3جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    3 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

    فقير محمد سنڌي.
    • 3 جنوري 1922ع تي نالي واري قلمڪار، شاعر، نقاد، صحافي ۽ ڪهاڻيڪار ڪيرت ٻاٻاڻي موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.

    3جنوري 1938ع تي ڀارتي سياستدان جسونت سنگھ جنم ورتو.

    • 3 جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر “جوش ٻرڙو” اصل نالو نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو قنبر تعلقي جي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ پيدا ٿيو.

    • 3 جنوري 1952ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار واجد اصل نالو شعبان علي منگي، لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.

    3جنوري 1955ع تي بلوچستان، اولھ پاڪستان تي مشتمل ون يونٽ ۾ شامل ٿيو.

    3جنوري 1958ع تي ويسٽ انڊيز فيڊريشن جو عمل ۾ آيو.

    3جنوري 1959ع تي الاسڪا، 49هين رياست طور آمريڪا ۾ شامل ٿيو.

    3جنوري 1961ع تي آمريڪا، ڪيوبا سان سياسي رابطو ختم ڪيو.

    3جنوري 1966ع تي ايوب خان، لال بهادر شاستري سان گول ميز ڪانفرنس لاءِ تاشقند روانو ٿيو.

    3جنوري 2005ع تي ڀارت جي قومي سلامتيءَ جو مشير، جي اين ڊڪشٽ وفات ڪئي.

    3جنوري 2007ع تي اڳوڻي صدر پاڪستان، جنرل پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ۾ ملوث هجڻ جو انڪار ڪيو.

    3جنوري 2008ع تي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت في بيرل 100 ڊالر تي پهتي.

    3جنوري 2020ع تي بغداد جي بين الاقوامي هوائي اڏي جي ويجهو، ايراني جنرل قاسم سليماني کي شھيد ڪيو ويو.

    3جنوري2020ع تي ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر حميد سنڌي هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو