بيت جي پڙھڻي ******************* اَوَتَڙِ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ، هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ، بَي بَها بعلِمَ، آگي ڪيا اَڳهين. ******************* مھربانن پاران آيل رسالن جا عڪس ***************** 1-گنج شريف- صراط بلوچ 2-ٻانھون خان شيخ جو رسالو- صراط بلوچ 3-استاد لغاري جو رسالو-استاد لغاري 4-ڪلياڻ آڏواڻي جو رسالو- مجيب الرحمان 5-مرزا قليچ بيگ جو رسالو -نظام الدين لاشاري 6-برٽش ميوزم ڇاپو -مھراڻ سنڌي 7-بمبئي ڇاپو 1867 -مھراڻ سنڌي 8-ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو رسالو- مھراڻ سنڌي، محراب سنڌي 9-ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وارو رسالو ڏھ جلدي -مھراڻ سنڌي 10-غلام محمدشاھواڻي وارو رسالو محراب سنڌي **بيت ۾ آيل لفظن جي مختلف صورتن جي تفصيل** **سٽ پھرين** 1-ڪه، ڪنه(پراڻي صورت) ڪنھن (موجودہ صورت) 2- اولئا(پراڻي صورت)، اوليا(موجودہ صورت) 3-وئا(پراڻي صورت)، ويا(موجودہ صورت) **سٽ ٻئين** 1-ھيڪائي، ھيڪان ئي *ھيڪان ئي* بلوچ صاحب ء استاد لغاري لکيو آھي, باقي گنج سان گڏ ٻين محققن ھيڪائي لفظ لکيو. 2- ھيڪ، ھڪ *ھڪ* لفظ مرزا قليچ بيگ لکيو، باقي گنج سان گڏ ٻين محققن ھيڪ لکيو 3-سان، سين **سان* لفظ گنج ۾ آيل آهي، جيڪو ٻانھي خان شيخ پڻ لکيو آھي باقي ٻين محققن سين لکيو آھي. **سٽ ٽئين** 1-بالم، بعلم گنج شريف ۾ لفظ *بعلم* آھي جيڪو ٻانھي خان به لکيو باقي ٻين محققن بالم لکيو. 2- آگي، آڳي *آڳي* لفظ صرف شاھواڻي لکيو. گنج ۾ ک استعمال ٿيل آھي جيڪو گ،ڳ لاءِ پڻ استعمال ڪيل آھي. 3-ڪئا(پراڻي صورت)، ڪيا(موجودہ صورت) 4-اڳھين، اڳھم اڳھم لفظ کي گربخشاڻي ء شاھواڻي صاحب لکيو اصل ۾ اکر «م» جو استعمال «ين» لاء ڪيو ويو آهي مطلب لفظ جو اچار اڳھين ئي ڪبو.