مان سنڌ نه ڇڏيندس، سنڌ منهنجي ڌرتيءَ آهي...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    مان سنڌ نه ڇڏيندس، سنڌ منھنجي ڌرتي آهي
    فقير محمد سنڌي
    هن جھان ۾ ڪيترائي اهڙا شخص آهن جن اصولن، نظرين، انسانيت، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ پنھنجون زندگيون گذاريون. اُهي شخص دنيا جي گولي تي سج جيان روشن آهن، چنڊ جيان پنھنجي نور مان خلقِ خدا کي هر وقت سوجهرو ڏيڻ ۾ شامل عمل آهن. اهڙو ئي خوبصورت انسان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جنھن مُھين جي دڙي جي مِٽيءَ جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ڪونه ڇڏي .
    ڪامريڊ سوڀي جا خوبصورت خيال آهن ته:، بندوق جي ناليءَ سان انقلاب ته اچي سگهي ٿو پر هڪ بندوق جي ناليءَ مان خوشحال گهر اڏي نه ٿو سگهجي. مھان انسانن جي زندگي جي سڄي نظر ايندڙ وقت تي هوندي آهي، ايندڙ وقت تي نظر رکندي پنھنجي قوم لاءِ جدوجھد جو عمل شروع ڪندا آهن. ڪامريڊ سوڀي شرپسنديءَ کي پنھنجي مَنَ ۾ ڪٿي به جڳهه نه ڏني ۽ هر وقت امن جو پرچارڪ رهيو، تنھنڪري هن کي ڪافي تڪليفون ڏسڻيون پيون. هر تڪليف کي اکين تي رکي ڪامريڊ سوڀو پنھنجي منزل طرف وڌندو رهيو.
    سماج ۾ ڪانئر ماڻهو تمام گهڻا آهن، جيڪي انسان سچ جي ڳولها ۾ آهن انهن سان شيطاني وير رکندڙ گهڻا جيوَ آهن، اهي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پريشاني ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. پر سنڌ ڌرتي تي رهندڙ مھان ماڻهن صدين کان وحدانيت ۽ انسان دوستيءَ جا گھوارا رهيا آهن، جيڪي هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جو هر ڏک ۽ سور ۾ گڏ رهيا آهن، ان لاءِ سخاوت انسانيت جو هڪ بنيادي اخلاق ۽ ڏَسُ پڻ آهي.
    ڪامريڊ سوڀي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، مان پھريان انقلابي آهيان، منھنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي دوستن جو دوست، ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻ گهرو سمجهيو وڃي. سوڀي گيانچنداڻي جي انهن جملن تي مونکي سائنسدانن جي هڪ تجويز ذهن تي تري آئي آهي ته، 15- جنوري 2005ع تي ”گلوب اينڊ ميل“ ڪانفرنس ٿي ته اُتي سائنسدانن تجويز ڪيو ته اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ سخاوت جي ذريعي بھترين انقلاب پيدا ڪري سگهون ٿا. انهن سائنسدانن مان هڪ سائنسدان Erin Andersen چيو ته اسان پنھنجي مشاهدن ذريعي هي معلوم ڪيو آهي ته، جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪن ٿا انهن جي حياتياتي سگهه وڌيڪ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن انهن کي ڪو آپريشن ڪرائڻو پوي ٿو ته انهن ماڻهن جا زخم، عام ماڻهن جي نسبت جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندا آهن.ا هڙي طرح فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي ايڊز تي تحقيق ڪرڻ واري ٽيم جو چوڻ آهي ته ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ماڻهو ڊگهي ڄمار ماڻين ٿا.
    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي پنھنجي سڄي عمر سنڌ جي ماڻهن لاءِ خدمت ڪندي گذاري، ان لاءِ هن کي ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار، ترجمه نگار، علم سياسيات ۽ جيل وڃن تائين سڀ جو سڀ شيون گڏ کڻي پئي هليو. سنڌ جو متحرڪ شخص ڪامريڊ سوڀو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ شاندر نموني حصو ورتو، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت هن جون محبوب تنظيمون هيون. ملڪ جي ماڻهن لاءِ جدوجھد ڪندي ڪامريڊ سوڀي پنھنجي زندگيءَ ۾ سياسي چونڊن ۾ 3-ڀيرا حصو ورتو، پر 1988ع واري اليڪشن ۾ ڪامريڊ کي سوڀ ملي ۽ هن کي هٿ وٺي هارايو ويو.
    ڪامريڊ سوڀي جھڙو ماڻهو هجي ۽ آرام پسند هجي اهو ٿي ئي نٿو سگهي، پنھنجي زندگيءَ م پھريون ڀيرو 25-جنوري 1942ع ۾ هندستان خالي ڪريو تحريڪ ۾ حصو وٺڻ دوران گرفتار ٿيو. اهڙي طرح ڪامريڊ پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ 6 ڀيرا جيل کي سلام ڪري چڪو هو. 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم تنظيم قرار ڏنو ويو ته ان وقت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به جيل وڃي پھتو، ان وقت جي گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شھاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
    ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائو هجڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو ته،”پاڪستان ۾ پناهگير آهن، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان، مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس، سنڌ منھنجي ڌرتي آهي تنھن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان. منھنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنى آهن، اڄ مان به پنھنجي سنڌ امڙ جي ٿڃ پي مان جوان ٿيو آهيان ۽ ها اهو سمجهي ڇڏ مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه.“
    واقعي ڪامريڊ انسان دوستيءَ جو سگهارو، سڀ کان ا ُتم اعلى آدرش هو، جنھن پنھنجي وطن جي مِٽيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان عشق ڪيو هو. ان لاءِ ڪامريڊ سوڀي کي سنڌ ۽ ٻاهرين ملڪ جي ماڻهن مختلف لقب ڏنا، جن ۾ ”سنڌ جو قلندر“، ”ڌرتيءَ جو پُٽ“، ”مُھين جو ماڻهو“، ”ايشيا جو عظيم ڏاهو“ ۽ ٻيا ڪيترائي برجستا لقب آهن. ڪامريڊ کي اهي لقب رات پيٽ ۾ ڪونه مليا پر هن پنھنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻي محنت، جفاڪشي ڪئي، تعليم جي معاملي ۾ ڪامريڊ سوڀو 1939ع ۾ مھان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل شانتي نڪيتن ۾ سُر ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو جتي سندس حقيقي معنى ۾ ذهني اوسر ٿيس ۽ جتي ٽئگور جھڙي اعلى پايي جي شخصيت مھين جي دڙي مان آيل ماڻهوءَ تي خاص توجهه ڪرڻ فرمائي.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي وطن دوستيءَ جو هڪ اعلى شھڪار هو. مھين جي دڙي جي مٽيءَ جو قرض هن مھان انسان سٺي نموني نڀائي ڏيکاريو. شاهه لطيف جو سُر حسيني بيت ٿو ياد اچي ته :
    تون ڪيئن پاتو پاند، پلئه پرديسن سين؟
    متيون موڙ هيئي سيئي ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،
    رُلي ڀانئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٽنور مل جي گهر 3- مئي 1920ع تي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ڪامريڊ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو ته شروعاتي تعليم پنھنجي گهر مان ئي حاصل ڪئي. ان دور ۾ سنڌ ۾ فارسي ۽ عربي تعليم جو عروج هيو، ڪامريڊ فارسي ۽ سنڌي ٻئي ٻوليون سکيون پر گُرمکي تي به سٺي مھارت رکندو هو ۽ انگريز ٻولي تي تمام گهڻو عبور حاصل هئس. پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪمالِ فن جو ايوارڊ ماڻيندڙ ”مُھين جو ڪنگ پريسٽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي“ مڃيل استادن جو شاگرد هو، ۽ پنھنجي استادن تي ڪامريڊ ناز به ڪندو هو، جن ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ استاد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٽي ايم آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر ديو هارٽ، اين بي بٽاڻي، ايل ايڇ اجواڻي، منگها رام ملڪاڻي، رام پنجواڻي وغيره هئا.
    زندگيءَ جي ايتري سفر ۾ ڪامريڊ جون خواهشون هيون جن ۾ ڪامريڊ جا ٻه سفرناما آهن، هڪ آمريڪا ۽ انگلينڊ جو سفر جيڪو 1999ع ۾ ڪيائين ۽ ٻيو سفر جيڪو 2006ع ۾ هندستان جو سفر ڪيائين. ٽئين ڪامريڊ جي خواهش هئي ۽ جنھن جو اظھار عبداللطيف نطاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻو ۾ ٿيل محمد ابراهيم جويي جي سئو ساله پروگرام جي صدارتي تقرير ۾ به ڪيو هئائين ته ”آءٌ به شل 100 سال عمر ماڻي سگهان“، پر افسوس ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي 8-ڊسمبر 2014ع تي 94-سالن جي عمر ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. 9- ڊسمبر 2014ع تي سندس ڪريا کي سنڌوءَ حوالي ڪيو ويو.
    ***
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو