2008 جا موچارا ڪتاب : عبدالقادر جوڻيجي جي نظر ۾

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    2008 جا موچارا ڪتاب : عبدالقادر جوڻيجي جي نظر ۾​

    عبدالقادر جوڻيجو

    نوڪريون ٽوڪريون ڪيوسين، اهي پنهنجي جاءِ تي، پر نوڪرين ٽوڪرين هوندي ڪري به پاڻ جو شروع کان وٺي اصلي ڌنڌو رهيو آهي رلڻ ڦرڻ، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. سو ٻيو رلڻ ڦرڻ ته قبول، پر ٽوال ڪلهي تي رکي هر ادبي علمي فنڪشن تائين پهچڻ وارا ڪي ٻيا هوندا. پاڻ ڀڳل آهيون. وڏي مصيبت آهي، پنهنجا ڇهه ست ڪلاڪ تيل ڪريو، پر هر ڀيري ساڳيون ساڳيون ڳالهيون موچڙي وانگر اچيو منهن تي لڳن. حليم بروهي حق تي ته رڙيون ڪري ٿو، جو کيس ادبي دنيا جا پار سجهن ٿا. فنڪشن بازي ڌنڌو ئي پبلسٽي مانگرس (Publicity Mongers) جو آهي، باقي اهو سو برابر آهي ته جڏهين بنهين جا حجائتي ڌر اچي ڳچيءَ مان جهليندي آهي ته پوءِ سندس ڏاڙهيءَ جو مان رکندي وڃيو فنڪشن ڀيڙا ٿيون، سو به جمعي چنڊاڻي. باقي ته سائين ”نه“ کي نوَ ڪوٽ آهن. ڪنهن جو ڪو ڏوهه ڪو نه ڪيو اٿئون، جو اهڙيون سزائون ڪاٽيندا وتون. جي ڀلا ميڙي ۾ به وڃبو ته ملهه به ڏسبي، اٺن گهوڙن جو ملاکڙو به ڏسبو ۽ مانڊي ۾ وڃي نچڻين کي ڏسبو. باقي رهيو ادبي فنڪشن ته اهڙن فنڪشنن کان ڦلهيار چڱي. آخر ڪليشي (Cliché) ۾ ڇو ڦاسون. پاڻ جو رولڙو ڪجهه ٻئي قسم جو آهي. ٻه واٽون آهن، هڪڙي واٽ راڄن ڀاڳن ڏانهن هوندي آهي، جتان عام ماڻهن، جانورن، پکي پکڻ، جيت جڻي جي خبر ڪڍڻي هوندي آهي. پاڻ جي ٻئي واٽ ڪتابن ڪڙن ڏانهن هوندي آهي، جتان دنيا جهان کي ليکڪ جي اکين سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. پهرينءَ واٽ تي هلندي ”اٺ گهوڙا“ لکياسين، هاڻ ٻئي واٽ تي هلندي 2008ع ۾ ڇپيل خاص ڪتابن تي پڙهائي ڪبي، جيڪي پاڻ جي ور چڙهيا.

    رابرٽ فسڪ: (Robert fisk)

    ڀلا ڀائو تنهنجيون خبرون. رابرٽ فڪس ڪير سڏائي، بيروت شهر ۾ رهندڙ هن انگريز جي ٻچي ۽ اسامه بن لادن جي پراڻي يار جو 2005ع ۾ جڏهين 1366 صفحن تي ٻڌل ۽ مسلم دنيا ۾ هلندڙ اذيت ناڪ جهيڙن جهٽن ۽ مارا ماريءَ تي لکيل ڪتاب The great war for civilization ڇپجي پڌرو ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو ته ٽاڙهيا مچي ويا، تاڙ ڏيئي ڇڏيائين ۽ اکين مان دونهان ڪڍي ڇڏيائين. جنهن به پڙهيو، تنهن ائين ٿي چيو ته بابا هن ڪتاب کانپوءِ صحافت جو دنگ ٿي ويو.

    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڻ جا يار ته گهڻئي آهن، پر ”سائين“ صرف هڪڙو آهي، اهو آهي ڊائريڪٽر فنانس فيض محمد هنڱورو. هٿ صاف، اک پڌري، ذهن سيٽيءَ وانگر تيز ۽ نيڪ نمازي. هونئن ته سندس ڌنڌو ڌاڙي انگن سان آهي، پر هي جيڪي CSS آفيسر هوندا آهن، اهي وقت ڪڍي اکرن کي به نظرن مان ڪڍندا آهن. هڪل ڪيائين ته ڀلو ڪتاب کپي، ملي ويس ۽ پڙهيائين ته Happy go lucky قسم جو هي خوش مزاج سائين فيض محمد هنڱورو اهو ڪتاب پڙهي ڪجهه وقت لاءِ ڊپريشن ۾ اچي ويو. پوءِ وري پير جهليائين ۽ چئي ويٺو ته ”يار رابرٽ فڪس جي هن ڪتاب ته وڄائي ڇڏيو.“ سو انهيءَ ڪتاب ته برابر ٻين پڙهندڙن جا به وڻ وڄائي ڇڏيا ۽ پڙهندڙ رابرٽ فسڪ جي نئين ڪتاب جو انتظار ائين ڪرڻ لڳا، جيئن ڪو پنهنجي محبوبا جو انتظار ڪندو آهي. ٽن سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ 2008ع ۾ رابرٽ فڪس جو نئون ڪتاب The age of warrior پڙ تي لٿو ۽ من جون مرادون پوريون ٿيون. سڀ ذهن هڪ ئي ليول تي نه سوچيندا آهن، هر پڙهندڙ جي پنهنجي راءِ هوندي آهي، پر پاڻ جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو ته سڀ اميدون سڀ آسرا وڃي پٽ پيا. دل گهريو ته انهيءَ ڪتاب کي لئبريريءَ ۾ موجود قبرستان واري حصي ۾ پوري ٻه قل شريف پڙهجي ڇڏجن، پر ليکڪ جو نالو اڳيان اچي ويو ته ڀلا جي ڪتاب ڪسو ئي سهي، پر ليکڪ ته ڪسو ناهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي، دنيا جو ڪو به هاڪاريل ليکڪ سڀ جون سڀ لکڻيون سٺيون لکي نٿو سگهي، جو بندو بيوس هوندو آهي. ڪي ڪتاب ڀلا ته ڪي وري ڍلا. تنهن هوندي به هاڪاريل ليکڪ پننجي ڍلي ۾ ڍلي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجيون جهلڪيون ڏيکاري ميڙو مچائي ويندو آهي، پر هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ رابرٽ فسڪ جي ڪا به جهلڪ نظر نٿي اچي، رابرٽ فسڪ جي لکيل مضمونن تي ٻڌل هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته ڪتاب جي پبلشر صاحب رابرٽ فسڪ جو نالو ڪئش ڪرڻ لاءِ سندس ڪچا، وائڙا، ڪمزور، گٿل ۽ گٺل ڪالم ۽ مضمون گڏ ڪري پنهنجو پيٽ سائو ڪيو آهي. اهو به انومان بيٺو آهي ته رابرٽ فسڪ جي ڪنهن دوست نما دشمن سندس نالو ٻوڙڻ جي ڪارروائي ڪئي هجي، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي.

    ارون ڌتي راءِ:

    چي ”چري ڪيئن؟“، چي ”چري ويرئون وير وڌ“ بليڊ جي ڌار جهڙو تکو قلم رکندڙ ”لوڪ جي لهوارو تون وهه اوڀارو ”جي نشانمبر ليکڪا ارون ڌتي راءِ جهڙي ڪلهه هئي، اهڙي اڄ به آهي. سندس ڪم آهي آپريشن ٿيٽر ۾ سماج، سياست، ايڪانامي، آبپاشي، صحافت، ادب، عدليه ۽ انتظاميا کي رکي وڍ ٽڪ ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري لڪل ۽ اصلي حقيقتن تان پردو کڻڻ. سندس نالو ته تڏهن وڳو، جڏهن کيس سندس ناول God of small things تي ”بوڪر پرائيز“ مليو. پر انهيءَ کانپوءِ هن ڇهاڪو کن ٻيا ڪتاب به لکيا ۽ هر ڪتاب ۾ ويرئون وير وڌ نظر آهي. 2008ع ۾ سندس ڪتاب The shape of the beast ڇپجي پڌرو ٿيو. اهو ڪتاب شروع کان وٺي 2008ع تائين ڏنل سندس انٽرويوئن تي ٻڌل آهي. سندس اهي انٽرويو به ايترائي تند و تيز آهن، جيترا سندس ٻيا ڪتاب. پر هيءُ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ سندس شخصيت ۽ علم کي پڌرو ڪري بيهارين ٿا ۽ اهو معلوم ٿو ٿئي ته هوءَ ڪليشي بڻجي ويل ويچارن جا کنڌا ڪيئن ٿي کڻي. پڙهندڙن کي لوڏي ڦٽو ڪندڙ هن ڪتاب ۾ هن ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن، جمهوريت، دريائن تي ٻڌجندڙ بندن، هيڻن تي ڏاڍايون ڪندڙ، ڏاڍن، سرڪاري مائي باپ، آمريڪا، نالي ۾ نهال ڪميونسٽ، صحافت جي ٺيڪيدارن ۽ مٿاڇري سوچ جا هڻي ڇوڏا لاهي ڇڏيا آهن. هن ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڪئنچي ڇاپيل آهي، جيڪا ڪتاب جي مواد تي ٺهڪي اچي ٿي. اها ڪئنچي هڪڙي پاسي ڏاڍن جي هٿن ۾ نظر اچي ٿي، جيڪي غريب عوام کي ڪپڙي وانگر ڪٽيندا نظر اچن ٿا ته ٻئي پاسي اهو به نظر اچي ٿو ته ارون ڌتي راءِ جي زبان انهن انٽرويوئن ۾ ڪئنچي وانگر هلندي نظر اچي ٿي، ته ٽئين پاسي وري اها ساڳئي ڪئنچي پڙهندڙن جي دماغ ۾ اڳ ۾ ئي موجود خيالن، نظرين ۽ تصورن کي به ڪٽيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

    جيئن ته ڪٿي پاڻ اڳ ۾ ئي هن ڪتاب تي تبصرو لکي چڪا آهيون، انهيءَ ڪري ڊيگهه ڪرڻ جي بدران هتي سندس هڪ ئي جملو ڄاڻائڻ ڪافي آهي ته جيئن داڻي چکڻ مان ئي خبر پئجي وڃي ته ديڳ ۾ ڇا آهي. هوءَ هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿي ته ”مڊل ڪلاس هوندو ئي انهيءَ لاءِ آهي ته اهو گند ڪري اٿي هليو وڃي ته جيئن ڪو مسڪين ماڻهو اهو گند صاف ڪري.“ ارون ڌتي راءِ جو اهو جملو سنڌ جي طبقاتي سيٽ اپ تي ٺهڪي اچي ٿو. يارن کي صلاح آهي ته پئسو حرام جو هجي يا حلال جو هجي، اهو خرچ ڪريو ڪتاب پڙهو ۽ پوءِ وڃي وُٺي جون خبرون پانڌيئڙا ڏيندا.

    احمد رشيد:

    لاهوري چوندا آهن ته ”جنهن لاهور نه ڏٺو، انهيءَ ڪجهه به نه ڏٺو.“ پر پاڻ چئون ٿا ته لاهور جي پٺاڻ احمد رشيد کي جنهن نه پڙهيو ته انهيءَ ڪجهه به نه پڙهيو. شروع شروع ۾ هيءُ همراهه عام جرنلسٽ هو، گڏوگڏ بلوچن سان گڏجي وڙهندڙ لاهوري گروپ جو هڪ فرد پڻ. هڪڙي ڏينهن پور ۾ اچي ٿيلهو ٽنگيائين ڪلهي تي ۽ مٿان رکيائين ڪمبل. روانو ٿيو افغانستان. ڪٿي پيرين پنڌ ته ڪٿي ٽرڪ جي لفٽ ورتائين، ته ڪٿي وري ڪنهن مٿس رحم کائي کيس لفٽ ڏني. ٻاڪڙا هوٽلون، وڻ جي ڇانءَ ڪٿي ڪو عوامي مجرو (اوطاق) سندس منزلون بڻجندا رهيا. ائين هو رلندي ڦرندي افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو، ائين جيئن رول ماڻهو هوندا آهن. ڪٿي ڪا گولي ته ڪو نه لڳيس، پر پير پٿون ڪيائين. موٽي اچي ڪتاب لکيائين Taliban (طالبان) بس بابا ڪتاب پڙهندو وڃ ۽ احمد رشيد سان گڏ گهمدو وڃ. بنا ڪنهن جي ڌر ٿيڻ جي بي بلائو ٿي ڪتاب لکيائين. 9/11 واري دٻڙڪي کانپوءِ اهو ڪتاب چوٽ چڙهي ويو، لکن جي تعداد ۾ وڪاڻو ۽ چوڌاري ٻڙڌڪ مچي ويو. جيڪي لکيائين سو ٿيو. انهيءَ ڪتاب کانپوءِ مٿس ڏوڪڙن جا ته مينهن وسي ويا، پر عادت کان مجبور هن ساڳئي طرح سڄو سينٽرل ايشيا گهميو ۽ ڪتاب لکيائين Jihad (جهاد). انهن ٻنهي ڪتابن کانپوءِ سندس شهرت ايستائين وڌي وئي جو هو صدر بش، ٽوني بليئر، احمد ڪارزئي، جنرل مشرف ۽ ٻين انهيءَ سطح جي ماڻهن سان ائين ملڻ لڳو، جيئن ڪو پاڙيسري پنهنجي ڀر واري گهر جي مالڪ سان ملندو آهي. وڏا وڏا دروازا سندس اڳيان کلندا ويا. اڪيلي سر ٿنڪ ٽئنڪ بڻجي ويو. اهو هڪ ٻيو جهان هو ۽ نئون جهان هو. ميڪسيڪو جي نوبل انعام يافته شاعر اڪتاويو پاز (Octavio paz) ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته ”اسان جا ميڪسيڪن ماڻهو سرحد ٽپي آمريڪا هليا ويندا آهن، اتي پهچي هو آمريڪن بڻجڻ لڳندا آهن. ڪپڙا به آمريڪي، جوتا به آمريڪي، ٽوپلا به آمريڪي، انڊرويئر به آمريڪي، پر انڊرويئر جي هيٺان اهي ميڪسيڪو جا ميڪسيڪن هوندا آهن.“ ائين ئي احمد رشيد ٿي ته ويو وڏو ماڻهو، پر ڪپڙن کان هيٺ اهو صحافي جو صحافي هو. 2008ع سندس ڪتاب Descent into Chaos ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ هن ڪتاب ۾ احمد رشيد آمريڪا جي سابق صدر بش ۽ آمريڪي ايجنسين کان وٺي، اسان جي سابق حڪمرانن کي اهڙن بيوقوفن جو ٽولو سڏيو آهي، جن کي افغانستان ۽ فاٽا جا مامرا سمجهه ۾ ئي نٿا اچن ۽ پنهنجا پير پاڻ وڍيا اٿن. هن ڪتاب جي آخر ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڏانهن اهڙا اشارا ڏنا آهن، جيڪي جاچ ڪرڻ وارن کي پڙهڻ کپن. مون کي خبر آهي ته وڏن ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت ناهي، بهانو مصروفيتن جو ٿا گهڙين. اسان پارا ته اهي ڪتاب پڙهندا ئي آهن، سو انهن کي ڪجهه چوڻ آکڻ جي ضرورت ڪا ناهي، پر وزيرن ڪبيرن مان صرف قانون واري وزير اياز سومرو کي صلاح آهي ته اهو ڪتاب پڙهي ڏسي.

    شجاع نواز:

    پاڪستان ۾ ڪئين جنرل آيا ۽ ويا، پر جنهن جنرل سنڌ تي گهڻو ڌيان ڏنو، اهو هو جنرل آصف نواز جنجوعو. عمر ٿوري، ڪم وڏو، پنهنجيون جنرليون ڇڏي هو وڏيري شاهنواز جوڻيجي کي پنهنجي ذات جو چڱو مڙس سمجهي هاسيڪار وٽس لنگهي آيو ۽ وڏي اڳيان ننڍو ٿي ويٺو. پاڻ ۾ ڪهڙيون خبرون ڪين، اهي ته KTN تان نشر ٿيندڙ وڏيري شاهنواز خان جي انٽرويو ۾ اچي چڪيون آهن، سو انهيءَ ملاقات کانپوءِ جنرل آصف نواز جنجوعي سنڌ جي ڌاڙيلن ۾ اهڙو ٻاڪر ڪٽو اچي وڌو جو هڻي ترا ڪڍي ڇڏيائين. جڏهن هو اوچتو ئي اوچتو گذايو ويو ته سنڌ جا قافلا وڃي پنجاب ۾ ٽُٽا ۽ جنرل جي قبر تي ايتريون ئي اجرڪون وڌيون، جيتريون اجرڪون پرو چانڊئي جي قبر تي وڌيون هيون. شجاع نواز انهيءَ ئي جنرل جو ڀاءُ آهي. ڀاءُ هئڻ جي ناتي کيس اندر ٻاهر جون خبرون به هيون ۽ پاڻ به صحافي هو. انهيءَ شجاع نواز جو لکيل ڪتاب Cross Swords به 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڪتاب هڪ سڌو سادو ڊاڪيومينٽ آهي، جنهن ۾ ملٽري، سياستدانن، ملڪ جي حالتن ۽ ٻاهرين قوتن جي پڪي پختي ڄاڻ ملي ٿي. ائين برابر آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو ڏنگ ناهي، ڪا به جهڙپ ناهي ۽ ڪو به تخليقي پنچ ناهي، جو پڙهندڙ جي Aesthetic sense (حِس لطيف) کي ڇهندو هجي. ائين ته هي ڪتاب رکو لڳي ٿو، پر ڪتاب مان جيڪا معلومات ملي ٿي، جيڪي پردا کڄن ٿا، اهو سڀ ڪجهه پڙهڻ وٽان آهي.

    اروندا اڙيگا:

    ادب جي دنيا ۾ هيءُ هڪ نئون نالو آهي، مدراس جو هيءُ رهاڪو اڃا جواڻ مڙس آهي، پر پهرئين وٽي کير ڀري، سندس پهريون ئي ناول White Tiger بوڪو پرائيز جو حقدار بڻيو. هي ناول هڪ خط تي ٻڌل آهي، جيڪو چين جي وزيراعظم ڏانهن لکيل آهي، جيڪو دهليءَ ۽ بئنگلور جي وچ ۾ اچ وڃ ڪندو نظر اچي ٿو. فرسٽ پرسن ۾ لکيل هن ناول جو مک ڪردار ”آئون“ دهليءَ ۾ ڪار ڊرائيور بڻيل آهي ۽ بئنگلور ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جو منتظم به آهي، جنهن ذريعي هن ڀارت جي بکئي ڏکئي ۽ بيوس عوام ۽ سکئي ستابي ۽ سڻڀي حڪمران طبقي کي لهه وچڙ ۾ آڻيندي وڏي ٽوڪ ڪئي آهي. هن طنزيه ناول تي منهنجو عزيز منظور ملاح تبصرو لکيو ويٺو آهي، سو سندس حق ڪو نه ٿا ماريون. بس ائين سمجهو ته پڙهندڙ جي دماغ مان چڻنگون ڪڍيو ٿو ڇڏي. صفحا گهٽ ۽ مواد اڻ ميو، اروندا اڙيگا لکڻ لاءِ هڪ نئين واٽ ڳولي لڌي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن وڏن کڙپيل ليکڪن جي وات مان بوڪر پرائيز جو گرهه ڦري ورتو آهي.

    اميتاو گهوش:

    اولهه بنگال جو هي اڙٻنگ ليکڪ ارون ڌتي راءِ ۽ وڪرم سيٺ جو هم عصر آهي. هن بنگالي ٻچي کي اوهان محقق ناولسٽ به چئي سگهو ٿا. هونئن ته گهڻو ئي ڪجهه لکيو اٿائين، پر ڀارت ۽ پاڪستان جي ائٽمي ڌٻڪن کانپوءِ ائٽم بم تي لکيل سندس تحقيق مضمون جڏهين نيويارڪ ۾ ڇپيو ته مروئن کي ماٺ لڳي وئي. اڄڪلهه جو اهو ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي هنيل ائٽم بم کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سگهارو ۽ نقصانڪار آهي. پهرين ڌڪ ساڻ ٽيمپريچر 3 لک CC تنهن کانپوءِ وانئر، تنهن کانپوءِ 3 لک ٽيمپريچر، تنهان پوءِ سڀني دريائن، واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن ۾ وهندڙ زهريلو پاڻي. جيئن ته هي بندو انهيءَ مضمون جو اختصار سنڌيءَ ۾ اڳ ۾ ئي ڪاوش اخبار ۾ ڇپرائي چڪو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ گڙ ٻڙ جي ضرورت ناهي. سندس ٻيو هڪ شاهڪار ناول The glass Palace برما جي شاهي خاندان جي زوال، ڀاڄ ۽ تباهيءَ تي لکيل آهي، جنهن کي پڙهي ائين ٿو لڳي ڄڻ باهين جي وچ مان لنگهندا هجون. 2008ع ۾ سندس هڪ ٻيو شاهڪار ناول Sea of Poppies ڇپجي چڪو آهي، جيڪو وڏي ريسرچ کانپوءِ لکيو ويو آهي. اهو ڪتاب انهيءَ زماني تي لکيل آهي، جنهن زماني ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي ۾ پير کوڙي چڪي هئي. هن ناول ۾ جتي آفيم جو ڪاروبار ڪندڙ برطانوي ڪمپنين جو وستار سان ذڪر ملي ٿو، اتي انگريزن جون حاضريون ڀريندڙ نواب به نظر اچن ٿا. جتي هڪڙي پاسي آئرش ۽ اسڪاٽ جها نظر اچن ٿا، اتي حڪم سنگهه جهڙا مزور مڙها به نظر اچن ٿا. هن گجگاهه ناول ۾ جيڪا انگريزي ٻولي لکي آهي، اها اها ئي آهي، جيڪا انهيءَ وقت استعمال ٿيندي هئي. ائين هيءُ ناول اصليت جي رنگ ۾ رتل نظر اچي ٿو. اميتاو گهوش جي هيءُ ناول بوڪر پرائيز لاءِ نامينيٽ ٿيل هو، پر اها بازي کائنس اروندا اڙيگا جو ناول White Tiger کڻي ويو. انهيءَ جو ڪارڻ پاڻ کي اهو ئي سجهي ٿو ته جيڪا Simplification اروندا اڙيگا ۾ ملي ٿي، اها اميتاو گهوش ۾ نٿي ملي، جو انهيءَ پراڻي انگريزيءَ ۾ ناول لکيو آهي ۽ ڪردار به وارڙيا ٿي اڀرن ٿا. باقي جي مواد تي وڃبو ته پوءِ ته Sea Of Poppies زور نظر اچي ٿو.

    محمد حنيف:

    ڳالهائڻ جي بدران ٻڌڻ جو عادي، ٻاهران سست ۽ اندران چست پاڻ جو يار محمد حنيف جڏهين ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جي ماهوار رسالي News Line ۾ ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهين ڪاوش اخبار ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ موجود رهيو ته کيس پاڻ جي بڪواز ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. انهيءَ زماني ۾ نه هن بندي کي، نه حسن مجتبيٰ کي ۽ نه ئي وري نفيسا شاهه (هن وقت ايم پي اي) کي اهو اندازو هو ته ڪو هي سڌو سادو پنجابي ماڻهو ايڏو وڏو ٽپ ڏئي بين الاقوامي ادب مٿان ڇائنجي ويندو. 2008ع ۾ جڏهين سندس ضياءَ شاهيءَ تي لکيل ناول The case of exploding Mangoes ڇپيو ته اعتبار ئي نه پيو اچي ته اهو ڪو انهيءَ ساڳئي محمد حنيف جو لکيل ڪتاب آهي، پر جيئن سياست ۾ Dark Horse پاتا ويا آهن، ائين ادب جي دنيا ۾ ڪاري گهوڙي جا ڌڻي پاتا وڃن ٿا. محمد حنيف Dark horse نڪتو. هن کان اڳ ۾ سندس انهيءَ ڪتاب تي معروف ادبي رسالي ”سارنگا“ ۾ شهزادو گوبند ميگهواڙ پنهنجي اسٽڊي لکي چڪو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو لڳي، پر هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ آئون اهو ضرور چوندس ته نامينيٽ هئڻ جي باوجود هيءُ ڪتاب بوڪو پرائيز ته کڻي ڪو نه سگهيو ۽ حق ته مارجي ويس، پر هن وقت سندس اهو ڪتاب 27 ٻولين ۾ ترجمو ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو وڪرو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. بنا ڪنهن شڪ جي اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته هيءُ ڪتاب هن وقت جو مقبول ترين ڪتاب آهي ۽ 2008ع تي هن ڪتاب جو ٺپو لڳي چڪو آهي.

    الائيس البينيا Alice Albinia :

    هيءَ ليکڪه 1976ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي، ڪيمبرج يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۽ SOAS مان ڏکڻ ايشيا جي تواريخ پڙهي نڪتي. ڪجهه وقت لاءِ دهلي ۾ رهي ڪري صحافت به ڪيائين. ڪراچيءَ مان اڳ وٺي سنڌو درياءَ ۽ اتان جي آسپاس جي موجود زندگي ۽ تواريخ جو جائزو وٺندي توڙ تائين پهتي ۽ ڪتاب لکيائين Empires of Indus. هن ڪتاب ۾ گٽڪو کائيندڙ مهاڻا به ملن ٿا، زمانه قديم جي شاهه شاهوڪار لاڙ به ملي ٿو، سنڌ ۾ رهندڙ شيدين جو سماجي سيٽ اپ به ملي ٿو، پورن اٺن ڏهن صفحن ۾ سنڌ جي مقدس ڳئون بڻيل محققن جي بدران جينئس محقق محمد صديق ”مسافر“ جو لکيل آکيو به ملي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندو مسلم يڪجهتي جا مثال به ملن ٿا، اڏيرو لال ۽ ساڌ ٻيلو به ملن ٿا، صوفي سڳورا به ملن ٿا ته انهن جا سجاده نشين ۽ سنڌي هاري جو حد کان وڌيڪ استحصال به ملي ٿو ۽ سندن حالت زار به، سڪندر بادشاهه جي ڪاهه جا به رستا ملن ٿا. وانا ۽ افغانستان جا اڙانگا جيل ۽ ماڻهو به ملن ٿا. پوءِ ڪٿي ٻيڙي ته ڪٿي ٽئڪسي، ته ڪٿي ميلن جا ميل پنڌ ڪندي ته ڪٿي پيرين پنڌ لسا ۽ ڏکيا جبل چڙهندي نظر اچي ٿي. 2000ع ڌاري ميلن جا ميل پيرن هيٺان ڪڍڻ کانپوءِ سندس هيءُ ڪتاب 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب ريسرچ جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي ۽ دلچسپ به. مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هوءَ جڏهن اها ريسرچ ڪرڻ آئي هئي ته سنڌ جي ڪجهه محققن سان به ملي هئي، پر ڪتاب لکڻ وقت انهن محققن جي هوائي توائي ڳالهين ۽ سندن نالن جو ذڪر ڪٿي به نه ڪيو آهي. سواءِ مرحوم محمد صديق مسافر جي. جنهن جي لکڻي ۾ نه ڪٿي وڌاءُ ٿيل آهي ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪمي، يا اجائي ڏس تي ڪوڙ بدوڙ ملن ٿا. هن هر ڳالهه توري تڪي لکي هئي. اسان جا اسڪالر وڏي فخر وچان چوندا آهن ته ”ويدن ۾ سپت سنڌوءَ جو لفظ ملي ٿو. کانئن جيڪڏهن اهو پڇ ته ”ويدن ۾ سپت سنڌوءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟“ ته پوءِ گائون مائون شروع ٿيو وڃي، يا بقول اردوءَ واري جي ته پنهنجيون بغاوتون ڏسندا رهجي وڃن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ ويدن جا ڪيئي اهڙا حوالا ڏنا آهن، جن ۾ سنڌو درياءَ بابت کولي کولي ڳالهيون ڪيل آهن. اسان جا محقق انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ويد پڙهن ته کين خبر پوي ته سنڌو درياءَ جي باري ۾ ڪٿي ڪٿي ڇا ڇا لکيو ويو آهي. اهڙي ساڳئي طرح هن ڪتاب ۾ سرسوتي نديءَ کي هڪ اهڙي خيالي ۽ ڏند ڪٿائي ندي سڏيو آهي، جيڪا گنگا ۽ جمنا کي ڪلهن تي کڻي هلي ٿي. سرسوتي سچ پچ ڪا ندي ناهي. اسان جي محققن جو حال ڏسي ئي ته شيخ اياز چيو هو ته ”محقق جو لفظ حقي مان نڪتل آهي، جنهن جو ڪم آهي، بڙ بڙ ڪرڻ.“ اهڙي ساڳئي طرح سچ جي ڪلهي تي ويهي حليم بروهي محققن لاءِ جيڪي ڳالهيون لکندو رهي ٿو ته اهي حقي واجبي ڳالهيون آهن، جن تي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. بهرحال جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌو درياءَ جو اصل نسل ۽ مزاج معلوم ڪرڻو آهي ته انهيءَ کي وقت بچائي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. لکڻ مان ڪجهه به نه ورندو، پڙهڻ به ضروري آهي.

    سيبسٽيان بيري Sebastian Barry :

    بيري (Barry) سن 1955ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ۾ 1955ع ۾ ڄائو ۽ اتان ئي تعليم حاصل ڪيائين. هو جتي اسٽيج ناٽڪن جو ليکڪ آهي، اتي سندس شهرت جوڪارڻ وري سندس ناول بڻيا. پاڻ پهرئين سندس ناول A long Long way لکي 2005ع ۾ بوڪر پرائيز لاءِ شارٽ لسٽ ٿيو، پر ٻئي ڀيرا پوئتي رهجي ويو. 2008ع ۾ سندس هڪ ٻيو شاهڪار scripture The secret (ڳجهو فرمان) ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ناول جي عورت مک ڪردار ”آئون“ جي ذريعي 1880ع کان وٺي 1950ع تائين آئرلينڊ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ڏک، مايوسيون، اداسيون ۽ منجهائيندڙ پولرائيزيشن پڙهندڙ جي دماغ تي سوار ٿي وڃن ٿيون ۽ ائين ٿو لڳي ته ماڻهو ڪنهن اهڙي ويران هنڌ تي بيٺو آهي، جتي نه پاڻي آهي، نه ماني آهي ۽ نه ئي وري ڪو اوهي واهي آهي. هن ڪتاب ۾ ٽپ ٽپ تي ايڏا ته اندوهناڪ ۽ ڀرپور جملا ٿا ملن، جو دل ٿي چوي ته اهي سڀ جا سڀ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هن مضمون اندر آڻي ڇڏجن، پر مضمون جا صفحا محدود آهن. باقي انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءُ ناول 2008ع جو هڪ ڪارنامو آهي. البته اٿڻ ساڻ هو پنهنجي مک ڪردار سئو ورهين جي ڄمار واري عورت جي واتان چورائي ٿو ته ”آئون جڏهن جوانڙي هئس ته منهنجو اهو پڪو پختو خيال هو ته منهنجي ڀاڳ ۽ نڀاڳ لکڻ واري آئون نه، پر ٻيا آهن، انهيءَ ڪري ئي منهنجو اندر زخمن ۽ دهشت سان ڏٽيو پيو آهي. مون ۾ ايڏي به همت نه رهي هئي جو تصور۾ اهڙي خيالي ڀت کڙي ڪري سگهان، جيڪا وقت جي پيدا ڪيل ڀوائتن واقعن، ظلم ۽ ڪاري ناحق ۽ اونداهين اٽڪلن کي مون تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي روڪي سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون هيءَ ڪهاڻي بيان ڪري رهي آهيان.“ پاڻ جو خيال آهي ته ايترو ئي ڪافي آهي.

    پال ٿيرو Paul Therou :

    دنيا جا پنج ست ليکڪ اهڙا آهن، جيڪي هن بندي کي چريائيءَ جي حد تائين پسند آهن. پال ٿيرو به انهن مان هڪ آهي. سندس ذڪر کانسواءِ هر ڳالهه اڌوري لڳندي آهي. هن ليکڪ جي باري ۾ هن کان اڳ گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان، محبوبن جو ذڪر نه ٿئي ته ڪنهن جو ٿئي. سندس شهرت جو بنياد سندس سفرنامي The great Railway Bazaar کان ٿيو. اهو سفر لڳ ڀڳ اڌ دنيا جو هو ۽ اهو به ريل جي ذريعي. انهيءَ ڪتاب ۾ لاهوري دلالن جو به ذڪر هو ته Bocc–جي ٽيمپريچر تي لٿل سائيبريا جو به. پهرئين جهڙپ انهيءَ ڪتاب ڏني. ٽيهارو سال کن گذرڻ کانپوءِ وري ساڳي واٽ ورتائين، پر هن ڀيري سندس اڳيان نئين دنيا هئي. ساڳين پيرن تي هلندي سفر پورو ڪرڻ کانپوءِ وري هڪ ٻيو شاهڪار ڪتاب Ghost Train to the eastern جيڪو 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ظاهر آهي ته مون پاري کي سندس انهيءَ ڪتاب تي لکڻ لاءِ پورو الڳ مضمون لکڻو پوندو، البته هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اها پڪي پختي خبر پوي ٿي ته جيڪو هن وقت وانا ۽ افغانستان ۾ جنگي ٻڙڌڪ هلي رهيو آهي، انهيءَ جو اصل ڪارڻ پاڪستان ۽ افغانستان نه، پر انهيءَ ٻڙڌڪ جون پاڙون ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان جي آپيشاهي حڪومتن ۾ کتل نظر اچن ٿيون. اها آپيشاهي ايتري ته وڌيڪ آهي، جو 2007ع ۾گذاري ويندڙ ترڪمانستان جو صدر نيازوف ته پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪري چڪو هو. انهيءَ سخت گيريءَ جي ردعمل ۾ ئي طوفان اٿيو. احمد رشيد جو ڪتاب Taliban پنهنجي جاءِ تي، پر جي ڪنهن صحافي يا سياستدان کي انهيءَ مامري تي اکيون کولڻيون آهن ته انهيءَ کي کپي ته اهو پال ٿيرو جي هن ڪتاب کي پڙهي ڪري پوءِ ڪڙهي.

    ٻيو به گهڻو ڪجهه:

    2008ع ۾ ٻيا به ڪيئي شاهڪار ڪتاب هن بندي جي هٿ تائين پهتل آهن، پر جڏهن انهن ٻين شاهڪارن کي پڙهبو تڏهين ئي ڪجهه لکي سگهبو، باقي اسٽور ۾ گهڻو ڪجهه آهي. دادا دورا ليکا پورا.

    روزاني ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو