ڪتاب "شاھ جون وايون" تحقيقي جائزو،

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "شاھ جون وايون، تحقيقي جائزو" تي سرسري نظر...!
    فقير محمد سنڌي
    سهسين سائر ٻوڙيو، مُندَ ٻوڙيو مهراڻُ،
    وَھُ وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌُ ڪَپن سين.
    ( شاھ لطيف )
    سنڌ جي تاريخ ۾ مير علي شير قانع اهو تاريخ نويس آهي جنھن شاھ لطيف جي تذڪري کي پهريان تحفه الڪرام ۾ پيش ڪري ڄڻ سهڻي جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. لطيف سرڪار کي ابتدائي طور مير علي شير قانع قلم بند ڪيو ان کان پوءِ تحقيق جي ميدان ۾ ڪيترائي لطيف شناس مي رقصم آهن ،اهو رقص
    کٽڻ جهڙو ڪونھي. اهڙي مي رقصم جو مسلسل پانڌيئڙو غلام شبير پراهين به آهي. جنھن لطيفيات تي هڪ شاندار ڪتاب ترتيب ڏنو آهي ، اھڙي تحقيق کي تحقيق نگار قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. 453 وايون هڪ هنڌ پيش ڪرڻ اوکو ڪم آهي پر جس هجي غلام شبير پراهين کي جنھن "شاھ جون وايون" تحقیقي جائزو( الف ب وار ) پيش ڪري تحقيق ڪندڙ ۽ شاھ لطيف کي پڙهندڙن ذهنن لاءِ گهڻي ڀاڱي آساني ڪئي آهي. شاھ لطيف هڪ ڪيميا گر واري حيثيت رکندڙ شاعر آهي جنھن جي ڪري ڪيترائي پروانا غلام شبير پراهين وانگر پاڻ پسائين ٿا لطيف سائين اهڙن عاشقن لاءِ چيو آهي ته :
    سُور جنين کي سريو، سري تن صحت،
    مٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.
    ڪتاب جي مھاڳ۾ پروفيسر اعجاز قريشي لکي ٿو ته :"وائي ھڪ دانهن ۽ ڪوڪ آهي ۽ سڏ پڻ، انهيءَ ڪري شاھ صاحب جون وايون جنهن انداز سان سنڌ جي ماڻهن مٿان اثر انداز ٿيون آهن، انهيءَ ڳالهه ماڻهن جي دلين تي ڀرپور نقش چٽيا آهن. اڃان به شاھ جي شاعريءَ جي مختلف پاسن تي ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، آئون پراهين صاحب کي جس ۽ مبارڪ باد ڏيان ٿو ته هن هڪ جوان مڙس ٿي ڪري اهڙي ڪم ۾ پير پاتو آهي ۽ سندس ڪوشش کيس اڪاري پار ڪيو آهي".
    ڪتاب جي 77هين صحفي تي جيڪا وائي آهي اها پڙهندڙن لاءِ ڏئڻ مناسب سمجهان ٿو. جيئن پڙهندڙن کي ڪتاب جي اهميت جي باري ۾ڪجهه معلومات ملي سگهي.
    وائي
    اَڄ مِير مومنن جا، مَدينو ڇڏي هليا،
    مدينو ڇڏي هليا، سي مدينئُون لڏي هليا،
    هَيءِ! هَيءِ! مدينو ڇڏي هليا.
    سِجُ چَنڊُ، مصطفي 1ڏي ،يڪدل گَڏي هليا.
    هَيءِ! هَيءِ! مدينو ڇڏي هليا.
    هَيءِ! هَيءِ! انڌارو ٿيو، اُن ري، تارا لڏي هليا.
    هَيءِ ! هَيءِ ! مدينو ڇڏي هليا.
    ( سر ڪيڏارو)
    معني :( 1)حضرت محمد صلي الله عليه وسلم( مصطفي =ڌڻيءَ جو چونڊيل)
    حوالا، شاھ جا رسالا، ترتيب : ٽرمپ، گربخشاڻي، شاھواڻي، آڏاڻي، گوهر دائود پوٽو، انصاري، بلوچ ۽ مشتاق.
    ڪتاب جي ترتیب : ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، جي ايم سيد ۽ مولسنگه بجاڻي.
    عقل ئي چوي ٿو ته زماني کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوشش جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. خوشي، ڏک ۽ پيڙا مان ئي ڪجهه حاصل مطلب تڏهن ٿيندو جڏهن خلق خدا توهان جي تجربي مان ڪجهه حاصل ڪري وٺي. اهڙي ڪوشش ۽ جستجو ۾ غلام شبير پراهين جي ذهن ۾ شامل آهي، جيڪا وقتن به وقت عاشقي جو روپ ڌاري پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ٿيندو رهي ٿو.
    ڪريم بخش چنا لکي ٿو ته :" غلام شبير هميشہ قابل تحسین علمي، ادبي، تحقيقي ڪم ڪري، ادب ۾ پاڻ کي صدبار سرخرو پئي ڪيو آهي، کيس فن تحقيق واريون صلاحيتون ، سدائين ڳاٽ اوچو پئي رکيو آهي، سندس نه صرف پاڻ قلم جو ڌڻي آهي، پر روز مرہ واري زندگيءَ ۾ ماٺيڻي طبع، سهڻي سلوڪ ملنسار سهڻي گفتار ۽ سٺي ڪردار جو صاحب آهي پڻ دوستن جو دوست ۽ کليل دل دماغ وارو محبوب ماڻهو آهي، مطالعو وسيع آهي ۽ سندس گهر ۾ بي بها ڪتب خانو موجود آهي، جنهن ۾علم ادب، تاريخ ۽ لطيفيات تي قيمتي ۽ ناياب ڪتاب موجود آهن، جتي لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ مصروف مشغول نظر ٿو اچي. "
    فلاسفر وليم جيمس لکي ٿو ته :" ڪنھن به ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ شروعاتي قدم طور ان ڏکيائي کي مڃڻ ضروري آهي. "اصل ۾ لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ اها ڪيميا گري آهي جو ٽن صدين کان مٿي وقت گذرڻ کان پوءِ به حوصلي جو علمبردار ۽ مقصد جو ڏات ڌڻي آهي. هر پرک جو محور لطيف سائين ئي آهي. اهو لطيف سائين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عشق آهي جنھن ڪيترن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪرايو آهي.
    ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته :" شاعريءَ جي صنف مان وائي راڳڻي به آهي ۽ سُرن جو سرود به آهي، اڪيلائي يا محفلن ۾ ڳائي وڄائي ماڻهن کي محظوظ ڪيو وڃي ٿو ۽ پنهنجي دلين کي فرحت ۽ سڪونت بخشي سگهجي ٿي. محترم غلام شبير، شاھ جون وايون جيترن به عالمن پنهنجن ترتيب ڪيل رسالن ۾ تحرير ڪيون آهن سي گڏ ڪري انھن جي مقصد ۽ مطلب کي نروار ڪيو آهي. "
    هي جديد دور سائنس جي اصولن ۽ ماهرن جي راءِ جو احترام ڪندي محسوس ٿئي ٿو . پر لطيف سائين جي پارکن وٽ علم، فن ۽ سکيا جو ڏانءُ موجود آهي. جيڪو انهن کي سائنس مان نه پر پنهنجي ديسي بناوٽ مان حاصل ڪيل آهي. اها ديسي بناوٽ تجربي، مشاهدي ۽ ذهانت جو ثمر آهي جنهن دڳ تي غلام شبير پراهين پنڌ ڪري پيو اهو پنڌ اوکو ضرور آهي پر مشڪل ڪونھي.
    ڊاڪٽر شير مهراڻي لکي ٿو ته :" آئون غلام شبير پراهين کي اهڙو وڏو تحقيقي ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته هو پنهنجي کوجنا کي جاري رکندو ۽ شاھ جي رسالي تي وڌيڪ تحقيق ڪري نون محققن جي لاءِ اڃان وڌيڪ آسانيون پئدا ڪندو. ".
    شاھ جي شارحن اوجاڳا ڪري لطيف سائين جي شاھ پارن سان نينھن جو ناتو جوڙيو اڄ غلام شبير پراهين انهن جي مان۾ دل جو نذرانو پيش ڪيو آهي.
    ڪتاب جو انتساب،" هي قلمي پورهيو، شاھ سائين جي انھن شيدائين جي نانءُ ڪريان ٿو. جن شاھ جا رسالا ترتيب ڏيئي ڇپرائي پڌرا ڪيا، اڄ اهي رسالا موجود نه هجن ها ته شايد هي ڪتاب" شاھ جون وايون" تحقیقي جائزو طور سامھون اچي نه سگهي ها."
    ڊاڪٽر محمد علي محمدي لکي ٿو ته : " وائي جا نمونا ڪلھوڙن جي دور ۾ ملن ٿا، شاھ عنايت ۽ شاھ لطيف جي رسالي کان سواءِ انھي دور ۾ ميان صاحب ڏني فاروقي، روحل فقير، خليل لاشاري جون ڪافيون به ملن ٿيون. ان دور ۾ پنجابي شاعرن ۾ بلا شاھ جي ڪافين جي به بناوٽ سنڌي ڪافي سان ملندڙ جلندڙ آهي. تحقيق کان پوءِ سمجھ ۾ اچي ٿو ته شاھ لطيف جي وائي ۽ شاھ عنايت، ميان صاحب ڏني فاروقي ۽ روحل فقير جي ڪافين جو سٽاءُ لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. ".
    . اميد جو نئون ڪرڻو، ارادي جو اٽل ۽ حقيقت کي سمجهي ان تي عمل ڪندڙ غلام شبير پراهين خود اعتمادي سان لطيف سرڪار کي روشناس ڪرڻ ۾ مڳن آهي هيٺيون عبارتون جيءَ ۾ سانڍي رکڻ جهڙيون آهن ان لاءِ پڙهندڙن جي حضور پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
    وائي جي تاريخ ۽ تحقيق بابت صاحبِ ڪتاب غلام شبير پراهين لکي ٿو ته :" شاھ سائين نوان موڙ ڏيئي "وائي" جي صنف کي ڪمال جي سطع تي پهچايو۽ عملي جامو پهرائي وائي جو موجد بانيڪار بڻيو. شاھ لطيف جي وائي کان پوءِ سنڌ جي صوفيانه تحريڪ ۾ سنڌ جي درگاهن تي پوءِ اچي جاءِ والاري. ميران ٻائي 1498ع ۾ ڪڙڪي ميڙتا پرڳڻي راجستان ۾ ڄائي سندس ڀڳتياڻي ٿي يڪتارو کڻي ڀڄن( ڪرشن جي درد ۽ ميلاپ ) واسطي جو ڪجھ چوندي ۽ ڳائيندي پئي وئي پر سندس انھن شاعراڻين صنفن کي صرف ڀڳتي ڀاءُ ڪري ڀڄن جو نالو ڏنو. بُلها شاھ ۽ شاھ عنايت رضوي کان اڳ راجستان جو هڪ ٻيو ڪوي دادو ديال( وڪرمي 1601 کان 1660سنبت ) يعني عيسوي سن 1544کان 1602ع تي پڻ "وائي" جي شروعات صنف ملي ٿي. جنهن جي شاعريءَ کي "واڻي" ويو آهي. شاھ عنايت رضوي وائي جي گهاڙيٽي جون سِرون تيار ڪيون جن کي شاھ لطيف بَٺِيءَ ۾ پچائي تيار ڪري چئني پاسن کان ڀتيون ڪڍي اهڙي بلڊنگ جوڙي جو اڄ تائين شاھ لطيف کان پوءِ به اهي سرون وائي جي صنف کي اجاگر ڪرڻ ۾ صف اول ۾ شمار ٿين ٿيون. ".
    آخر ۾ غلام شبير پراهين لاءِ لطيف سرڪار جون هي سٽون ته :
    عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو،
    جِيءَ جُسي ۽ جان جِي، ڀڃي جو هيڪاند،
    سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلَ ته اڌ ٿئي.
    ( سر يمن ڪلياڻ)
     
  2. احسان علي رند

    احسان علي رند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2022
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Zamindari
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan

هن صفحي کي مشهور ڪريو