لڳس ته ”ڇا نجيب محفوظ به سردار اڪبر بگٽيءَ سان گڏ ويڙهاند ۾ هو ڇا؟“ ائين اسان جي انهيءَ ووڪل ڪلاس مصر جي اديب نجيب محفوظ کي نجيب محفوظ بگٽي بڻائي ڇڏيو. اها آهي اسان جي ووڪل ڪلاس جي اهليت ۽ ڄاڻ. منهنجو نياڻو ساجد ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهي، ماري وجهوس ته به دل جي ڳالهه چپن تي آڻي وجهندو. چوندو آهيانس ته بابا سچ جو به ڊوز ايترو ڏيندو ڪر، جيتري جي ضرورت آهي، وڌيڪ سچ ڳالهائڻ جي گنجائش ناهي. پر مجال آهي جو مُڙي. هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو سندس موٽر سائيڪل تي چڙهي صدر حيدرآباد مان دوائون وٺڻ وياسين. منهنجي ته ڪا ڦٽل هئي جو اسٽور تي چڙهي ويس. دوائون ته دوائن جي ماڳ رهيون، اتي مورڳو 22 هين گريڊ جي هڪ رٽائرڊ ڪاموري جي ور چڙهي ويس. بس سنڌ، سنڌ جي عوام ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو راڳ شروع ٿي ويو. سنڌ جي حقن جي وڪالت جو ڇڙي ته همراهه بس ئي نه پيو ڪري. آئون اهڙو ڪڇان جهڙي ڀت. جي ٿو ڪڇان ته ٿيان ٿو سنڌ جو غدار. پر ساجد کان رهيو نه ٿيو. سو انهيءَ ڪاموري جي منهن تي مون کي چيائين ”جڏهين نوڪريءَ ۾ هو ته سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ليکيندو ئي ڪو نه هو، هاڻي رٽائر ٿيو آهي ته سنڌ جي ڏک اچي کنيو اٿس، ڇڏ اهڙن ماڻهن کي، هل ته هلون. ائين هن بندي جي مڊل ڪلاس مان جند ڇٽي. بنيادي حقيقت اها آهي ته هن وقت اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪو مڊل ڪلاس آهي، اها هڪ اهڙي ٻلي آهي، جيڪا ست ڪوئا کائي ثواب ڪمائڻ تي سنڀري آهي. ڪن نوڪرين مان پنهنجا پيٽ ڀريا، انهن کي هاڻي سنڌين جي پيٽ جو فڪر لڳل آهي. ووڪل ڪلاس جا ٻيا ماڻهو اهي آهن، پاڻ کي پريشر گروپ سڏائيندا آهن. اهڙين گڏجاڻين ۾ وقت جي حڪومت خلاف گوڙ ڪندا آهن ۽ پوءِ وري ساڳئي حڪومت جي اهم ماڻهن جي اڳيان پويان ٿيندا رهندا آهن ته من سنڌ جي نالي ۾ کين ڪجهه ملي وڃي. گهڻا وري اهڙا آهن، جيڪي شارٽ ڪٽ هڻي وچولي طبقي ۾ شامل ٿي چڪا آهن. ڪي وري سياسي رئڪيٽ هڻي کائڻ، پيئڻ ۽ سنڌ جي حقن تي ڳالهائڻ جهڙا ٿي پيا آهن. سنڌ جي انهيءَ ڪلاس تي نظر ٿا وجهون ته انهيءَ ڪلاس جا ڳچ ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي شينهن جا ڪنڌ مروڙيندا نظر اچن ٿا، پر اندران ڊڄڻا آهن ۽ جيل جي بدران ريل کي ترجيح ڏيندا آهن، ڪجهه همراهه ته اهڙا به آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن NGO ۾ رهندي ڪري اها هام هڻندا آهن ته آمريڪن ڊالرن جي ذريعي سوشلزم کي ٻيهر جيئارڻو آهي. ڏيو منهن، آمريڪن ڊالر ۽ سوشلزم. مڙيئي ٿيو پنهنجو ڀرم رکڻو ۽ ٻئي کي بيوقوف بڻائڻو. ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ جو ڌنڌو به مڊل ڪلاس/ووڪل ڪلاس ئي ڪندو آهي. ڏٺا به ڏٽن جهڙا، اهي ماڻهو سنڌ جي عوام کي بيوقوف سمجهندا آهن. مڊل ڪلاس يا ووڪل ڪلاس جي ٻي ڌر اها آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي پرخلوص ته هوندي پر سندن عقل تي ست پردا چڙهيل هوندا آهن. اهي ماڻهو اهو نه ڏسندا آهن ته اهي جيڪي هينئر مطالبا ڪري رهيا آهن، انهن جا اڳتي هل ڪري ڪهڙا نتيجا نڪرندا. کين اها خبر نه پوندي آهي ته جيڪو ڳٽ ٻئي کي ڦاسائڻ لاءِ ٺاهيو اٿن، اڳتي هلي ڪري اهو ڳٽ سندن قوم جي ڳچيءَ ۾ پوڻو آهي. اهي ماڻهو ڊگهي نظر نه رکندا آهن. اهڙن همدردن کي مٿاڇري سوچ رکندڙ يا سطحي ذهنيت (Mediocrity) جا مالڪ چئي سگهجي ٿو. ائين اسان جو سڄو مڊل ڪلاس وڏي حد تائين ڪرپٽ به آهي، هائيپوڪريٽ به آهي ۽ سطحي ذهنيت به رکندڙ آهي. شايد اهي ڳالهيون نظر ۾ رکي ارون ڌتي راءِ کي پنهنجي تازي ڪتاب The Shape of the Beast ۾ لکڻو پئجي ويو آهي ته ”مڊل ڪلاس هوندو ئي انهيءَ لاءِ آهي جو جيڪو هو گند ڪري وڃي، اهو غريب عوام جو ڪو ماڻهو اچي صاف ڪري“. جيڪڏهن ڀارت جو اهو حال آهي ته اسان وٽ ڪهڙو حال هوندو، انهيءَ جو اندازو لڳائڻ ايترو مشڪل ناهي. سو اهي ته ٿيون اجائيون ڦڙٻاٽيون يا اجائي رينگ رينگاٽ. جيڪڏهن سنڌ جو ڪنهن وٽ ڇوٽڪارو آهي ته اهو عوام وٽ آهي، جنهن کي اسان ”ڪت خلقت“ چوندا آهيون. عوام ايڏو ڪرپٽ به ناهي، ڊگهي نظر به رکي ٿو ۽ منافقت کان به گهڻي حد تائين بچيل آهي. عوام ۾ اها به سگهه آهي ته اهو جذبات ۾ اچي ڪو غلط فيصلو به ڪري ٿو ته غلط فيصلي تي پڇتائي به ٿو. نظرثاني به ڪري ٿو ۽ درستگي ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. مڊل ڪلاس جي رينگٽ کي ڇڏي جيڪڏهن عوام ۾ آسرو رکبو ته اونڌا گهڙا به سڌا ٿي پوندا. ڀلا جيڪڏهن ڪو عوام کي بيوقوف ٿو سمجهي ته اهو پاڻ وڏي ۾ وڏو بيوقوف ماڻهو آهي. اهڙن بيوقوف ماڻهن کي عوام چڱي طرح سڃاڻي ٿو. روزاني ڪاوش جي ٿورن سان