شفيق الرحمان شاڪر هڪ معروف مسخري ميڊيا “دانشور“ کي هڪ دفعو وري جمهوريت دشمن دورو پيو آهي.هڪ نجي ٽي وي چينل تي پنهنجن “قيمتي“ خيالن جو اظهار ڪندي فرمايو اٿس“ پاڪستان کي 15 سالن لاء سخت فسطائيت جي گھرج آهي ۽ جيڪو به جمهوريت جي ڳالهه ڪري ان کي گولي ماري ڇڏڻ گھرجي.“ اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ان صاحب فسطائيت ۽ آمريت جي وڪالت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي پر هو ۽ سندس ئي سوچ سان سهمت ڪيترائي نام نهاد اينڪر ۽ دانشور وقت بوقت اها راڳڻي ڳائيندا رهيا آهن.سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن ماڻهن کي جمهوريت ۽ جمهوري روين کان ايتري چڙ ڇو آهي ۽ وقت جي هر جابر ۽ آمر حڪمران جي قدمبوسي ڪرڻ ۽ ان جي توصيف جا گيت ڳائڻ ۾ انهن کي ڪهڙو لطف ٿو اچي؟ ڳالهه ايتري سادي ناهي.اصل ۾ پاڪستان ۾ هڪ طبقو شروع کان اهڙو رهندو ٿو اچي جن ڪڏهن دل سان اهو تسليم ئي ناهي ڪيو ته هي ملڪ گھڻ قومي صوبن جو هڪ وفاق آهي جتي رياستي ۽ حڪومتي مامرن ۾ عوام جي راء سواء قومي سلامتيء کي يقيني بنائي نٿو سگھجي.ڏاڍ مڙسي ۽ طاقت جي زور تي زبانون بند ڪري ڪجهه وقت لاء ڪم ته ٽپائي سگھجي ٿو پر ملڪ کي مضبوط نٿو ڪري سگھجي.اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته پاڪستان جي ٽٽڻ جو الميو عوام کي سندن جمهوري ۽ سماجي حقن کان محروم ڪرڻ جو نتيجو ئي هو.ڪو حمودالرحمان ڪميشن جي حقيقتن کي نٿو مڃڻ گھري ته سندس مرضي پر تاريخ کي پنهنجي مرضيء موجب تبديل ڪري نٿو سگھجي.اها رڳو هڪڙي دانشور يا صحافيء جي سوچ ناهي پر هتي اصل واڳ ڌڻين هميشه عوام کي لڪڻ ذريعي هڪلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهنجا اگرا نتيجا ڀوڳڻ بعد به سندن سوچ،روين ۽ پاليسين ۾ اڃا تائين ڪا تبديلي ناهي آئي.اهڙا نام نهاد داشور ۽ صحافي به اها ئي ڳالهه اڳيان آڻيندا رهن ٿا جيڪا سوچ سندن فڪري آقائن جي آهي.يعني حد ٿي ويئي جو اڄ جي سڌريل ۽ جمهوريت پسند دنيا ۾اسان وٽ هڪ اهڙو طبقو آباد آهي جيڪو جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ کي گناه عظيم سمجھي ٿو ۽ وري جيڪر اهڙا ماڻهو پاڻ کي روشن خيال دانشور به سڏائيندا هجن ۽ مٿان ماڻهن کي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي سر عام گوليون هڻڻ جي ڳالهه به ڪندا هجن ته هن ملڪ ۽ قوم جي بدنصيبيء تي ڇا ٿو ڪري سگھجي.اصل ۾ انهيء ئي خاص طبقي ڪنهنجي خاص فرمائش تي هاڻوڪي وزير اعظم جناب عمران خان کي ڪجهه سال پهرين هڪ فرشتي جي روپ ۾ پيش ڪندي ٻين سمورن سياسي اڳواڻن کي ڪرپٽ ۽ نااهل ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي.هاڻي جڏهن هاڻوڪي حڪومت جا سڀ پرڪار سامهون آيا آهن ۽ عوام کان ملندڙ بددعائون سندن ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن ته انهن وٽ ٻيو ڪو رستو نه بچيو آهي ته انهن ناڪامين ۽ نامرادين جي سموري ذميداري پنهنجي پسنديده حڪمرانن ۽ آنهن جي سهولتڪارن تي وجھڻ بدران جمهوريت کي ئي سمورين خرابين جو بنياد ثابت ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچن ٿا.انهن کان ڪو پڇي ته خان صاحب ڪهڙن جمهوري روين ۽ قدرن کي بچائيندي پنهنجي هر قابليت،صلاحيت ۽ محنت ضايع ڪري ويٺو آهي؟جمهوريت جي حامين کي ته فائرنگ اسڪواڊ سامهون بيهاري گولين سان اڏائڻ جي خواهش اڌما ڏيئي ٻاهر نڪري رهي آهي پر جيڪي ماڻهو رياست اندر رياست قائم ڪيو ويٺا آهن ۽ جن جي هٿن تي هزارين بيگناه پاڪستانين جو رت آهي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء کڙيون اڀيون ٿي رهيون آهن؟هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي ايڪويهين صديء اندر به فاشزم جي حمايت ۾ ترانا ڳايا ۽ ٻڌا پيا وڃن؟اهو صحيح آهي ته سياستدان جمهوريت جي گھربل معيار تي پورا ناهن لٿا ۽ انهن جي ريڪارڊ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون،خرابيون ۽ ڪمزوريون نظر اينديون پر ان ۾ جمهوريت جو قصور ڪيئن ٿو ٿابت ٿئي؟۽ اهو به ته هتي جمهوريت کي سندس اصل روح مطابق هلڻ ڪٿي ڏنو ويو آهي.گذريل سياسي حڪومتن سان جيڪي ڪجهه حشر ٿيندو رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي.پنهنجن غلطين ۽ غلط پاليسين جو جائزو وٺڻ بدران جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙن کي گوليون هڻڻ جون صلاحون ڏنيون پييون وڃن ۽ نت نوان تجربا ڪرڻ لاء سٽون سٽيون پييون وڃن.يعني هميشه لاء جمهوريت جي ئي هن ملڪ مان تڏا ويڙه ڪرائي اقتدار پوريء طرح اڻ ڄاڻايل مدي لاء آمرن ۽ جابرن بلڪه فاشسٽ حڪمرانن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن“ نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري.” نه هوندي جمهوريت ۽ نه رهندي ڪا عوامي راء جي اظهار جي آزادي.اهڙا “روشن خيال” اڃا تائين هن پياري پاڪستان ۾ کوڙ آهن جيڪي هن ملڪ ۽ عوام کي هڪ دفعو وري پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جي خوبصورت خواهش رکن ٿا!