4 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    4 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

    فقير محمد سنڌي.

    4جنوري 1762ع تي انگلستان، هسپانيا ۽ نيپال سان جنگ جو اعلان ڪيو.

    4جنوري 1809ع تي اکين کان معذور فردن لاءِ لکت ۽ مطالعي جو موجود لوئس بريل پئرس ۾ جنم ورتو.

    • 4 جنوري 1895ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ حاجي محمود خادم والد جو نالو محمد بچل ذات جو قريشي تونيه عرب جي ولادت تعلقي ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بٺي ۾ جنم ٿيس.
    • 4 جنوري 1913ع تي خيرپور رياست جو والي مير فيض احمد (ثاني) ولد مير علي نواز خان ناز ٽالپر ڪوٽ ڏيجي ۾ جنم ورتو.

    4جنوري 1931ع مولانا محمد علي جوهر، لنڊن گول ميز ڪانفرنس جي دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو.

    4جنوري 1932ع تي برطانوي ايسٽ انڊيا جي وائسرائي ويلنگٽن، گانڌي ۽ نهرو کي گرفتار ڪرايو.
    • 4 جنوري 1947ع تي مشهور صحافي انور سيال ڳوٺ حاجي ابراهيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ۾ محمد بخش سيال جي گهر جنم ورتو.

    4جنوري 1948ع تي برما( ميانمار) برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.

    4جنوري 1950ع تي پاڪستان، چين کي تسليم ڪيو.

    4جنوري 1967ع تي فنونِ لطيفه، موسيقي ۽ انساني حقن پرچارڪ ڪندڙ بيگم عطيه فيضي جو لاڏاڻو ٿيو.

    • 4 جنوري 1973ع تي نامياري ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاري، مٺيءَ ۾ پهلاج مل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.
    • 4 جنوري 1977ع تي نوجوان ائنٿراپالجسٽ ۽ محقق ذوالفقار علي ولد مير محمد ڪلهوڙو، وارهه تعلقي جي ڳوٺ آباد ڪلهوڙا ۾ ڄائو.

    4 جنوري 1999ع تي سنڌ جو تمام سٺو عالم حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي المعروف مولانا ٻير وارو وفات ڪري ويو آخري آرام گاهه ٻير شريف قنبر ۾ اٿس.

    4جنوري 2006ع سعودي عرب جي بادشاهه عبدالله السعود، ڀارت جي شهر دهليءَ جي جامع مسجد جي مرمت لاءِ امداد جي پيشڪش ڪئي.

    4جنوري 2011ع تي پنجاب گورنر، سلمان تاثیر پنهنجي محافظ هٿان قتل ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو