• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

7 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
7 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

فقير محمد سنڌي.

7 جنوري 1988ع تي شاعر ۽ قومي ڪارڪن مولانا محمد عظيم شيدا لاڏاڻو ڪري ويو. مولانا عظيم شيدا 1870ع ۾ ڳوٺ گل ٻرڙو تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو.
• 7 جنوري 1986ع تي سنڌ جو نقاد قربان علي بگٽي دل جي تڪليف ڪري لاڏاڻو ڪري ويو.
• 7 جنوري 1929ع تي سنڌ جو زميندار، راڳ جو پارکو ۽ ادب دوست شخص سيٺ وشنداس چلاڻو ڪيو.
• 7 جنوري 1930ع تي سنڌ ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد اصل نالو ارجن جيٺا تنواڻي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
• 7 جنوري 1953ع تي شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تهمينه مفتي نوابشاهه شهر ۾ ڄائي. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج.
• 7 جنوري 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ پدم راجا شرما حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
• 7 جنوري 1959ع تي سنڌ جو مشهور سگهڙ محمد مٺل جهتيال ڳوٺ گاجي جهتيال، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
• 7 جنوري 1916ع تي ناميارو استاد ۽ ڊراما هدايتڪار ڇتل سرهيو، موري شهر ۾ پيدا ٿيو.
• 7 جنوري 1904ع تي شاعر عبدالله “خواب“ حيدرآبادي ولد ميان علي بخش ڀٽي جنم ورتو.
• 7 جنوري 2007ع تي سنڌ جو نالي وارو، شاعر، صحافي ۽ مترجم، انور پيرزادي لاڏاڻو ڪيو.
 
Back
Top