• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته ڪجھ نئون ڪريون.

اسحاق لاڙي

سينيئر رڪن
ھن ئي فورم تي ڇھ سال پهرين مون ھڪ مضمون لکيو ھو ته پنھنجي بجلي پاڻ ٺاھيو. پر ھي ٽاپڪ شايد توھان کي ڪجه عجيب لڳي...
سياري ۾ بجلي جي گھٽ کپ ھوندي آھي پر گرمي اچڻ سان اسان کي بجلي جي ضرورت تمام گھڻي محسوس ٿيندي آھي.
بجلي ھجي ۽ اي سي ھجي.
پر ڇا اسان ڪڏھن اھو سوچو آھي گرميون ڀلي ھجن پر اسان جو گھر اي سي AC بغير ٿڌو ھجي.
اسان کي پنھنجو سوچڻ کپي. ان کي انگلش ۾ چئبو آھي thinking out of the box

ايڪوجيڪل گھر ٺاھڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ان جا ٻه وڏا سبب آھن ھڪ بجلي منھنگي ٿيندي وڄي، ٻيو پڪي جڳھ گرمي جزب ڪرڻ جو اھم سبب آھي ته پوءِ ڇو نه اھڙي مٽيريل جو گھر ٺاھيجي جنھن ۾ گرميءَ کي جزب ڪرڻ صلاحيت گھٽ ھجي.
ھي پروجيڪٽ فقط ڳوٺن لاءِ ممڪن آھي جتي وڏا پلاٽ آھن. جيڪي دوست سنجيده ھجن ۽جن وٺ ٻنيون آھن ۽ اھڙي گھر ٺاھڻ م دلچسپي رکن ٿا سي پنھنجا ڪميٽس ۾ لکي سگھن ٿا.
 
Back
Top