9 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    9 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

    فقير محمد سنڌي.

    9جنوري 1760ع تي براري گهاٽ جي ميدان ۾ افعانن جي مارشل لا مارٽن کي شڪست ملي.

    9جنوري 1882ع تي پهريون ڀيرو ليڪچر، آسڪر وائلڊ، نيو يارڪ آمريڪا ۾ ڏنو.

    9 جنوري 1960ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جنگ جوٽيندڙ حاجي محمود خادم لاڏاڻو ڪري ويو لاڙڪاڻي ۾ رکيل آهي.

    9جنوري 1977ع صدر پاڪستان فضل الاهي، وزيراعظم جي درخواست تي اسيمبلين کي معطل ڪيو ته جيئن نيون چونڊون ڪرايون وڃن.

    9جنوري 1991ع تي سپاھ صحابہ جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا ايثار الحق قاسمي کي جهنگ شهر ۾ قتل ڪيو ويو.

    • 9 جنوري 1997ع تي شاعري، تاريخ ۽ جاگرافي جو ڄاڻو روشن علي تنيو وفات ڪئي.

    9جنوري 1998ع تي جپاني ڪيميادان ۽ محقق ڪينچي فوڪوئي جو وڇوڙو ٿيو.
    • 9 جنوري 1958ع تي سرهندي پيرن جو نامور فرد غلام مجدد سرهندي وفات ڪئي.

    9جنوري 2006ع تي بوسنيا قومي اتحاد جي اڳوڻي جنرل سر مائيڪل روس پاران غير ملڪي نيوز ايجنسي کي انٽرويو ۾ صدر ٽوني بليئر تي عراق جنگ جي خلاف مواخذه ڪاميٽي ڪوٺائڻ جو مطالبو ڪيو.

    9جنوري 2003ع تي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ريڪارڊ تيزي آئي.

    9جنوري 2004ع تي آمريڪا، عراقي صدر صدام حسین کي جنگي قيدي قرار ڏنو.

    9جنوري 2005ع تي فلسطيني اڳواڻ محمود عباس فلسطيني اٿارٽي جو صدر چونڊيو ويو.

    9جنوري 2007ع تي ايپل ڪمپيوٽر ڪمپنيءَ آءِ فون متعارف ڪرايو.

    9جنوري 2013ع تي آمريڪي ماهر معاشيات، جيمز ايم - بچانن جو وڇوڙو ٿيو.

    9جنوري 2014ع تي نوبل انعام يافته ۽ محقق ڊيل ٽي موٽنسن جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو