ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي.. 24 ڊسمبر 1167ع تي منگول حڪمران، چنگيز خان جنم ورتو. 24ڊسمبر 1851ع تي ڪانگريس ڪتب خاني کي باهه لڳي. 24 ڊسمبر 1868ع تي رياضي دان ۽ فلسفي امانوئل لاسڪر جو جنم ڏينهن آهي. . 24 ڊسمبر 1870ع تي سر سيد احمد خان علمي اصلاحي ”ماهوار تهذيب الاخلاق جاري ڪيو. 24 ڊسمبر 1892ع تي مضمون نگار، نقاد ۽سوانح نگار رشيد احمد صديقي جنم ورتو. 24 ڊسمبر 1900ع تي ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ولد محمد يوسف شيخ ڪراچي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر،ا ديب، نقاد، محقق ۽ افسانه نگار اٿس. 24 ڊسمبر 1906ع تي ڪئنيڊا ۾ پھرين ريڊيو نشريات جي ابتدا ٿي. 24 ڊسمبر 1915ع تي جڳ مشھور قانوندان، معروف فلسفي، مشھور اديب ۽ مقرر اي ڪي بروهي، اصل نالو الله بخش ولد ڪريم بخش بروهي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. 24 ڊسمبر 1919ع تي مشھور اديب سجاد حيدر جو جنم ڏينھن آهي. 24 ڊسمبر 1919ع تي ناليواري شاعر قتيل شفائي جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1923ع تي انگلينڊ جي مشھور ڪرڪيٽر ڪالن ڪاؤڊر جو جنم ڏينھن آهي. 24 ڊسمبر 1924ع تي عظيم گلوڪار محمد رفيع امر تسر جي ويجهي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. 24 ڊسمبر 1950ع تي ٽي وي اداڪار معين اختر جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1951ع تي لبييا، برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي. 24 ڊسمبر 1952ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، نقاد، تاريخ نويس پروفيسر منگارام ملڪاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. 24 ڊسمبر 1952ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي لاڙڪاڻي ۾ بختراءِ مٽلائي جي گهر ۾ جنم ورتو. 24 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز نشان ِ حيدر ميجر اڪرم شھيد کي مليو. 24 ڊسمبر 1982ع تي ڪراچي ٽيسٽ ميچ ۾ ظھير عباس 186 رنز ٺاهي، ڀارت خلاف هڪ هزار رنز مڪمل ڪرڻ جو پھريون پاڪستاني رانديگر هيو. 24 ڊسمبر 1987ع تي تامل ناڊو جي وزير اعلى راما چندرن جو وڇوڙو ٿيو. 24 ڊسمبر 1993ع تي ٿر جو عظيم دانشور معمور يوسفاڻي لاڏاڻو ڪيو. 24 ڊسمبر 1994ع تي فن موسيقي جو ماهر ۽ شاعر استاد پيرل قنبر لاڏاڻو ڪيو. 24 ڊسمبر 1995ع تي صوفي بزرگ ۽ شاعر جانڻ چن جو وصال ٿيو. 24 ڊسمبر 1999ع تي انڊين ايئر لائين، جيڪا کٽمنڊو لاءِ اڏام ڪئي، ان کي هاءِ جيڪ ڪري افغانستان جي شهر ڪابل ۾ لاٿو ويو. 24 ڊسمبر 2003ع تي صدر جنرل پرویز مشرف اعلان ڪيو ته : ايڪٽيهه ڊسمبر ٻه هزار چار تائين وردي لاھيندو. 24 ڊسمبر 2006ع تي سنڌي ڊرامن جي مشھور اداڪار مشتاق جسڪاڻي جو وڇوڙو ٿيو. 24 ڊسمبر 2007ع تي فلمي مشھور اداڪار اظھار قاضي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ٿيو.