30 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 30 ڊسمبر 1800ع تي بزرگ پير قائم الدين قلندر بڪيرائي جو وڇوڙو ٿيو. 30 ڊسمبر 1906ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. 30 ڊسمبر 1919ع تي لنڊن جي معروف درسگاھ لنڪنزان، پهرين خاتون طالب علم کي داخلا ڏني. 30 ڊسمبر 1920ع تي سنڌ جو مايه ناز اديب، شاعر، عالم، صحافي ۽ دانشور مولانا غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان لغاري ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. 30 ڊسمبر 1922ع تي يونين آف سوويت سوشلسٽ ري پبلڪ جو قيام عمل ۾ آيو. 30 ڊسمبر 1930ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس الھه آباد ۾ ٿيو. 30 ڊسمبر 1930ع تي اردو جو ممتاز اديب، ماهر آثار قدیم، محقق ۽ مورخ ابن حنيف جنم ورتو. 30 ڊسمبر 1939ع تي شاعر غلام سرور حاذق جو جنم ڏينھن آهي. 30 ڊسمبر 1942ع تي شاعر محمد بخش نياز جو جنم ڏينھن آهي. 30 ڊسمبر 1947ع تي رومانيه مان بادشاهت ختم ٿي. 30 ڊسمبر 1953ع تي پهرين رنگين ٽيلي ويزن سيٽ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ متعارف ڪرايو ويو. 30 ڊسمبر 1967ع تي ذوالفقار علي ڀٽي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو.. 30 ڊسمبر 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽي، اسٽيل ملز جو سنگ بنياد رکيو. 30 ڊسمبر 1980ع تي قائد اعظم جي خاندان اهم رڪن شيرين ٻائي، جو ڪراچيءَ ۾ وڇوڙو ٿيو. 30 ڊسمبر 1985ع تي مخدوم سجاد حسين قريشي پنجاب جو گورنر بڻيو. 30 ڊسمبر 1985ع تي ريٽائرڊ جنرل محمد موسى، بلوچستان جو گورنر بڻيو. 30 ڊسمبر 1985ع تي پاڪستان ۾ مارشل لا ختم ڪئي وئي ۽ 1973 جي آئين جي ڪجهه ترميمن کي بحال ڪيو ويو. 30 ڊسمبر 1986ع تي برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ميڪملن جو وڇوڙو ٿيو. 30 ڊسمبر 1988ع تي صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد يعقوب جتوئي جو وڇوڙو ٿيو . 30 ڊسمبر 2006ع تي عراقي صدر، صدام حسين جو وڇوڙو ٿيو. 30 ڊسمبر 2018ع تي ڀارتي اداڪار مرنال سين جو وڇوڙو ٿيو.