28ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو. فقير محمد سنڌي.. 28ڊسمبر 1083ع تي مراڪش جو مشھور اديب، مورخ، محدث ۽ مالڪي مسلڪ واسطو رکندڙ قاضي عياض جو جنم ٿيو. 28ڊسمبر 1694ع تي انگلستان جي ٻئين ملڪه ميريءَ وفات ڪئي . 28 ڊسمبر 1856ع تي آمريڪا جي سابق صدر ٿامس و روولن جو جنم ڏينھن آهي. 28ڊسمبر 1859ع تي انگريز مورخ ۽ سياستدان لارڊ ميڪاليءَ جو وڇوڙو ٿيو. 28 ڊسمبر 1885ع تي انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد رکيو ويو. 28ڊسمبر 1895ع تي دنيا جي پهرين فلمي ٿيٽر جو پيرس ۾ افتتاح ٿيو. 28ڊسمبر 1922ع آمريڪي ناشر ۽ اداڪار سٽين لي جو جنم ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1924ع تي ناليواري ليکڪا اتمچنداڻي سندري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. 28 ڊسمبر 1925ع تي اداڪار سنتوش ڪمار، اصل نالو سيد موسى رضا، جو جنم لاهور ۾ ٿيو. 28 ڊسمبر 1928ع تي اديب ۽ استاد خالد ٽالپر جو اصل نالو مولوي محمد صديق ٽالپر ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 28 ڊسمبر 1936ع تي شاعر سائل آزاد اصل نالو بابو غلام حسين ولد الله بچايو ڊکڻ ۾ جنم ورتو. 28ڊسمبر 1937ع تي نئين دستور ۽ نفاذ کان پوءِ آئرلينڊ ري پبلڪ بڻيو. 28 ڊسمبر 1940ع تي سينگال اقوام متحده جو ميمبر بڻيو. 28 ڊسمبر 1941ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ جو رانديگر ۽ سابق ڪپتان انتخاب عالم جو جنم ڏينھن آهي. 28ڊسمبر 1944ع تي آمريڪي حياتي ڪيميادان ۽ فيڪلٽيءَ ڪيري ميولس جو جنم ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1948ع تي مصر جي سابق وزيراعظم محمود فھمي الفراشي کي قتل ڪيو ويو. 28 ڊسمبر 1951ع تي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پھريون ڀيرو گورنر راڄ فافذ ڪيو ويو. 28 ڊسمبر 1962ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده نشريات جو آغاز ٿيو. 28 ڊسمبر 1970ع تي سنڌ جو با اثر زميندار غلام محمد وساڻ وفات ڪئي. 28 ڊسمبر 1972ع تي ليکڪ رفيق جويو جو جنم ڏينھن آهي. 28 ڊسمبر 1974ع تي پاڪستان جي شھر سوات ۾ قيامت خيز زلزلو آيو. 28 ڊسمبر 1975ع تي ڪھنه مشق شاعر ۽ نهايت خوش مزاج ۽ کلمک انسان شهنشاهه هالائي وفات ڪئي. 28 ڊسمبر 1984ع تي سنڌ ۽ سيد سان عشق ڪندڙ بشير خان قريشيءَ شادي ڪئي. 28ڊسمبر 1985ع تي لبنان ۾ مسيح ۽ مسلمان گروپن وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿيو. 28 ڊسمبر 1986ع تي ليکڪ ماجد سنڌي جو جنم ڏينھن آهي. 28 ڊسمبر 1997ع تي برصغير جو مھان ڪوي شاعر شيخ اياز اَسر ويل 4 وڳي ڌاري ميڊ ايسٽ اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو آخري آرام گاهه ڪراڙڍنڍ جي ڪپ تي ڀٽائي گهوٽ جي پاڙي ۾ اٿس. 28 ڊسمبر 2010ع تي فلمي ڊائريڪٽر جاويد فاضل جو وڇوڙو ٿيو.