• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

23 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
23 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي..
23 ڊسمبر 1904ع اردو جو ممتاز نقاد، محقق، شاعر، مترجم ۽ صحافي جليل قدوائي جو جنم ڏينهن آهي.
23 ڊسمبر 1906ع تي نامور محقق ۽ تاريخدان اي بي آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
23 ڊسمبر 1929ع تي شاعر رحمت الله شوق
شڪارپوريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
23 ڊسمبر 1933ع تي جپاني شهنشاھ، آڪي هيتو جو جنم ڏينهن آهي.
23 ڊسمبر 1941ع تي ٻئين جنگ عظيم ۾، آمريڪي فوج، واڪ آئي لينڊ ۾ جپانين جي آڏو ڪمزور پئجي وئي.
23 ڊسمبر 1944ع تي محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر يشودرا واڌواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
23 ڊسمبر 1953ع تي سنڌ فٽبال ايسوسيئيشن جو پاڪستان فٽبال فيڊريشن سان الحاق ٿيو.
23 ڊسمبر 1962ع تي روسي ماهر طبيعات ۽ ڪيميا دان سٽيفين هيل جو جنم ڏينهن آهي.
23 ڊسمبر 1969ع تي سماجي ورڪر انيڪ خوبين جو مالڪ جاويد صبغت الله ولد صبغت الله مھر ضلعي شڪارپور شھر چڪ ۾ پيدا ٿيو.
23 ڊسمبر 1971ع تي غلام مصطفى کر کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
23 ڊسمبر 1979ع تي روسي فوج، افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل تي قبضو ڪيو.
23 ڊسمبر 1990ع تي سلووينيا جي اٺاسي سيڪڙو عوام، يوگوسلاويا کان ڌار ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
23 ڊسمبر 1999ع تي ناليواري شاعر بلاول پرديسي جو وڇوڙو ٿيو.
23 ڊسمبر 2000ع تي نامياري گلوڪاره ملڪه ترنم ميڊم نورجھان جو وڇوڙو ٿيو.
23 ڊسمبر 2014ع تي نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جو وڇوڙو ٿيو
 
Back
Top