31 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    31 ڊسمبر ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي..
    31 ڊسمبر 1599ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ٿي.
    31 ڊسمبر 1879ع تي ٿامس ايڊيسن سري عام بلب جي روشنيءَ جو مظاهرو ڪيو.
    31 ڊسمبر 1892ع تي موسيقار آسر فقير جو جنم ڏينھن آهي. آسر فقير ولد ميرڻ خواجه ضلعي ٺٽي، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ تـڙ خواجه ۾ جنم ورتو.
    31 ڊسمبر 1904ع تي پهريون ڀيرو نئين سال جو جشن، نيو يارڪ آمريڪا ۾ ملهايو ويو.
    31 ڊسمبر 1914ع تي ليکڪ گل محمد شاهه رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
    31 ڊسمبر 1914ع تي شمس العلماء ۽ مشھور شاعر مولانا الطاف حسين حاليءَ جو پاڻي پت ۾ وڇوڙو ٿيو.
    31 ڊسمبر 1928ع تي مشھور اديب ڪرنل غلام سرور جو جنم ڏينھن آهي.
    31 ڊسمبر 1929ع تي انگلينڊ جي مشھور ڪرڪيٽر پيٽرمي جو جنم ڏينھن آهي.
    31 ڊسمبر 1946ع تي آمريڪي صدر، هيري ٽرومين باضابطه طور ٻئين عالمي جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
    31 ڊسمبر 1953ع آمريڪي اداڪاره ۽ گلوڪاره جين هيڊلر جو جنم ڏينهن آهي.
    31 ڊسمبر 1958ع تي وڪيل ۽ سياستدان محمد اياز سومرو، خدا بخش سومرو جي گهر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    31 ڊسمبر 1967ع تي صحافي سيد معظم بخاري جو جنم ڏينھن آهي.
    31 ڊسمبر 1980ع تي نوجوان شاعر همراز علي فقير اصل نالو (امتياز حسين) والد جو نالو خدابخش مڱڻهار سندس جنم سوڀوديرو شھر ۾ ٿيو.
    31 ڊسمبر 1982ع تي نامور زميندار، اديب، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي عاشق رئيس ڪريم بخش نظاماڻي وفات ڪئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1909ع ڌاري ماتلي ضلعي بدين ۾ جنم ورتو هو.
    31 ڊسمبر 1984ع تي تعليمدان پروفيسر اڪرم انصاري جو وڇوڙو ٿيو.
    31 ڊسمبر 2008ع تي اداڪار سھراب مشوري راهه رباني ورتي.
    31 ڊسمبر 2010ع تي گلوڪار امانت گل جو وڇوڙو ٿيو.
    31 ڊسمبر 2018ع بالي ووڊ اداڪار قادر خان جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو