دُبئي مان داستان قسط پھرين ڪراما کان گلوبل وليج تائيناڄ 17 ڊسمبر 2021ع جمع جو ڏينھن آھي، دُبئي ۾ موڪل جو ڏينھن ھُجڻ ڪري اسان دير سان اُٿياسين، ناشتو ڪري نيڪر ۽ ٽي-شرٽ ۾ يارھين بجي ڌاري الڪراما واري علائقي ۾ موجود ”لُولو سپرمارڪيٽ“ وياسين. اڄ اسان کي بِھَ ۽ وڏي گوشت ۾ برياني کائڻي ھُئي سو مارڪيٽ مان گوشت ۽ ٻيو ضروري سامان وٺڻ وياسين. لُولُو گُروپ ”ايم.اي يوسف علي“ جو آھي جيڪو ڪيرالا (انڊيا) رھواسي آھي، ھاڻ متحدہ عرب عمارات ۾ ھِن جو ڪاروبار آھي، لُولُو سپرمارڪيٽ بہ سندس ئي ڪمپنيءَ جي آھي، ھونءَ تہ ٻيون دنيا جھان ۾ سپرمارڪيٽ موجود آھن پر جيستائين مون ڏٺيون آھن اُنھن ۾ ھيءُ مون کي مُنفرد لڳي. ڪراما وارِي ھِن مارڪيٽ ۾ 3 حصا آھن، ھڪڙو کاڌي پيتي جي سامان جو، ٻيو اليڪٽرانڪس جو ۽ ٽيون ڪپڙن جو. اسان کي کاڌي پيتي واري حصي ۾ وڃڻو ھو، جِتي طرحين قسمن جا ميوا، ڀاڄيون، گوشت ۽ ٻيون شيون ھيون. مون جيڪي ميوا صرف ڦوٽوئن ۾ ڏٺا اُھي بہ ھتي موجود ھُئا ۽ سڀ تازہ ھُئا، مرغي کان ويندي مڇي تائين سڀ ڪُجهہ مليو پئي. کِير، لَسِي، مکڻ، ڏَھِي مطلب تہ کائڻ پيئن جي ھر شئي جيڪا توھان سوچيو سا ھِتي ملندي، چاھي ڪھڙي بہ مُند جِي ڇونہ ھُجي. (بشرطيڪہ اُھا دنيا جي ملڪن مان ايڪسپورٽ ٿيندي ھُجي). مانجهاندو ڪري شام جو 4 بجي ڌاري سنگت سان گڏ ”گلوبل وليج“ گهمڻ لاءِ نڪتاسين، اسان ٻہ ڪارُون ڪيون، ھڪ ۾ چار اسان (عباس ڪوريجو، آڪاش، بدر ڪوريجو ۽ آئون) ۽ ٻي گاڏيءَ ۾ فياض ميمڻ، دين محمد لاشاري ۽ خليق جمالي ھُئا. ائين ناھي تہ اسان واري گاڏيءَ ۾ ٻہ ٻيا نٿي ويھي سگهيا! پر ھِتي چئن کان وڌيڪ ماڻهن جي گاڏيءَ ۾ ويھڻ تي پابندي مڙھيل آھي، پھرين 3 ماڻهن جي اجازت ھُئي ھاڻ چار سفر ڪري سگهن ٿا. دبئي جي ويڪرن ۽ صاف سُٿرن روڊن تي اسان جي گاڏي بہ اھڙي اسپيڊ سان پئي ھلي جنھن اسپيڊ سان ”ڪراچي-حيدرآباد موٽروي“ تي ھلائيندا آھيون، پر ھِتي نڪو روڊ ۾ جهول محسوس ڪيم، نڪو ڪنھن گاڏيءَ جو ھارُن ٻڌوسين.. مون کي ڪٿي بہ 600cc واري گاڏي نظر نہ آئي، سَٿ جي ساٿِي ”آڪاش“ کان پُڇيم تہ ھِتي ننڍيون گاڏيون ڇو ناھن؟ چيائين تہ ھِتي وڏيون گاڏيون ئي سستيون آھن تہ ننڍيون ڇو وٺن!؟ لڳ ڀڳ ويھ منٽن جي سفر کان پوءِ اُن جاءِ تي پھتاسين جِتي دُنيا جھان جا ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا، اھو ميلو (شايد) ’آڪٽوبر-اپريل‘ جي وچ ھرسال لڳندو آھي. گاڏين کي پارڪنگ ۾ بيھاري 20 درھم في ماڻهو جي حساب سان ٽڪيٽ وٺي ميلي ۾ لٿاسين. زندگيءَ ۾ ھِي پھريون ميلو ڏٺم جِتي سنڌ جي ميلن جِي ماڻهن تي ھروڀرو مڙھيل سوکڙِي لاھوتي جو اعلان وارو نہ ھو ۽ نہ ئي اُن جھڙو ڪو وڏن ايڪو سائونڊن تي دھل ڌماڪن وارو، جيڪو ڪَنن جا پڙدا ڦاڙي. نھايت ئي پُرسڪون ماحول، ھرھڪ مُلڪ جو پنھنجو پَويلين ۽ اُن ۾ پنھنجي ثقافت، رھڻين ڪھڻين ۽ سوکڙين جا اسٽال لڳل ھُئا. پھريون تہ تُرڪين جي پَويلين ۾ وياسين جتي آئسڪريم کاڌيسين ۽ پوءِ پنھنجي پياري پاڪستان جي پَويلين ۾. گلوبل وليج ۾ موجود پاڪستان جي پويلين ۾ مون کي ماڻهو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيا، ھِن پويلين ۾ مون کي ڪٿي بہ سنڌ جي نُمائندگي ڪندڙ ڪو دُڪان يا اسٽال نظر نہ آيو، بس اھي ڪوٽ ۽ پشاوري ٽوپيون گرم ڪپڙا وغيرہ ئي موجود ھُئا. ٿيڻ ھيئن گهُرجي ھا تہ ٻين پويلين وانگر ھِن ۾ بہ مُلڪ جي چئني صوبن جي ثقافت کي نمايان رکيو وڃي ھا، ھِتي جي ثقافت، رھڻي ڪھڻي، يا ھِتي جي ٻھراڙي جي نظام، ھَر ھارپو، يا ٻيون اھڙيون شيون شامل ڪيون وڃن ھا جن کي ڏِسي ماڻهو تفريح سان گڏوگڏ اسان جي ملڪ جي خوبصورت جڳھين ۽ شين کي بہ ڏسي سگهن ھا. اھو ڪم صوبن جي سياحت کاتي وارن کي ڪرڻ گهُرجي. 4 ڪلاڪن ۾ اسان بوسنيا، ڀارت، ايران، امريڪا، يورپ، جاپان، تُرڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي مُلڪن جو مختصر سير ڪري ورتوسين، آخر ۾ سنگت چيو تہ ھاڻ ھلون ٿا افريڪا ۾، جتي شيدين جو ناچ ٿيندو آھي ۽ اھو گلوبل وليج جو ھڪ مشھور آئٽم آھي. اسٽيج تي لڳل تختيءَ تي ”شو شروع ٿيڻ جو وقت لکيل ھو“ ۽ اسان کي پنج منٽ انتظار ڪرڻو پيو. انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون تہ اسان جي ڀرپاسي ۾ ماڻهن جو وڏو ھجون گڏ ٿي ويو ۽ پنجن منٽن ۾ سوين ماڻهو افريڪا جي پويلين ۾ اچي گڏ ٿيا جِتي شيدين جو ”15 منٽ نان-اسٽاپ“ ڊانس شروع ٿيو جيڪو مون پنھنجي فيسبڪ تي لائيو بہ ھلايو ھو. ڊانس کان پوءِ مون ڏِٺو تہ ھِتي افريڪي اسٽالن تي ماڻهن جي پيھ اچي لٿي ۽ مختلف شيون وٺڻ ۽ ڏِسڻ لڳا، يعني انھن جي صرف 15 منٽن جي پرفارمنس جي ڪري ھزارين درھمن (دُبئي جو ناڻو درھم) جون شيون وڪرو ٿيون. ائين ناھي تہ اُتي صرف ڊانس شو ئي ٿئي ٿو، پر افريڪا جي پويلين ۾ عجيب ڪشش ھُئي جيڪا ھرڪنھن کي پاڻ ڏانھن پئي ڇِڪي، ڇو تہ اُنھن جا رنگ برنگي اسٽال ۽ انھن اسٽالن تي موجود افريڪا جي شين مان انھن جي ملڪ جي نمائندگي پئي ٿِي، آرٽ جا شاھڪار نمونا بہ ھِتي ھُئا تہ مختلف نمونن جي چانھن جا اسٽال بہ ھُئا. افريڪا جي سامهون ”انڊيا“ جو پَويلين ھو، جيڪو پڻ ھڪ وڏي ايراضي تي مشتمل ھو، ھِن پويلين ۾ مختلف شين، کاڌن پيتن کان ويندي انڊيا جي رھڻي ڪھڻِي جي حساب سان ڍاٻا سسٽم وارا ھوٽل بہ ھُئا، جتي کٽون پيل ھيون ۽ ماڻهن اچي پنھنجي پسند جون شيون پئي کاڌيون ۽ ورتيون، ان ئي پَويلين ۾ ”صاف سُٿرا واشروم“ بہ ھُئا، جيڪي پاڪستان جي ڪنھن فائيوَ اسٽار ھوٽل جي واشرومز وانگر پئي لڳا. پبلڪ واشروم ھئڻ باوجود بہ صفائيءَ جو خاص خيال رکيو پئي ويو. ڪُجهہ پَويلين ۾ ”سموڪنگ ايرياز“ ھُئا جتي ماڻهن سگريٽن، سگارن ۽ اليڪٽرڪ سگريٽن سان پئي ٻاڙ لاٿِي. توڙي جو ھِي ميلو تمام وڏي ايراضي تي متَل ھو پر ھِن ۾ پورِي دُبئي وانگر ”ھرھنڌ“ سگريٽ پيئڻ جي اجازت نہ ھُئي ۽ ان لاءِ بہ مخصوص علائقو موجود ھو. ڦوٽوگرافي ۽ وڊيوگرافي ڪندا اسان اچي ”ڪراما“ پُھتاسين ۽ سانجهاندو (رات جي ماني) ”ٽرڪ اڊہ“ نالي ريسٽورنٽ تي ڪيوسين، گلوبل وليج جي پنڌ اسان کي ٿَڪائي ڇڏيو ھو ۽ اسان پنھنجي رھائشگاھ تي اچي آرامي ٿياسين... روزمرہ جي احوال لاءِ توھان جي موٽ ضروري آھي