بيت جي پڙهڻي“وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئين اِيَّ“

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ****بيت جي پڙهڻي****
    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئين اِيَّ
    تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن،
    تان تون وَڃِو ڪِيئن نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.
    **رسالن جا عڪس**
    1)- گنج شريف جو عڪس صراط بلوچ
    2)- رسالو علامه آئي آئي قاضي جو عڪس صراط بلوچ
    3)- رسالو ٻانھون خان شيخ جو عڪس صراط بلوچ
    4)- رسالو مرزا قليچ بيگ جو عڪس نظام الدين لاشاري
    5)- بمبئي ڇاپو 1867 جو عڪس
    6)-رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو عڪس مھراڻ سنڌي
    7)-رسالو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو عڪس مھراڻ سنڌي
    8)-رسالو استاد لغاري جو عڪس علي غلام مري

    **سٽ پھرين**
    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئين اِيَّ
    ھن سٽ جي آخري لفظ جون صورتون
    اِيَّ
    ايئن
    پھرين صورت پراڻي آھي جيڪا گنج شريف ۾ موجود آھي
    ٻئي صورت موجودہ لکت واري آھي.
    *اِيَّ*- ھي صورت گنج شريف ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمد شاھواڻي وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    *ایئن*- (برٽش ميوزم ڇاپو بلوچ) علامه آئي آئي قاضي، ٻانھون خان شيخ، استاد لغاري،
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    مرزا قليچ بيگ ھن صورت ۾ *ن* رکي آھي *اينئن*
    سٽ ٻئين
    تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن،
    پھريون 01
    نرتو
    نرتون
    نرتئون
    *نرتو* گنج، شريف، بمبئي ڇاپون 1867, ٻانھون خان شيخ وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    *نرتون* مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    *نرتئون* علامه آئي آئي قاضي، استاد لغاري وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    ٻيون 02
    نيه - پراڻي صورت
    نينھن - موجوده صورت
    نيھن -
    نيه - گنج شريف، بمبئي ڇاپون 1867، گربخشاڻي وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    نينھن - ٻانھون خان شيخ، مرزا قليچ بيگ وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    نيھن - (برٽش ميوزم ڇاپو بلوچ) علامه آئي آئي قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، استاد لغاري وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    سٽ ٽئين
    تان تون وَڃِو ڪِيئن نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.
    پھريون 01
    ڪِيَّ - پراڻي صورت.
    ڪيئن - موجوده صورت
    *ڪِيَّ* - گنج، ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، (بمبئي ڇاپون 1867 ڪِنيَّ) وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    *ڪيئن* - (برٽش ميوزم ڇاپو بلوچ)علامه آئي آئي قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، استاد لغاري وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    ٻيون 02
    نايين
    نائيين- پراڻيون صورتون
    نائين - موجوده صورت
    نائين - مرزا قليچ بيگ, ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، استاد لغاري، وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    نايين- ڊاڪٽر گربخشاڻي واري رسالن ۾ آيل آهي.
    نائيين - ٻانھون خان، (علامه آئي آئي قاضي نایئین) وارن رسالن ۾ آيل آهي.
    سمري لفظي صورتون
    **پھريون لفظ**
    اِيَّ
    ايئن
    **ٻيون لفظ**
    نرتو
    نرتون
    نرتئون
    **ٽيون لفظ**
    نيه -
    نينھن
    نيھن
    **چوٿون لفظ**
    ڪِيَّ -
    ڪيئن -
    **چوٿون لفظ**
    نائين
    نايين
    نائيين
    **لفظن جون تبديليون**
    تان
    سر
    ڪنڌ
    بلوچ صاحب ٻئين سٽ جو لفظ *تان* نه لکيو آھي.
    آخر سٽ ۾ آيل لفظ *سر* کي مرزا قليچ بيگ ء علامه آئي آئي قاضي مٽائي *ڪنڌ* لکيو آھي جيڪا ھنن صاحبن جي پنھنجي راءِ ٿي سگھي باقي گنج واري لفظ *سر* کي اڪٽر محققين ساڳيو رکيو آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو