• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محنت، دلچسپي ۽ پريڪٽس ( مشق )

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
محنت، دلچسپي ۽ پريڪٽس ( مشق )​

roger.jpg
دنيا جو ڪو به ڪم هجي مان سمجهان ٿو ته اگر محنت، ۽ سچي دل سان نيت ڪري ڪوشش ڪجي ته انشاءالله ڪامياب ٿئي سگهجي ٿو، پر ان لاء محنت (۽ اها محنت جيڪا صحيح ۽ بار بار ڪئي وڃي، ) جي سخت ضرورت آهي، اچو ته ڏسون هن دوست ( Tommy Sandoval ) ڪيتري محنت ڪئي آهي۔

http://www.youtube.com/watch?v=dZuxYzDV5LY&feature=channel
http://www.youtube.com/watch?v=Pit1qBV6H7g&feature=channel
http://www.youtube.com/watch?v=Lt7VfoUGni0&feature=channel
http://www.youtube.com/watch?v=ovi2nBEDhd8&feature=fvhl
 
جواب: محنت، دلچسپي ۽ پريڪٽس ( مشق )

واقعي ادا هر ڪم ۾ جيڪڏهن محنت ۽ دلچسڇي هجي ته ڪاميابي ممڪن آهن

اهڙي بهترين ونڊ تي توهان کي مبارڪ هجي توهان جون ڪوششون سنڌ سلامت فورم لا۽ انتهائي لاجواب آهن

سدائين گڏ
 
جواب: محنت، دلچسپي ۽ پريڪٽس ( مشق )

زبردست ونڊ آهي۔۔ هي ڏکيون رانديون واقعي لاڳيتي جستجو، پريڪٽس، حوصلي ۽ دلچسپي سان سکي سگهجن ٿيون۔ مون کي ڪنگ فو يا ڪراٽي جو وڏو شوق آهي پر ڄامشورو ۾ ڪو اهڙو مرڪز ڪونهي
 
جواب: محنت، دلچسپي ۽ پريڪٽس ( مشق )

ادا سائين هڪ چوڻي آهي ته ؛ “جنهنجي گُندي ۾ داڻا، تنهنجا چريا به سياڻا”

عزيز دوستو، يورپي، آمريڪي، آسٽريلوي ۽ گهڻي ڀاڱي ايشيائي قومن پنهنجي نسل کي صحتمند ماحول ۽ وسيلا فراهم ڪيا آهن جنهن مطابق هو دنيا جي هر رستي تي هلڻ جي قابل ٿيندا پيا وڃن ۽ هر ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارن پيا ۔۔۔

باقي آ پنهنجي قوم ۽ ملڪ لا ڇا چوان، اوهان پاڻ جنهن ماحول ۾ زندگي گذاريو ٿا انجي ماحول ۽ وسيلن جي ڪيئن ڦرمار ٿئي ٿي تنهنجو ذڪر آ ڇا ڪريان، اوهان پاڻ ڄاڻو ٿا ۔۔۔
 
Back
Top