سريلو راڳي ۽ ڪمپيئر سرفراز علي جتوئي فقير محمد سنڌي هيء سموري ڪائنات قدرت جو ڪرشمون آھي جنهن پنهنجي قدرت سان ڪائنات ۾ ھر ساھ واري کي، ڪنهن نه ڪنهن خوبي سان نوازيو آھي۔اهڙي طرح سموري ڪائنات جو چرخو پنهنجي قدرتي نظام موجب روان دوان آھي ۔ انسان کي رب ڪريم اشرف المخلوق جي شرف سان نوازي علم ،عقل ۽ فهم عطا ڪيو آھي ۔ انسان پنهنجي عقل سان وري گهڻو ڪجھه پرايو آھي ۔ اهڙي طرح اديب ، استاد ۽ شاعر ڪامل امداد جتوئي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ھڪ ننڍڙي عمر واري سيبتي سنگر سرفراز علي جتوئي کي به رب ڪريم علم ، عقل ۽ فهم وارو ڪري فن ِ موسيقي جي اڻانگي علم جو ڏانء ڏيئي فن ِ موسيقي جي سفر جو مسافر بڻايو. اڻانگا سفر سڀ وڏا عشق وارا ۽ منزل پڳا پو سچا عشق وارا سنڌ ڌرتي جو سريلو سنگر سرفراز علي ولد ڪامل امداد جتوئي هن پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پرائمري ديني مدرسي اسڪول مان وڌيڪ انٽر پائليٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ اعلی' تعليم M.A۔ Med شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين۔ عمر جو ته ننڍڙو هيو کيس اخلاق ، ڪردار ۽ علم ِ موسيقي جي ذوق ۽ شوق وڏو ڪري ڇڏيو هيس ۔ هن ننڍڙي سنگر علم ِ موسيقي جي شروعاتي سکيا لاڙڪاڻي شھر جي نالي واري”تبلي ۽ ڍولڪ نواز استاد هري ڪرسچن“کان 2002ع ۾ شاگرد هجڻ جي سڃاڻپ طور ڳانو ٻڌرائڻ واري رسم جي اهتمام ڪرڻ سان شروع ڪئي، تن ڏينهين سرفراز علي ستين درجي جو شاگرد هيو۔ لاڙڪاڻي شهر جي مشھور امپائر سئنما روڊ تي هڪ ڪمري تي مشتمل سنڌ سينگار سنگيت ڪلب هوندي هئي جنهنجو باني استاد راڳي سيد ستار علي جيلاني هوندو هيو۔ جتي تبلي نواز استاد” هري ڪرسچن کان شاگرد ٿيڻ جي سکيا جو سفر شروع ڪيو۔ سرفراز علي جتوئي تبلي/ڍولڪ جي نهايت ئي شوق ۽ محنت واري محبت جي رنگ ۾ رنڱجي پنهنجي چاه سان سکيا جاري رکي ۔ انهيء فني سفر ۾ آنء به سرفراز علي جتوئي جو ساٿي رهيو هوس۔سرفراز علي کي پنهنجي استاد تبلي جا گهڻا ئي گرَ ۽ هنر سمجهايا ۽ سيکاريا هئا ۔سرفراز علي جتوئي جا جڏهن ننڍڙا پتڪڙا هٿڙا تبلي جي مٿان ڇائنجي ويندا هئا ته رڌم ۾ هڪ لئه پيدا ٿي ويندي هئي۔ ۽ تبلي جا سرَ وکري وڃي موسيقيت جي علم جي دنيا جا انڊلٺي رنگ نکاجي ويندا هئا۔هونئن به عام چوڻي مشھور آھي ته موسيقي” روح جي غذا آھي“۔ ”روح جي راحت آھي“ ۔ سرفراز علي جتوئي جڏهن به تبلو يا ڍولڪ تي ڪنهن فنڪار سان سنگت ڪندو هيو ته هن جي ساٿ نڀائڻ جو لطف ئي پنهنجو ته وري هن جو ننڍڙي عمر ۾ فن جي مظاهري ڪرڻ جو مزو ئي نرالو هوندو هيو ۔ جڏهن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي وڏي سالگره وڏي پئماني تي شاهنواز لائبرري ۾ ملهائي وئي هئي ته سڀني کان ننڍڙو فنڪار سرفراز علي جتوئي هيو ۔ هن سالگره ۾ پوري سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن جا SD صاحب ۽ پروڊيوسر ۽ اسلام کان آفيسر آيل هئا ۔ انهي پروگرام ۾ سرفراز علي 2 گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو هيو۔ سرفراز علي جتوئي جي انهيء شروعاتي موسيقيت واري سفر ۾ راڳي سيد ستار علي جيلاني ۽ فنڪار سڪندر علي سرگاڻي به تمام گهڻو مددگار رهيا ۔ سکيا واري مرحلي دوران سرفراز علي سيد ستار علي جيلاني سان گهڻي قدر وڄت ڪندو هيو۔گهڻي قدر وڄت جا گهڻا گر ۽ هنر سرفراز علي کي سيکاري ورتا هئا .تن ڏينهن ۾ سرفراز علي جتوئي سان گڏ ٻيا به نوجوان فنڪار راڳ سکڻ ايندا هئا جن ۾ عاشق علي مگسي، نادر علي لاشاري،مورخ سنڌي، نثار علي جوکیو ۽ ٻيا هر هڪ فنڪار جا پنهنجا ٽائيم مقرر هوندا هئا۔ سرفراز علي جتوئي هڪ جيڏن کي باجو وڄائيندو ڏسي سندس شوق ۾ اضافو ٿيو ۔ ۽ باجي جي سکيا ۾ دلچسپي ڏيکاريائين ۔ اهڙي ريت باجي جي سکيا لاء سيد ستار علي جيلاني کي استاد تسليم ڪري سنگيت جي سکيا جي ٻئي چيپٽر جو به سفر شروع ڪري ڏنو ۔ سرفراز علي جتوئي جو موسيقي جي علم ۾ اڃان به اضافو ٿيندو رهيو۔ ۽ شوق وارو شينهن ڇيريون پائي نروار ٿي نچندو رهيو۔ سرفراز علي جتوئي جي اهڙي شوق کي پسند ڪندي بابا ڪامل امداد جتوئي کيس ڪي بورڊ خريد ڪري ڏنو ۽ گڏو گڏ گهڻو همٿايو . هن سلڇڻي سنگر سرفراز علي جتوئي کي انهيء عشق 2004ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان فنڪارن جي علم ِ موسيقي واري امتحان ۾ به پاس ڪرايس۔ انهن ڏينهن ۾ پروگرام مئنيجر سائين شوڪت علي خاصخيلي ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر سائين ڪوثر ٻرڙو جن هئا۔هنن مهربانن هن ننڍڙي فنڪار کي A ڪيٽيگري ۾ پاس ڪري انعام طور اهڙو سرٽيفڪيٽ سندس هٿن ۾ ڏنو۔اهڙي طرح هي ننڍڙو فنڪار سڄي سنڌ جي فنڪارن جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو۔ تن ڏينهن ۾ سرفراز علي جتوئي جي عمر ”ننڍي “ هئي ۔اها هن نوجوان جي محنت جنهن کيس رنگ لائي اعلي' مقام تي پهچايو هيو۔ سرفراز علي جتوئي ساڳئي سال 2004ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ريڊيو ڪمپيئرنگ جي آڊيشن ڏيئي پاس ٿيو ۔2010ع ۾ سنڌ يونورسٽي طرفان استادن جي ڀرتي وارو امتحان پاس ڪري باشعور استاد بڻيو ۔اهڙيء طرح ريڊيو تان ٻارن جا پروگرام ڪرڻ ھن جو مشغلو بڻجي ويو، سنگر جي حوالي سان سرفراز علي جتوئي جي اها ڀرپور ڪوشش هوندي هئي ته ڪنهن ڪيسٽ ڪمپني سان ايگريمينٽ ڪري ڪلاسيڪل انداز ۾ آڊيو ۽ وڊيو مڪمل ڪيسيٽ رڪارڊ ڪرائي مارڪيٽ ۾ آڻجي۔اهڙي قسم جي تياري ۾ پڻ مصروف هيو۔باقي پرائيوٽ ٽي وي چئنلز تي ڪافي سارا وڊيو سانگ وقت به وقت پلي ٿيندا رهن ٿا ۔ انهيء کان علاوه سرفراز علي جتوئي جا ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا رڪارڊ ٿيل سانگ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهندا آھن ۔ سرفراز علي جتوئي مذھبي پروگرامن ۾ وڏين درگاهن ۽ مسجدن ۾ نعت رسول مقبول صه به وڏي چاه مان ڳائي انعام حاصل ڪندو رهندو هيو گڏو گڏ پيرن ۽ فقيرن جو دعائون به کٽيائين.ڪنهن شاعرخوب چيو. ملي ئي نٿو ڪجه اميرن جي در تان ۔ اچو فيض ماڻيون فقيرن جي در تان ۔ اسٽيج پروگرام تمام گهٽ ڪندو هيو انهيء جو سبب اهو آهي ته هن سرفراز علي جتوئي وٽ ٻيون به مصروفيتون تمام جام هيون جهڙوڪ بهترين ريڊيو ڪمپيئر، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جو ميمبر نعت خوان ، هڪ محنتي استاد ۽ سٺو سوشل ورڪر رهيو۔ سنگر سرفراز علي جتوئي سنگيت جي حوالي سان گهڻو ڪجھ پرائي رهيو هيو۔ هن سلڇڻي سنگر جي ڳايل ڪيترن ئي گيتن ، غزلن ۽ ڪلامن مشھوري ماڻي، جن ۾ 1.استاد بخاري جي شاعري ۔ سهي ڪين ڪنهنجو هتي پيار دنيا ۔ ڪري پيار وارن سان تڪرار دنيا ۔ 2.سچل سرمست رح۔ اڱڻ اسان ڏي يار آوين آوين وي دلدار ۔ 3. عطا ستاري ۔صوفي جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ۔ هن عشق جي آواز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ ۔ 4. شاعر صوفي وريل فقير۔عشق عقل جو لڳو آھي جهيڙو ڪير نبيري ڪير ميان ۔ 5.شاعر ڪاشف لاڙڪ ۔ سينگار جا سمورا هٿيار يار تو وٽ ۔ نيڻن جي تيز ترڇي تلوار يار تو وٽ۔ 6. راحت ملي ٿي درد ۾ . مان پيار تان صدقي ۔ هن نوجوان سنگر سرفراز علي جتوئي سان حسنِ اخلاق سبب ڪيترائي پنهنجا ۽ پراوا پيار ڪندا هئا ۔ افسوس جو۔ 16۔ 2015 آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ميوزڪ شعبي جي چئرمين محترم رياض سومري ٻن سالن واري پيرڊ ۾ سندس گهڻي اسرار جي باوجود ميوزڪ جي ڪنهن به پروگرام ۾ دعوت نه ڏني هئي۔ اهو ارمان اڄ به شدد سان محسوس ٿي احساس ڏياريندو آھي ۔هن نوجوان راڳي وٽ حسن ِ اخلاق جو هڪ وڏو خزانو هوندو هيو۔سرفراز علي جتوئي صحافتي شعبي سان دلچسپي رکندو هيو تنهنڪري سوشالاجي ۾ ماسٽر ڪيائين۔ ۽ تعليم کاتي استاد هجڻ ڪري جلد ئي ايم ايڊ ڪيائين۔ سنگر سرفراز علي جتوئي کي چئن ٻولين ڳالهائڻ تي عبور حاصل هوندو هيس۔1. انگريزي 2.سنڌي 3,سرائڪي 4. اردو 5. ڪجھ چيني ۔ چائني ٻولي انهيء ڪري جو ٿورا ڏينهن چين ولايت ۾ گذاريا هئائين ۔ سرفراز علي جتوئي چين ۾ به موسيقي جا وڏا ادارا وزٽ ڪيا هئا ، انهن ادارن جي سربراهن سان موسيقي جي معاملن تي خوبصورت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئائين ۽ انهن کي سنڌي موسيقي ۾ راڳ ٻڌائي ڏاڍو مان پاتو هيو۔ سرفراز علي چواڻي ته موسيقي وارن ادارن ۾ زير ِ تعليم ننڍڙا به علم ِ موسيقي جا وڏا ماهر هئا۔ ڪي بورڊ ٻنهي هٿن سان پلي ڪري زبردست ڌنون ڳائن پيا۔ آنء جڏهن ڪي بورڊ هڪ هٿ سان پلي ڪيو ته انهن هڪ دم منهنجو ٻيو هٿ ڪي بور تي رکرائي چيو ته ٻنهي هٿن سان پلي ڪر۔ هڪ هٿ سان ڪي بورڊ پلي ڪرڻ هنن لاء وڏو ڪو عيب هيو.