21 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    21 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو.
    فقير محمد سنڌي
    21ڊسمبر 1262ع تي برِصغير جي سهروردي سلسلي جو باني شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتان ۾ وصال ڪيو.
    21 ڊسمبر 1847ع تي عبدالقادر الجزائري، فرانسيسي فوجين جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا.
    21 ڊسمبر 1898ع تي پيري ڪيوري ۽ ميري ڪيوري تابڪاري عنصر ريڊيم دريافت ڪيو.
    21 ڊسمبر1923ع تي ممتاز افسانہ نگار ۽ ڪالم نگار انتظار حسين، بلند شھر يوپي ۾ جنم ورتو.
    21 ڊسمبر 1933ع تي ايڪتا (اخبار) هيءَ اخبار هفتيوار لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندي هئي. جنھن جو ايڊيٽر قسمت راءِ ڇڳاڻي هو.
    21 ڊسمبر 1940ع تي مشھور شاعر ۽ اديب ڪرم ٽالپر اصل نالو قادر بخش ولد عنايت علي ٽالپر ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
    21 ڊسمبر 1947ع تي قائداعظم، پاڪستان جو پھريون چيف اسڪائوٽ جي حيثيت سان حلف کنيو.
    21 ڊسمبر 1952ع تي سنڌو ماٿري جي ماڳ مڪان ۽ قديم تاريخي ثقافتي ورثن بابت کوجنا ڪندڙ بدر ابڙو ولد جمال ابڙو لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.
    21ڊسمبر 1952ع تي برصغير جو ناليوارو اڳواڻ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو کي لينن امن انعام ڏنو ويو.
    21 ڊسمبر 1959ع تي مشھور ريڊيو پروڊيوسر ۽ سڄاڻ اديب، شاعر مختيار ملڪ اصل نانءُ مختيار حسين ولد شفيع محمد ملڪ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
    21 ڊسمبر 1960ع تي صحافي ۽ سياستدان شيرين الرحمّٰن جو جنم ڏينھن آهي.
    21 ڊسمبر 1963ع تي بالي ووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينھن آهي.
    21 ڊسمبر 1968ع تي مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي.
    21 ڊسمبر 1968ع تي اپالو هشتم، چنڊ جي طرف روانو ٿيو.
    21 ڊسمبر 1972ع تي پاڪستان ٽيلي ويزن لاهور جي نئين عمارت جو افتتاح ٿيو.
    21ڊسمبر 1973ع تي عرب اسرائیل مسئلي جي حل لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس جو آغاز ٿيو.
    21 ڊسمبر 1977ع تي شاعر مولانا ثناءُ الله سنائي جو وڇوڙو ٿيو.
    21 ڊسمبر 1982ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق ۽ عظيم شاعر ابوالاثر حفيظ جالنڌري جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه مينارِ پاڪستان وٽ اٿس.
    21 ڊسمبر 1995ع تي بيت اللحم تي اسرائيلي قبضو ختم ٿيڻ کانپوءِ ان ڪنٽرول فلسطين اٿارٽي سنڀاليو.
    21 ڊسمبر 2001ع تي امن جو عالمي ڏينھن طور ملهائڻ جو اعلان گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي منظور ڪيو، گڏيل قومن جي عالمي اداري جي 1981ع کان اها ڪوشش جاري هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو