29 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    29ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو.
    فقير محمد سنڌي.
    29ڊسمبر 1530ع تي همايون تخت نشين ٿيو.
    29 ڊسمبر 1845ع تي ٽيڪساس آمريڪا جي رياست بڻيو.
    29ڊسمبر 1927ع تي برصغير جو ناليوارو طبيب، حڪيم اجمل خان، رام پور ۾ وفات ڪئي.
    29ڊسمبر 1930ع تي علامه اقبال، الھ آباد ۾ تاريخي خطاب دوران مسلمانن ۽هندن جي جدا ملڪ جو مطالبو ڪيو.
    29 ڊسمبر 1932ع تي اردو جي نامياري شاعر محسن ڀوپالي جو جنم ڏينھن آهي.
    29 ڊسمبر 1937ع تي بھترين گلوڪاره، ليکڪا، اداڪاره ۽ صداڪاره زرينه بلوچ ڌي محمد موسيٰ بلوچ ڳوٺ الهداد چنڊ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو آمنه هو. سنڌ جا ماڻهو جيجي جي لقب سان سڏيندا هئس.
    29 ڊسمبر 1942ع تي بالي ووڊ اداڪار راجيش کنا جو جنم ڏينھن آهي.
    29 ڊسمبر 1949ع تي هالينڊ، انڊونيشيا جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو.
    29 ڊسمبر 1949ع تي مشھور رانديگر سيد مجتبى ڪرماني جو جنم ڏينھن آهي.
    29ڊسمبر 1951ع گورنر جنرل غلام محمد، سنڌ اسيمبليءَ کي معطل ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو.
    29 ڊسمبر 1969ع تي صوفي منش شخصيت ۽ ڀڳتي راڳي، ڀڳت چنديرام جو چالاڻو ٿيو.
    29 ڊسمبر 1976ع تي رانديگر ثقلين مشتاق جو جنم ڏينھن آهي.
    29 ڊسمبر 1985ع تي فلپائن جي صدر مسز اڪينو کي سڀ کان ممتاز شخصيت قرار ڏنو ويو.
    29 ڊسمبر 1986ع تي آمريڪي مصنف جان فيڪڊ ونلڊ جو وڇوڙو ٿيو.
    29ڊسمبر 1986ع تي نامور ڪلاسيڪل راڳي ننڍي غلام علي خان، لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
    29ڊسمبر 1994ع تي لاهور ۾ ڪينسر اسپتال شوڪت خانم جو افتتاح ٿيو.
    29 ڊسمبر 1999ع تي بشير خان قريشي 11 مھينا 12 ڏينھن قيد ڪاٽي حيدرآباد سينٽرل جيل مان آزاد ٿيو.
    29 ڊسمبر 2002ع تي شاعر پيرل پرديسي سيتائي جو وڇوڙو ٿيو.
    29 ڊسمبر 2012ع تي مشھور ڪمنٽيٽر ۽ ڪرڪيٽر ٽوني گريگ سڊني آسٽريليا ۾ وفات ڪئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو