ماضيء جو آئينو؛ پاڪستان۾سياسي وفاداريون بدلائڻ جي روش.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2022۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جسٽس ريٽائرڊ فرخ آفتاب حنيف رامي مرحوم جي ڪتاب “ باز آئو اور زنده رهو” جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته ان ڪتاب ۾ قائد ملت لياقت علي خان جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي سو نهايت ئي تشويشناڪ آهي،ان تي يقين نه ڪندي به اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته اسان عوام پنهنجي سادگي،اسان جا حڪمران پنهنجي چالاڪي،ايمان ۽ عوام فروشيء جي جنهن درجي تي ماضيء ۾ هئا اڄ به ساڳي جڳهه تي بيٺل نظر اچن ٿا.وچ ۾ ايترو ضرور ٿيو ته علامه اقبال جي سوچ ۽ قائد اعظم جي ولوله انگيز قيادت ڪجهه وقت لاء هڪ ميڙ يا هجوم کي قوم بنايو جنهن مسلمانن لاء هڪ آزاد رياست جو حصول ممڪن بڻيو پر قائد جي وفات بعد اها قوم وري هڪ ٽڙيل پکڙيل هجوم بڻجي ويئي جنهن کي پنهنجن ذميدارين جو احساس ته پري رهيو،پنهنجن حقن جو شعور به نه رهيو.حقن جي حاصلات جو سوال ته ادراڪ ۽ احساس جي ڪک مان جنم وٺي ٿو.پاڪستان ۾ ٻه طبقا عوام ۽ حڪمران سدائين ٻن مختلف انتهائن تي رهندا اچن.عوام حڪمران طبقي جو ڪڏهن به محاسبو نه ڪيو ۽ حڪمرانن ۽ سياستدانن به ڪڏهن عوام کي ڪنهن باغ جي موري نه سمجھيو.اهڙيء طرح هر ڪم رڳو ذاتي مفادن لاء ڪيو ويو.جسٽس فرخ کي قائد ملت جي باري ۾ ڪتاب جي جنهن اقتباس غمگين ڪيو سو اهو ته “ مون کي هتي هڪ نهايت ئي تڪليف ڏيندڙ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻو آهي ۽ حقيقت اها آهي ته جيستائين ان جو ذڪر نه ڪبو،ماضيء جي ان داستان کي اڳتي وڌائي نٿو سگھجي.جڏهن کان پنجاب ۾ سر سڪندر حيات جي وزارت قائم ٿي هئي،نوابزاده لياقت عليء خان جو ذاتي رويو اسان جي باري ۾ (پنجاب مسلم ليگ،جنهن جو صدر ڊاڪٽر اقبال هو.)گھڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو.هن جي حمايت ۽ امداد سر سڪندر لاء وقف ٿي چڪي هئي.لياقت علي خان آل انڊيا مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري هو،هو مسلم ليگ جي مرڪزي پارلياماني بورڊ جو ميمبر هو پر هن بورڊ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي ۽ مسلم ليگ بدران نيشنل ايگريڪلچرل پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن 1937ع وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.يوپي جي اها پارٽي ڄڻ ته پنجاب جي يونيسٽ پارٽيء جي ڀيڻ هئي.لياقت علي خان جي استعيفاعجيب صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي.اڃا ڪجهه مهينا پهرين هو مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.هاڻي هن جي استعيفا بعد مسلم ليگ جو ڪوبه جنرل سيڪريٽري نه هو. مسٽر جناح ان وقت جن ڏکيائين ۾ ورتل هو ان جو اندازو اڄ صحيح نموني ڪري نٿو سگھجي.هو اڪيلي آل انڊيا مسلم ليگ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي گھمي رهيو هو.لياقت علي خان جي استعيفا بعد لکپڙه جو سمورو ڪم به مسٽر جناح کي پاڻ ڪرڻو پوندو هو.هن وٽ ڪو ٽائيپيسٽ به نه هو.خط پنهنجي هٿ سان لکندو هو،ان وقت سندس عمر سٺ سالن کان مٿي ٿي چڪي هئي.

    رامي صاحب ڪتاب جي صفحي 617 تي لکي ٿو ته لياقت علي خان کان جيترو به ٿي سگھندو هو هو هر موقعي تي سر سڪندر جي مدد ۽ اسان جي مخالفت ڪندو هو.ان دوران ڪيترائي ڀيرا اهڙا موقعا آيا جو اسان درست هئاسين ۽ سر سڪندر جو رويو غلط هو پر لياقت علي خان سدائين سر سڪندر جو ساٿ ڏنو.

    نوابزاده لياقت علي خان جا مٽ مائٽ ۽ خاندان جا ٻيا سمورا ماڻهو ڪرنال ۾ رهندا هئا جن کي وقت بوقت پنجاب حڪومت جي مدد جي ضرورت پوندي هئي.سر سڪندر نهايت ئي چالاڪ ۽ ڏاهو انسان هو.هن نوابزادي جي ان ڪمزوريء کي تاڻي ورتو هو.خود لياقت علي خان جو وڏو ڀاء سجاد علي خان پنجاب اسيمبليء جو ميمبر ۽ يونيسٽ پارٽيء جو رڪن هو.سر سڪندر ۽ لياقت علي خان جي وچ ۾ هر قسم جو رابطو ان جي ذريعي ئي ٿيندو هو.اسان کي هڪ هڪ ڳالهه جو علم هو پر مصلحت جي مجبورين اسان جي زبان ۽ قلم تي پهرو لڳائي رکيو هو.اسان بنيادي طور تي جناح صاحب جي پريشانين ۾ واڌارو ڪرڻ نٿي گھريو.

    رامي مرحوم عاشق بٽالويء جي ڪتاب“ علامه اقبال جا آخري ٻه سال” مان وڌيڪ اقتباس به پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪيا آهن.جن سان اسان جيڪر پنهن جي حال ۽ ماضيء جي ڀيٽ ڪيون ته ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي.

    1937ع جي چونڊن ۾ پنجاب مان مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جي ستن اميدوارن مان رڳو ٻه ڪامياب ٿيا يعني ملڪ برڪت علي ۽ راجا غضنفر علي خان پر ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ عجيب واقعو اهو آهي ته راجا غضنفر علي خان سندس ڪاميابيء بعد بورڊ جي دفتر ۾ پير رکڻ به مناسب نه سمجھيو.ان جي بدران هو سڌو يونيسٽ پارٽيء جي جلسي ۾ پهتو ۽ ويندي ئي اعلان ڪيائين ته هن مسلم ليگ ڇڏي يونيسٽ پارٽيء ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جيڪر ڳالهه رڳو اتي رڪجي ها ته ڪا شرم جهڙي ڳالهه نه هئي پر ستم اهو ٿيو جو يونيسٽ پارٽيء جي ان جلسي ۾ راجا غضنفر علي خان کي ڀليڪار چوندي سر سڪندر حيات جيڪا تقرير ڪئي ان ۾ هن چيو ته راجا صاحب منهن جي مرضي ۽ منهنجي چوڻ تي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بيٺو هو پر شروع ۾ ئي هن مون سان وعدو ڪري ڇڏيو هو ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد ترت يونيسٽ پارٽيء ۾ شامل ٿي ويندو.

    1937ع جي چونڊن لاء سردار مظفر قزلباش مسلم ليگ جي پارلياماني بورڊ کي درخواست ڏني هئي،لاهور تحصيل مان ٻن اميدوارن جون درخواستون وصول ٿيون هيون.هڪ ميان عبدالمجيد ۽ ٻيو قزلباش.جڏهن بورڊ ميان عبدالمجيد کي ٽڪيٽ ڏني ته قزلباش يونيسٽ پارٽيء جي پليٽ فارم تان ان جي خلاف چونڊن ۾ بيهي رهيو.

    اهو آهي اسان جو ماضي جيڪو اسان جي افسوسناڪ بلڪه شرمناڪ حال جو آئينو آهي.اڄ اسان پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايون ٿا ته ڪجهه به بدليل نظر نٿو اچي.بلڪل ساڳيء طرح ، حالتن مطابق خفيا يا سر عام اڄ به ڪيترائي ڪرپٽ سياستدان وڪجن ٿا.نه رڳو اهي وڪجن ٿا پر ترقين ۽ عهدن جي معراج به ماڻين ٿا.عوام نه ڪالهه انهن کان حساب ورتو ۽ نه ئي اڄ وٺي رهيو آهي.سياستدانن ۽ حڪمرانن به عوام جي حقيقي فلاح ۽ بهبود لاء نه اڳي سوچيو ۽ نه ئي هاڻي سوچي رهيا آهن.قائد اعظم قوم کي جاڳايو پر لڳي ٿو ته عوام وري ڪنهن گهري ننڊ سمهي پيو آهي.ڪنهن ٽڙيل پکڙيل ۽ غير منظم هجوم کي ڪو قوم جو نالو ڏيڻ گھري ته سندس مرضي،ڇا ٿو ڪري سگھجي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو