10جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
10 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

فقير محمد سنڌي .

10جنوري 630ع تي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ڏھ ھزار اصحابن سان پر امن پيش قدمي ڪري مڪو فتح ڪيو.

• 10 جنوري 1979ع تي سنڌ جو مشهور گويو استاد اميد علي خان ولد استاد پيارو خان، هن فاني جهان کي الوداع چيو.

• 10 جنوري 1910ع تي بي باڪ صحافي با اصول پرست سياستدان ۽ زميندار غلام قادر شاهه لڪياري ولد سيد غلام مصطفيٰ شاهه لڪياري ڳوٺ ٻنڊي عطل شاهه تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو.

10جنوري 1920ع تي ليگ آف نيشنز جو قيام عمل ۾ آيو.

10جنوري 1946ع تي اقوام متحدہ جو جنرل اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس لنڊن ۾ ٿيو.

10جنوري 1946ع تي آمريڪي فوجين چنڊ سان رابطو ڪرڻ وارو پهريون ريڊار تشڪيل ڏنو.

• 10 جنوري 1989ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ، سريلو شاعر نارائڻ شيام دهليءَ ۾ وفات ڪئي.

10جنوري 1992ع تي لاهور، اسلام آباد موٽر وي جي تعمير جو آغاز ٿيو.

10 جنوري 1998ع تي پاڪستان جي معروف ناول نگار جميلا هاشمي جو وڇوڙو ٿيو.

• 10 جنوري 1929ع تي صوفي فقير شاعر نبي بخش فقير لاڏاڻو ڪيو.
• 10 جنوري 2001ع تي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بيتاب بادشاهه جلال چانڊيو سول اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

10جنوري 2008ع تي لاهور، پاڪستان ۾ خود ڪش بم حملي سبب 22 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
• 10 جنوري 1907ع تي محمد رمضان آزاد اصل نالو محمد رمضان ولد ابوبڪر ميمڻ خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، صحافي، ۽ مصنف اٿس.
• 10 جنوري 1976ع تي سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سياسي اڳواڻ سسئي پليجو ولد غلام قادر پليجو جي گهر ٺٽي ۾ جنم ورتو.
• 10 جنوري 2012ع تي پير پاڳارا، سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) لنڊن جي اسپتال ۾ وفات ڪئي.
• 10 جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر عبدالجبار “عاجز“ منگي، ڇتو منگي ڳڙهي ياسين شڪارپور ۾ پيدا ٿيو
 
Back
Top