5 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي.. 5جنوري 1592ع تي تاج محل تعمیر ڪرائيندڙ مغل شهنشاهه شاهجهان جو جنم ڏينهن آهي. 5جنوري 1909ع تي ڪولمبيا، پاناما جي آزادي قبول ڪئي. 5 جنوري 1928ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيو. اباڻو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو اٿس. • 5 جنوري 1927ع تي شاعر پبلشر ۽ صحافي مقبول احمد ڀٽي ولد محمد موسيٰ راز ڀٽي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. تخلص دانش هئس. • 5 جنوري 1939ع تي ريڊيو ۽ ٽي وي جي دنيا جي معروف شخصيت عبدالڪريم بلوچ ولد الله بچايو خان رند بلوچ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ڳوٺ محمد يوسف بلوچ ۾ پيدا ٿيو. 5جنوري 1950ع تي ناليوارو مذهبي اسڪالر مولانا زاهد الراشدي جو جنم ڏينهن آهي. • 5 جنوري 1952ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بهترين ڪمپيئر مير محمد لنجار ڳوٺ مانجهو تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. • 5 جنوري 1918ع تي سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ۽ قومي شاعر محمد خان مجيدي ولد قيصر خان جتوئي ڳوٺ شادمان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. • 5 جنوري 1937ع تي اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ ميول نيوند رام آهوجا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. • 5 جنوري 1971ع تي نوجوان ٽهي جو اهم شاعر احمد سولنگي ولد رسول بخش سولنگي موري شهر ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. • 5 جنوري 1971ع تي ليکڪ ۽ محقق اشرف علي سمون ڳوٺ پيلوڙي سما تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. • 5 جنوري 1934ع تي نامور ديني عالم، مولوي عبدالحميد ولد مولوي عبدالله چانڊيو، سيتا روڊ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. • 5 جنوري 1981ع تي خالد زخمي چانڊيو ولد ڄام خان “زخمي چانڊيو” ڳوٺ جواب پور تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ريڊيو پروڊيوسر اٿس. . 5جنوري 2002ع تي کٽمنڊو ۾ يارهين سارڪ ڪانفرنس جي موقعي تي جنرل پرويز مشرف، ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي سان تاريخي ملاقات ڪئي. 5جنوري 2004ع ايران، مصر سان سفارتي لاڳاپا مڪمل بحال جي رضا مندي ڏيکاري. 5جنوري 2012ع تي ريڊيو، ٽي وي ۽ فوڪ ڪلاسيڪل راڳي رسول بادشاھ جو وڇوڙو ٿيو.