26 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    26ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي. 26 ڊسمبر 1530ع تي برصغير ۾ مغل سلطنت جو باني ظھير الدين بابر جو وڇوڙو ٿيو.
    26 ڊسمبر 1782ع تي ٽيپو سلطان، والد حيدر علي جي وفات کان پوءِ ميسور جو حڪمران بڻيو.
    26 ڊسمبر 1885ع تي اردو نقاد، ماهر لسانيات ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالستار صديقي جنم ورتو.
    26 ڊسمبر 1893ع تي عوامي جمھوريه چين جي عظيم انقلابي ليڊر چيئرمين ماؤزيتنگ جو جنم ڏينھن آهي.
    26 ڊسمبر 1925ع تي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو قيام عمل ۾آيو.
    26 ڊسمبر 1935ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر روهن کنھائي جو جنم ڏينھن آهي.
    26 ڊسمبر 1950ع تي اڳوڻو وزير اعظم پاڪستان، راجا پرويز اشرف جو جنم ڏينهن آهي.
    26 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ جو يگانو شاعر حافظ حيات شاهه حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
    26 ڊسمبر 1957ع تي سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
    26 ڊسمبر 1972ع تي آمريڪي سابق صدر هيري ٽرومن جو وڇوڙو ٿيو.
    26 ڊسمبر 1982ع تي شاعر ۽ نثر نويس جيئند علي مھر ڳوٺ جيئو مھر، لکي غلام شاهه ۾ جنم ورتو.
    26 ڊسمبر 1994ع تي اردو جي مشهور شاعره پروين شاڪر اسلام آباد ۾ روڊ حادثي سبب اجل جو شڪار ٿي.
    26 ڊسمبر 1997ع تي لطيف شناس جيجي ڊاڪٽر در شهوار سيد وفات ڪئي. جيجي درشهوار سيد جون سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. آخري آرام گاهه سن ۾ اٿس.
    26 ڊسمبر 2003ع تي ايران جي شهر بام ۾ زلزلي سبب ڏھ ھزار شهرين موت کي ڳلي لاتو.
    26 ڊسمبر 2004ع تي انڊونيشيا ۽ اتر ايشيائي ملڪن ۾ سونامي طوفان ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي اجل جو شڪار بڻايو.
    26 ڊسمبر 2006ع تي شاعر منير نيازي جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو