25 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي 25ڊسمبر 336ع تي روم ۾ پهريون دفعو عيسي ابن مريم جو ڏينهن ولادت( ڪرسمس ) ملهايو ويو. 25 ڊسمبر 1642ع تي انگريز طبيعيات دان ۽ رياضي دان آئزڪ نيوٽن جنم ورتو. 25 ڊسمبر 1643ع تي جزيره ڪرسمس، بحر هند ۾ دريافت ٿيو. 25 ڊسمبر 1918ع تي مصر جو صدر ۽ نوبل انعام يافته انور سادات جنم ورتو. 25 ڊسمبر 1927ع تي ڀارتي سارنگي نواز، رام نارائڻ جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1949ع تي اڳوڻو وزير اعظم پاڪستان، ميان محمد نواز شريف جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1872ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار نواب غيب خان چانڊيي جو اصل نالو علي نواز خان ولد سردار محمد خان چانڊيو، ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو. ڊسمبر 1876ع تي قائد اعظم محمد علي جناح و جناح25 پونجاه، ٺٽي ضلعي جهرڪ شھر ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سرڪاري حلقن سندس جنم ڀومي ڪراچيءَ کي قرار ڏنو. 25 ڊسمبر 1922ع تي اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر الياس عاشقي جو جنم ڏينھن آهي. 25 ڊسمبر 1925ع تي آبپاشي جو ماهر ۽ نثر نويس ايم-ايڇ پنھور مڪمل نالو محمد حسين ولد حاجي خان پنھور ڳوٺ ابراهيم پنھور ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. 25 ڊسمبر 1935ع تي درديلو شاعر ۽ رياست خيرپور جو ناميارو والي مير علي نواز ناز وفات ڪئي آخري آرام گاهه ڪربلا معليٰ ۾ اٿس. 25 ڊسمبر 1931ع تي سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخص سردار واحد بخش خان ڀٽو ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو. 25 ڊسمبر 1956ع تي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر آڪاش انصاري اصل نالو الھه بخش انصاري ڳوٺ ابل جي وسيءَ بدين ۾ ڄائو. 25 ڊسمبر 1962ع تي مشھور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. 25 ڊسمبر 1964ع تي شاعر ۽ نثر نگار انور ڏنگڙائي اصل نالو انور علي ابڙو ڏنگڙي لڳ موهين جو دڙو ۾ پيدا ٿيو. 25 ڊسمبر 1968ع تي ناليواري ليکڪ، ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله بليدي، ڳوٺ گل محمد بلوچ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ٿيو. 25 ڊسمبر 1976ع قائد اعظم جو سوءُ سال جنم ڏينهن، شان شوڪت سان ملھايو ويو ۽ يادگار سڪو به جاري ڪيو ويو. 25 ڊسمبر 2004ع تي نامور استاد، شاعر ۽ سگهڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي وفات ڪئي. 25 ڊسمبر 2016ع تي راڳي ۽ ڪمپيئر سرفراز علي جتوئي، راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ اٿس.