ڪلا جي منڊليءَ جو انوکو نانءُ کيئلداس فاني! فقير محمد سنڌي خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي، محبت زندگيءَ جي انتھا آهي. محبت ئي اسان جي منزل آخر، محبت ئي اسان جي رهنما آهي. ( شيخ اياز ) سنڌ جو شھر شڪارپور اڄ به پنھنجي حسناڪيءَ ۽ امر شخصيتن جي ڪري دنيا جي نقشي تي نروار آهي، ان ساڳي مٽيءَ جو انمول ڪلاڪار کيئلداس فاني به آهي جنھن ادب ۾ لافاني ڪردارن سان نڀايو. ڪردار به اهڙا موتيءَ جا داڻا جيڪي اڄ ڏينهن تائين جرڪن ٿا. ڌرتيءَ جي گولي تي اڄ کيئلداس فاني شاعر، اديب، ڊراما نگار، سنگيتڪار ۽ تعليمي ماهر طور تاريخ جي ورقن ۾ امر آهي. کيئلداس فاني 4 اپريل 1914ع تي شڪارپور تعلقي جي ميان ڳوٺ ۾ ولي رام بيگواڻي جي گهر جنم ورتو. ميٺاج واري مٺڙي ٻولي امڙ جي لولي کيئلداس کي پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ امڙ جي طرفان ملي. اُهي لوليءَ وارا لاڏا کيئلداس فاني سنڌي ادب ۾ امرت وانگر پيش ڪيا آهن. صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه، ٻڌائج محب منھنجو دل گهريو دلدار هو يا نه. جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿي هُن جي، اُتي "فاني" مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه. فن ادب جي دنيا ۾ ٿورا اسم آهن جن ٻين ذهنن جي اوسر ۽ آبياري ڪئي انھن ۾ کيئلداس فاني آهي. جنھن سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز کي اتساهه سان گڏ حوصلو به ڏنو. حوصلو ئي آهي جيڪو قدم کي ٻئي قدم تي فوقيت ڏيندو آهي. شيخ اياز جا ھي لفظ زنده دليءَ وارا آهن ته :"فاني" منھنجي زندگيءَ ۾ ۽ منھنجي شاعريءَ جي اوسر ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مان هن جا ٿورا نه ٿو لاهي سگهان. جي "فاني" منھنجي رهنمائي نه ڪري ها ته، منھنجي شاعري اتي نه پهچي ها، جنھن جاءِ تي اڄ آهي. " درد دنيا سان گڏ فنون لطیفہ جي فردن کي ڄڻ ورثي ۾ مليو آهي. ڳالھ رڳو هتي فاني جي ڪجي ته فاني کي پنھنجي ڌرتيءَ جي درد جھوري وڌو. اهڙي درد جي دانهن شاعرن جو سرتاج شاهه لطيف درد کي هن ريت بيان ڪيو آهي. مُٺِ مُٺِ سورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان، ڀريون ڪيو ڀُڻان، ويا وِهائُو نڪري. "فاني" به پنھنجي فنائيت ۾ گم آهي، اکر پانڌ ۾ ڪيئي موتي اٿس. جيڪي فن ڪاريگريءَ سان پيش ڪيا اٿس. مُئي هڪ ڏينهن مارئي، جيئندي صديون سال، مارن لاءِ مرڻ جو، ملندو ڪونه مثال، محلن منجهه محال، جنھن جياپو ٿيو. ( سمنڊ سمايو بوند ۾) کيئلداس فاني پنھنجي زندگيءَ ۾ پنھنجي ٻوليءَ کي تحفظ ڏيندو رهيو. اهو سنڌ ۾ هيو ته سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ هند ۾ رهيو ته به هن جي عشق ۾ رتيءَ برابر به فرق نه ٿيو. پر اباڻي وطن جي دوريءَ ۾ ڪيترو درد سمايل آهي. گرداب مان ڪشتيءَ کي لنگائڻ جو سمو آھ، تلوار تلي سر نه جهڪائڻ جو سمو آھ، تدبير سان بگڙيءَ کي بڻائڻ جو سمو آھ، هي آگ ايامن جي اجهائڻ جو سمو آھ، سمجهاءِ سندءِ صبر جي دنيا کي پرولي، دنيا ٿي ڪري تنھنجي قناعت تي ٺٺولي. "فناني" هندستان ۾ پنھنجي منصب رٽائرڊ ٿيو پر هند جي سرڪار کي کيئلداس فاني جي اشد ضرورت پئي. ڀوپال سرڪار کيس ڪاليج جو تاحيات پرنسپال مقرر ڪيو. اُتي فاني پنھنجي حوصلي سان "سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ" کي عمل ۾ آندو بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جو نگران ۽ ڀوپال ڪلا منڊل جو چيئرمين به رهيو.پنھنجي جنم ڀوميءَ جي ڪلاڪارن کي متعارف ڪرائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو جنھن ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ شامل آهن. آڪاشواڻي ۽ دوردرشن ٽيليويزن تان عام ۽ خاص کي سنڌي ٻوليءَ کي سڌ ڏني. کيئلداس فاني سنڌي ٻوليءَ ۽ادب ۾ حقيقي رنگ ڀريا جيڪي رنگ اڄ به پنھنجي جوڀن تي آهن . حقيقت پسنديءَ جا پل ديرپا هوندا آهن. تخليق جو ڪمال کيئلداس فانيءَ وٽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ وانگر اجرو آهي. سندس شاعري جا جا چند اسم ته: دلي ڪيو ديدار، پنهنجي دل درپن ۾، چٽ ڏسي ٿيو چت ۾، بيحد باغ بهار ۾، آيو اهنڪار، گهڙي مورک ماڻ ۾. دلي پنهنجي پاڻ، پڏائي پورو ڪيو، سندس مٽي ماءُ، وڻي ڪيئن واکاڻ، پاڻ مٿان ڪيو ماڻ، مٽي خود مست ٿي. کيئلداس فاني سنڌي ادب ۽ٻوليءَ لاءِ بنيادي طور ڪم ڪيو، اھڙي سوچ ۽ وراثت ٿورن ماڻهن جي حصي ۾ ايندي آهي. کيئلداس فاني قابل استادن جو شاگرد هو ۽ اهڙن عظيم شاگردن آبياري به ڪيائين. جن جون تخليقون صدين تائين ادب جي افق تي راج ڪنديون. "فاني" جا گرتا مھم طور ادب لاءِ پاڻ ارپيو. سنڌي سينيما يا سنڌي فلم صنعت ۾ پهرئين سنڌي فلم "ايڪتا" جنهن جو بنياد 1940ع آهي. ان فلم جو ليکڪ کيئلداس فاني هو ساڳي فلم لاءِ کيئلداس فاني گيت به سرجيا جيڪي هيٺين ريت آهن. ٻول - ڀلو آهي ساري جهان کان، آواز : گلشن صوفي، ڪوشليا. ٻيو گيت، ٻول-مونکي ننڍڙي ڀيڻ کپي، آواز : گلشن صوفي، ڪوشليا. خيال جي حوالي سان" يڪس ويل مالٽز" جو چوڻ آهي ته : "توهان جي ذهن ۾ ايندڙ خيال ئي حقيقت ۾ فائدو پهچائي سگهي ٿو. سٺي سوچ مان ڪم وٺو، شين بابت ائين ئي سوچيو جيئن اُهي هئڻ گهرجن، خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش به ڪريو". فاني زندگيءَ کي ڪوشش جي حوالي ڪندي سماج کي هيٺيون تخليقون ڪتابن جي ذخيري طور ڏنيون جنهن ۾ نثر به آهي ۽ نظم جون حسناڪيون موجن ۾ آهن. *سامونڊي لهرون * سڪ، سوز ۽ ساز *مڪتي مارڳ *پڇتاءَ جا ڳوڙها *احساس جو آئينو *خزان جي خوشبوءِ *پيلا پن *سمنڊ سمايو بوند ۾. "فاني" سنڌي ايڪتا جو اهو عڪس آهي، جنھن جي لکڻين ۾ سنڌڙيءَ جا هزارين رنگ جلوي نماءَ آهن، جيڪي پسڻ لاءِ ۽ڏسڻ لاءِ حسين گلدستو آهن جن سان ماحول ۽ روح کي ريجهائي سگهجي ٿو. درد، تڪليف ۽ڏکي حالتن کان ئي فرحت ملندي آهي، تڏهن ته حقيقت پسنديءَ ڪم وٺندي فاني چوي ٿو. "فاني" دنيا درد ڀريءَ ڏي، وري ورڻ جي ڪين ڪنداسين. ساري سنسار ۾ دلدار نه ڪوئي يار سمجهي، ڀري محفل ۾ اڪيلائي کان گهٻرائي هليس. مان محبت ڀري دنيا کي وسائي نه سگهيس، پيار جي ريت مان ڪنهن ريت نڀائي نه سگهيس. کيئلداس فاني سنڌي ادب، ٻولي ۽ تعليمي ادارن سان محبت سان نڀائيندي 1995ع تي پنھنجو ساھ هميشه لاءِ موت جي حوالي ڪندي هر محفل کي الوداع ڪيائين. شڪارپور جي محبتي ماڻهو ۽ تاريخ جي عاشق نقش ناياب منگي، کيئلداس فاني لاءِ ڪجهه هن ريت چيو آهي ته :"فاني جي غزل واري شاعريءَ جي فريمن ۾ احساس ۽ دردن جون تصويرون جابجا نظر اينديون هن جنھن نموني احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو سندس ڪمال آهي." آخر ۾ ڀيٽا طور کيئلداس فاني جو غزل ته : زندگي کان هزارين هارجي ويا، موت کان اڳ ۾ ڪيئي مارجي ويا. پل به جت گذارڻ ڪين واجب، هيترا ڏينهن اتي ڪيئن گهارجي ويا. دک ڀري دل پيئي جهوري ۾ جهرندي، آھ ڀريم ته ڏونگر ڏارجي ويا. هڪ به پروانو ويجهو ڪين آيو، شمع هر جا هزارين ٻارجي ويا. مون رنو ايڏو عيبن تي لڄي ٿي، داغ دل جا مڙيئي ميسارجي ويا. شعاءُ شهري ڀڳو آ جهنگ جر ڏي، ديپ درياءَ ۾ ڪيئي پارجي ويا. هڪ به ٻيڙو پرينءَ ڀر کان نه موٽيو، ڪيئي فاني هتان هاڪارجي ويا.