6هين جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    6 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو.

    فقير محمد سنڌي

    6 جنوري 1883ع تي لبناني ۽ آمريڪي شاعر، مصور ۽ فلسفي خليل جبران جو جنم ڏينهن آهي.

    6جنوري 1918ع تي جرمني رياضي دان ۽ فلسفي جورج ڪنٽور جو وڇوڙو ٿيو.. 6 جنوري 1935ع تي هيرو شيوڪاڻي ضلعي ٺٽي جي شهر چوهڙ جمالي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نقاد اٿس.

    • 6 جنوري 1934ع تي نقاد ۽ محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي خانواهڻ ضلعو نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ساهتي جا قديم علمي مرڪز.

    6جنوري 1944ع تي آمريڪي اداڪاره ۽ گلوڪاره بوني فرينڪلن جو جنم ڏينهن آهي.
    • 6 جنوري 1950ع تي نالي وارو شاعر راهي چنا اصل نالو محمد پريل ولد محمد ڇٽل چنا جوهي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.

    6جنوري 1959ع تي ڀارتي ڪرڪيٽر، ڪپيل ديوي جو جنم ڏينهن آهي.

    6جنوري 1967ع تي ڪمپوزر، گلوڪار ۽ گيت نگار اي آر رحمان جنم ورتو.

    6جنوري 1990ع تي روسي ماهر طبيعيات، پاول چينڪوف جو وڇوڙو ٿيو.

    6جنوري 1997ع تي مهان ڪمپيئر موسيقيءَ جو پارکو ۽ اديب ممتاز مرزا سڀ محفلون ۽ ميڙاڪا ڇڏي هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

    6جنوري 2004ع تي پاڪستان ۽ ڀارت، مسئلي ڪشمير تي نئين سر ڳالهين لاءِ راضي ڏيکاريو.

    6جنوري 2010ع تي دنيا جي وڏي عمارت برج دبئي( برج خليفه) جو افتتاح ٿيو.

    6جنوري 2013ع تي پاڪستاني مذهبي سياستدان قاضي حسين احمد جو وڇوڙو ٿيو.

    6جنوري 2016ع تي ڏکڻ ڪوريا چوٿين جوهري تجربي ۾ هائڊروجن بم جي ڪامياب تجربي جي دعوي ڪئي.

    6جنوري 2017ع تي ڀارتي اداڪار اوم پري جو وڇوڙو ٿيو.

    6جنوري 2018ع تي تنقيد نگار ۽ شاعر پروفيسر عفاف صادق جو وڇوڙو ٿيو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو