سر يمن ڪلياڻ ۾ سمايل روحاني رمزون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2021۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    “يمن“ جي لفظي معنيٰ آهي من کي روڪڻ جڏهن ته “ڪلياڻ” هڪ قسم جي راڳڻي آهي جيڪا رات جي وقت ڳائي ويندي آهي.هن سر جي شروع ۾ شاه سائين مالڪ حقيقيء کي سمورين جسماني ۽ روحاني بيمارين جو طبيب ڪوٺيندي کيس شفا لاء سڏڙا ڪري ٿو.هو نه رڳو طبيب پر حبيب به آهي جيڪو پنهنجي مخلوق سان ڪامل درجي محبت ۽ انيڪ احسان ڪري ٿو.

    تون حبيب، تون طبيب،تون درد جي دوا،

    جانب منهن جي جيء ۾، آزار جا انوا،

    صاحب! ڏي شفا،ميان! مريضن کي.

    “ اي جانب! تون ئي پيارو،تون ئي سڄڻ ۽ تون ئي منهنجو ويڄ آهين.بلڪه تون ئي هر درد جي دوا،هر سور لاء سڪون ، هر اذيت ۾ آٿت ۽ هر مرض لئي شفا آهين.منهن جي وجود ۾ قسمين قسمين دردن، سهسين سورن ۽ انيڪ آزارن ديرو ڄمائي رکيو آهي.توکان سواء ٻيو ڪير آهي جيڪو اهڙن لاچار مريضن ۽ بي پهچ بيمارن کي صحت ڏيئي سگھي.“

    هو رڳو طبيب ئي نه آهي پر پاڻ ئي درد آهي ۽ پاڻ ئي دوا،پاڻ ئي مرض آهي ۽ پاڻ ئي شفا،پاڻ ئي سور ۽ پاڻ ئي سڪون،پاڻ ئي اذيت ۽ پاڻ ئي آٿت.هو پاڻ ئي ڪنهن کي عشق جو گھاء ۽ فراق جو وڍ ڏئي ٿو وري انهيء کي ان جي عيوض انيڪ انعام به عطا ڪري ٿو.

    وڍي جن وڌياس،وري ويڄ ئي سي ٿيا،

    ترت ٻڌائون پٽيون،روح ڪيائون راس،

    هينئڙا ! تنين پاس،گھار ته گھائل نه ٿئين.

    “ جن چهڪ ڏيئي دل چاڪ ڪئي وري اهي ئي ويڄ بڻجي دل چاڪ ڪرڻ لڳا.اهڙيون ته پيار جو پٽيون ٻڌائون جو گھائل روح رچي راس ٿي پيو.اي دل! جيڪر گھرين ته توکي زماني جو ڪو ٻيو گھاء گھائل نه ڪري ته بس انهن محبوبن جي نظر ۾ ئي پنهنجو آستان ٺاهه ۽ انهن کان پاند پري هرگز نه ڪر.”

    انهيء ئيسر ۾ سهڻو لطيف انهن عارف بالله بزرگن،درويشن ۽ سچن صوفين کي به طبيب ٿو ڪوٺي جيڪي محبوب حقيقيء جي عشق ۽ محبت جي سوغات مخلوق خدا ۾ مفت ورهائيندا آهن ۽ عاشقن جي الستي راهه طرف رهنمائي ڪن ٿا.

    رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاء،

    جن کي سور سيد چئي،گھٽ منجھاران گھاء،

    لڪائي لوڪاء،پاڻيهي ٻڌن پٽيون.

    اهي واڍوڙيا ڪير آهن جيڪي خلق خدا جي دل ۾ الستي اکر رچائين ۽ قرب ايزديء جو وکر وهائين ٿا؟اهي ئي اهي سمجھه ۽ ساڃاه وند سريڙ رکندڙ سچا عاشق آهن جن پنهنجي سائينء کي سڃاتو.سندن سينا قرب جي ڪمان زخمي ڪيا ۽ اندر ۾ عشق الاهيء جي آتش سڀ غير ساڙي فناڪري ڇڏيو.انهن هن دوکي جي دنيا کان ڪڏهن به دوکو ناهي کاڌو.ظاهري دنيا پرست ماڻهو انهن کي ڪا اهميت نٿا ڏين ان ڪري جو انهن پنهن جي عشق کي لوڪان لڪائي رکيو آهي ۽ اهي پنهن جي درد جو تذڪرو ڪنهن سان به نٿا ڪن،اندر جو راز ڪنهن سان سلين ئي نٿا ۽ پنهن جا ڦٽ ڏيهه کي ڏيکارين ئي ڪونه! اهي دنيا جا عارضي فائدا ۽ ڪريل مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڪا ڊڪ ڊوڙ نٿا ڪن ۽ نه ئي وري مخلوق۾مقبوليت حاصل ڪرڻ لاء ڪي ناٽڪ رچائين ٿا.سندن زبانون اڪثر گنگ رهن ٿيون ايستائين جو پنهن جي نيڻن جا نير به ماڻهن کي نٿا ڏيکارين.

    آيل! ان نه وسهان هنجون جي هارين،

    آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،

    سڄڻ جي سارين،سي نڪي روون نڪي چون ڪي.

    انهن الله وارن ابدالن جي چند ساعتن جي صحبت جيڪر نصيب ٿئي ته نصيب بدلجي وڃن ۽ انسان پتل مان سون بڻجي پوي پر جيڪي سندن صحبت ۾ رهندي به ڪري نٿا ڪن،پليديء کان پرهيز نٿا ڪن ۽ ڪنن ڪرتوتن کان ڪناره ڪشي اختيار نٿا ڪن.پنهنجي سيني کي بغض ۽.ڪيني ۽ ڪدورت جهڙي ڍونڍ کان ڌوئي صاف نٿا ڪن انهن جي هر مشقت،نشست ۽ برخواست اجائي ۽ عبث آهي.

    آهي گھڻو اگھن جو،ترس طبيبن،

    ڪيو وس ويڄن،تان ڪريء ريء ڪين ٿئي.

    اگھن سان طبيبن جو انيڪ پيار آهي،انهن کي سندن اذيتن ۽ آزارن جو احساس آهي،کين سندن بيمارين تي گھڻي ڪهل اچي ٿي ان ڪري اهي پوري مشقت لڳائي سندن درد دور ڪرڻ جي ڪوشس ڪن ٿا پر جيئن ته اهڙن اگھن کان ڪري مور نٿي ٿئي ان ڪري اهي سگھا نٿا ٿين.

    هاريا! تو هري، ڪپج ڪايا سين ڪيو،

    ڪرين جي ڪري، ته ترت توانو ٿئين.

    ناڪامي تنهن جو نصيب ان ڪري بڻي جو تو پنهن جون بد خصلتون ۽ بريون عادتون ترڪ نه ڪيون.ڪپج ڪاياسين ڪيو يعني تو پنهنجي جند سان نسورو ناحق پاڻ ڪيو نه ته جيڪر ڪري ڪرين ها ته سريڙ سربستو صحتمند ٿي وڃي ها.

    اڳتي شاه صاحب سلوڪ جي هن سفر ۾ نڪتل مسافرن کي صلاح ٿو ڏئي ته اندر ۾ هر وقت خفي ذڪر جو خيمو کوڙي زبان کي تالو هڻ،روحاني راز سيني ۾ دفن ڪر ۽ عشق جي آگ ۾ پتنگ جيان چپ چاپ سڙي ۽پچري وڃ،ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍ،جيڪر عشق جو ڀالو سيني مان آر پار به ٿي وڃي ته فرياد نه ڪر نه ڪا آه ڀر.جيرا جگر بڪيون جيڪر ان آتش عشق ۾ سڙي خاڪ ٿي وڃن تڏهن به خاموش رهه.

    هيء پر اڱارن، جو ٻه ڏائين ٻرن جي،

    هڪ کوري کانئيا،ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،

    پاڻان لوهارن،ميڙي رکيا مچ لئي.

    اڱرن ( ڪوئلن) کان سبق سک اي سلوڪ جا مسافر! جيڪي ٻه ڀيرا باه برداشت ڪن ٿا.هڪ ته کوري ۾ متل مچ اندر سڙيا مٿان وري ڌوڌيء ۾ اچي جليا.لوهارن ڏسي وائسي کين مچ مچائڻ لاء ميڙي رکيو آهي.

    پر لطيف سرڪار خبردار ٿا ڪن ته ان رستي ۾ انساني نفس جيڪو حرص ۽ هوس جو پتلو آهي سو وک وک تي وڏيون رنڊڪون ٿو وجھي ۽ انسان ۾ تڪبر جو ٻج پوکي نيٺ کيس محفل محبوب مان تڙائي ٿو ڇڏي.

    ڪيئن ماپيندا من ۾، خودي ۽ خدا،

    ٻن تراڙن جاء، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.

    ساڳي دل ۾ خودي ۽ خدا گڏ رهي نٿا سگھن،جيستائين تون پنهن جي هئڻ جي هوڏ تان نٿو لهين توکي سائينء جي ساڃاه حاصل ٿي نٿي سگھي.زبان سان ته غيرالله جو انڪاري آهين پر پورو وقت پنهنجي پرستش ۾ پورو آهين.تنهن جو پنهن جو وجود ئي تنهن جي ۽ محبوب جي وچ ۾ حجاب بڻجي ويو آهي.

    ان بعد لطيف سائين ان رستي جي پانڌيئڙن لاء هڪ انمول نڪتو ٿو نروار ڪري ته هن واٽ تي برداشت،رواداري،وسعت قلبي،صبر ۽ سهپ سواء اڳتي سفر ڪري نٿو سگھجي،مثال ڏين ٿا وڻن جو.

    وڃي پڇ وڻن کان، جڏهن ميوا ڪن،

    ٺڪر،ڀتر،ڇاڙيون،سهسين ٿا سهن،

    آهي سخاوت سيد چئي، دل ۾ درختن،

    ڦريو ٿا ڦر ڏين،نيڪيء نيت پانهنجي.

    وڻن ۾ جڏهن ميوو ڀرجي ٿو ته اهي وڌيڪ ملنسار بڻجي جھڪي پون ٿا،ماڻهو انهن کي ڀتر،پٿر ۽ لڪڻ هڻن ٿا پر جواب ۾ اهي سڀ ڪجهه صبر سان سهي ماڻهن کي ميوو ونڊين ٿا.مطلب ته

    صبر گھڻو سڦرو، ٻي جڳائي ماٺ،

    پيو لتاڙج لطيف چئي،چرج ۾ مٿان چانئٺ،

    ته ڏنجھڻ پون ڪاٺ،سڄڻ ٿين سامهان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو