11هين جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    11هين جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي..

    11 جنوري 1879ع تي سر غلام حسين، هدايت الله شڪارپور ۾ ڄائو. سماجي خدمتون، ناميارو سياستدان، قانوندان ۽ بھترين منتظم هو.
    11 جنوري 1905ع تي ترڪي جي پھرين صدر مصطفى ڪمال اتاترڪ، فوجي زندگي کان آغاز ڪيو.
    11جنوري 1908ع تي مشھور شاعر ۽ سماجي خدمتگار هوندراج دکايل لاڙڪاڻي شھر ۾ ڄائو.
    11 جنوري 1932ع تي مشھور بخاري سادات سيد خادم حسين شاهه ولد سيد نور حسين شاهه بخاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    11 جنوري 1937ع تي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو جنم ڏينھن آهي.
    11 جنوري 1950ع تي چائنا- بندرگاهه جي قيام جو اعلان ڪيو ويو.
    11 جنوري 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڀون سنڌي پورو نالو ڀونداس پٽ جئرامداس لوهاڻو سنڌراڻيءَ ۽ ميرباگي خان جي شھر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو.
    11 جنوري 1956ع تي ڀائو در محمد ٻرڙو قنبر شھر جي مشھور پاڙي نورشاهه ۾ خير محمد ٻرڙي جي گهر جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ نثري نظم اٿس.
    11 جنوري 1957ع تي پاڪستان ڪاٽن ڪنٽرول بورڊ جو وجود عمل ۾ آيو.
    11 جنوري 1966ع تي مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
    11 جنوري 1972ع تي چن زي چيني وزير خارجه جو لاڏاڻو ٿيو.

    11جنوري 1972ع تي آمريڪي اداڪاره امينڊا پيٽ جو جنم ڏينهن آهي.

    11جنوري 1972ع تي اوڀر پاڪستان جو نالو تبديل ڪري بنگلاديش رکيو ويو.

    11جنوري 1978ع تي پاڪستاني شاعر ۽ سفر نامہ نگار ابن انشاء جو وڇوڙو ٿيو.
    11 جنوري 1980ع تي شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينھن آهي.
    11 جنوري 1993ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي تيز جهونڪي هميشه لاءِ ننڍ سماري ڇڏيو.
    11 جنوري 1993ع تي اردو جو مشھور شاعر ابن انشاء جو وڇوڙو ٿيو.
    11 جنوري 1998ع تي سنڌ جو ڀلوڙ تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي لاڏاڻو ڪيو.
    11 جنوري 2004ع تي سنڌ جو بيباڪ سياستدان رئيس عبدالحميد جتوئي ولد رئيس ڪريم بخش جتوئي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

    11جنوري 2008ع تي آفريڪي عظيم آل رائونڊر شان پولاڪ، بين الاقوامي ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
    11 جنوري 2011ع تي اداڪار ايم يحى ڀٽو جو وڇوڙو ٿيو.

    11جنوري 2011ع تي نقاد، افسانہ نگار ۽ ناول نگار خالدہ حسين جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو