• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيت جي پڙهڻي “اَوَلُ، اَللهُ، عَلِيمُ، اعليٰ، عَالَمَ جو ڌَڻِي،”

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
****بيت جي پڙهڻي****
اَوَلُ، اَللهُ، عَلِيمُ، اعليٰ، عَالَمَ جو ڌَڻِي،
قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَتَ سِين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
والِي، واحِدُ، وَحَدَهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،
سو ساراهِه سچوڌَڻِي، چَئِي حَمد، حَڪِيمُ،
ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙَئون، جوڙَ، جَهانَ جِي.
**بيت جي پڙهڻي متعلق سامهون آيل ڪجهه نتيجا**
**سٽ پهرين**
اَوَلِ، اَللهُ، عَلِيۡمُ، اعليٰ، عَالَمَ جو ڌَڻِي،
1) “اول” هي بيت جو پهريون لفظ آهي جنهن جون ٻه صورتون ڇاپي رسالن ۾ سامهون آيون هڪ اَوَلُ ٻئي اَوَلِ
2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ غلام محمد شاهواڻي جي رسالن ۾ ل تي زير ڏنل آهي
3) “اول” عربي لفظ آهي ۽ عربي لغت مطابق ل تي پيش “لُ” اچڻ گهرجي ۽ گنج شريف ۾ به پيش ئي آيل آهي. گنج شريف ۽ عربي لغت مطابق ٻانهي خان شيخ ۽ استاد لغاري صاحب پڻ اول جي ل تي پيش ڏني آهي. جنهن جي معنيٰ ٿيندي سڀ کان پهريون.
**سٽ ٻئين**
قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَتَ سِين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
4) لفظ “پنهنجي” جيڪو اڪثر رسالن ۾ بغير اعرابن جي لکيل آهي تنهنجي جيم“ج” هيٺيان زير لازمي پڙهڻ گهرجي
**سٽ ٽئين**
سو ساراهِه سچوڌَڻِي، چَئِي حَمد، حَڪِيمُ،
5) اڪثر رسالن ۾ لفظ چئي بغير اعرابن جي آيل آهي جنهن مطابق اچارڻ سان معنيٰ ۽ مفهوم تمام وڏي تبديلي اچي وڃي تنهن ڪري لفظ ۾ موجود ئ ءِ هيٺيان زير لازمي ڏئي اچارجي جنهن جي لکت “چَئِي” ۽ اچار آهي “چَ اِي”
**سٽ پنجين**
ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙَون جوڙَ جَهانَ جِي
6) هن سٽ ۾ آيل هي لفظ“جوڙون جوڙَ جَهانَ جِي” مختلف لکتن سان موجود آهن
جوڙون جوڙ جهان جون- گنج- ٻانهون خان شيخ، استاد لغاري
جوڙئون جوڙ جهان جي- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جوڙون جوڙ جهان جي - غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ،
جوڙي جوڙ جهان جي- ممبي ڇاپو 1867
**بيت جا ڪافيا ۽ انهن جا اچار**
عَلِيمُ، قَدِيّمُ، رَحِيۡمُ، حَڪِيّمُ، ڪرِيّمُ هي سڀ عربي لفظ آهن تنهن ڪري اچارڻ وقت عربي اصول مطابق پيش کي ختم ڪندي جزم جو اچار ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو مطلب ته پيش کي اعلانيا پڙهڻ جي ضرورت ناهي. ان کان علاوه سنڌي لهجن تحت به اچارڻ وقت اها پيش گهڻو ڪري اچارڻ ۾ نٿي اچي.
**رسالن جا عڪس ونڊ ڪندڙ مهربان**
1. گنج ونڊ ڪندڙ صراط بلوچ
2. رسالي ٻانهون خان شيخ ونڊ ڪندڙصراط بلوچ
3. رسالو استاد لغاري ونڊ ڪندڙ محترم استاد لغاري
4. رسالو مرزا قليچ بيگ ونڊ ڪندڙ محترم نظام الدين لاشاري
5. رسالو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ونڊ ڪندڙ محترم مهراڻ سنڌي
6. رسالو بمبئي ڇاپو 1867 ونڊ ڪندڙ مهراڻ سنڌي
7. رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي ونڊ ڪندڙ مهراڻ سنڌي
8. رسالو ڪلياڻ آڏواڻي ونڊ ڪندڙ امتياز علي بلوچ
 
Back
Top