22 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو. فقير محمد سنڌي. 22 ڊسمبر 1183ع تي چغتائي خان، منگول بادشاھ جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1666ع تي شاعر گرو گوبند سنگھ ڀارتي جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1858ع تي اطالوي ڪمپوزر ۽ ماهر تعليم، جياڪومو پوچيني جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1887ع تي ڀارتي رياضي دان ۽ نظريا ساز رامانوجن جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1895ع تي جرمن ماهر وليم رونجن پهريون ڪامياب تجرباتي ايڪس ري ورتو. 22 ڊسمبر 1919ع تي شاعر مظفر حسين ”جوش“ ولد محمد حسين خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو خيرپور ۾ هن جو والد صاحب ڪنھن خاص عهدي تي فائز هيو. 22 ڊسمبر 1933ع تي عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار ولد عبدالله عرف جمعه خان جروار شھدادڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ جنم ورتو. 22 ڊسمبر 1934ع تي مشھور اديبه، نشاط فاطمہ جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1939ع تي ڪانگريس جي استعفائون کان پوءِ، قائداعظم جي اپيل تي هندستان ۾ يوم نجات جو ڏينهن ملهايو ويو. 22 ڊسمبر 1944ع تي پيپلز آرمي آف ويٽنام جو قيام عمل ۾ آيو. 22 ڊسمبر 1947ع تي مشھور سگهڙ عبدالعزيز چانڊيو جو جنم ڏينھن آهي. 22 ڊسمبر 1955ع تي آمريڪي ڪيميادان ۽ نوبل انعام يافته ٿامس - سي سڊهوف جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1966ع تي پاڪستان جي سائنسدانن پھريون دفعو ايٽم کي منتشر ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو. 22 ڊسمبر 1965ع تي پاڪستان پھريون ڀيرو ايٽمي ري-ايڪٽر جو ڪم شروع ڪيو. 22 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي پھرين نائب صدر نور الامين عھدي جو حلف کنيو. 22 ڊسمبر 1986ع تي اسٽار عبداللطيف ساقي لاهور ۾ وفات ڪئي. 22 ڊسمبر 1988ع تي آئرش مصنف، شاعر ۽نوبل انعام يافته، سيموئل بڪٽ جنم ورتو. 22 ڊسمبر 1999ع تي لاڙڪاڻي جي سينئر صحافي ۽ اديب هدايت منگي لاڏاڻو ڪيو. 22 ڊسمبر 2001ع تي افغان صدر حامد ڪرزئي پنھنجي ڪابينا سميت پنھنجي عهدن جو حلف کنيو. 22 ڊسمبر 2012ع تي سياستدان بشير احمد بلور جو وڇوڙو ٿيو.