• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
2 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي..

2جنوري 1857ع تي برطانوي فوجين، ڀارت جي شهر ڪلڪتي تي قبضو ڪيو.

2 جنوري 1990ع تي محقق، ڏاهو، اديب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
• 2 جنوري 1937ع تي مشهور شاعر آثم ناٿن شاهي اصل نالو غلام رسول خيرپور ناٿن ضلعي دادو ۾ ڄائو.
• 2 جنوري 1925ع تي سماجي ورڪر اشرف عباسي بيگم ڌيءَ حڪيم سعيد خان ڳوٺ وليد لڳ لاڙڪاڻي ۾ ڄائي.
• 2 جنوري 1977ع تي سنڌي لوڪ ادب جو مشهور سگهڙ ٻيڙو فقير حيدر آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
• 2 جنوري 1968ع تي ليکڪ ۽ صحافي جاويد ڀٽي بئراج ڪالوني سکر ۾ پيدا ٿيو.
• 2 جنوري 1907ع تي حاجي خان محمد چنجڻي 76 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.

2 جنوري 1929ع تي پاڪستان فلم انڊسٽري جو ممتاز مزاحيه اداڪار لهري، ڪان پور هندستان ۾ جنم ورتو.

2جنوري 1932ع تي اردو جي ممتاز شاعر ۽ نقاد انجم اعظمي جو جنم ڏينهن آهي.

• 2 جنوري 1948ع تي مشهور سنڌي اديب، مورخ ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي ضلعي دادو جي بختيار پور ڳوٺ ۾ ڄائو.
• 2 جنوري 1912ع تي ناميارو عالم پير غلام رسول سرهندي ضلعي حيدرآباد جي شهر مٽياري ۾ ڄائو.
• 2 جنوري 2003ع تي نياز همايوني اصل نالو مشتاق احمد وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ، شاعر هئس.
• 2 جنوري 1937ع تي شاعر سروپ چندر “شاد“ مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.

2جنوري 1942ع تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران، فلپائن جي دارالحکومت منيلا تي جپاني فوج قبضو ڪيو.
• 2 جنوري 1970ع تي نوجوان شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عادل عباسي اصل نالو عبدالحق ولد محمد آچر مجاهد عباسي ڳوٺ لعلو رائنڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

2جنوري 1972ع تي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اعلان ڪيو ته هر قسم جي صنعت کي قومي تحويل ۾ ورتو ويندو.
 
Back
Top