اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان...!!! معشوق محسن ابڙو. هُونئن به سِنڌوءَ جي سِينڌِ ۽ سِنڌ جو صَحنُ صَدين کان سونهنءَ،سُڳَنڌَ ۽ ساوَڪَ سان سَنواريل ۽ سِينگاريل رهيو آهي.سَدائين سُرتِ، ساڃاھَ، سِياڻپَ ۽ سُڃاڻپَ جا سَوين سيلابَ سُڃَ ۽ سَرابَ کي به سيرابُ بڻائيندا رهن ٿا.جِتي سِنڌ جي هر شَهر جو عِلمي، اَدبي، سِياسي، سَماجي مَذهبي ۽ مُعاشَرتِي پَس وّ پيشُ منظر شاندارُ، جاندارُ ۽ يادگارُ رهيو آهي.اُتي لاڙڪاڻو به ڳَچُ ڳُڻن جو ڳُٽڪو يا کوڙ سارين خوبين جو خوبصورت خانقاه چئي سگهجي ٿو.جنهن اَڻ ڳڻيا اَنمول اَديبَ،استاد، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪيا آهن.لاڙڪاڻي شَهيدن جو شَهر هُجڻ وارو شَرف به ماڻيو آهي ته زنده دل، ظَرف ۽ ضَمير سُجاڳ رکندڙن جي ضِيافتَ جي ضَمانتَ به قبول ڪئي آهي.مون جڏهن پهريون ڀيرو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ هڪ مشاعري ۾ شرڪت ڪئي ته اُتي ڀانت ڀانت ڀريل ڀاڪرن سان ڀليڪار جون بَهارون ايتريون ته مَنُ موهي ويون! جو بي ساختَه قَلبَ جي قَفَسَ جو ڪُلفُ ڪَٽي منهنجي دِماغَ جي دَرخت تي پرديسين پَکين جِيان هِي سِٽُون ٻَهڪِي ٻولڻ لڳيون: ڏسان جيڪو به ماڻهو ٿو،لڳي موتيءَ داڻو ٿو! چيو”معشوقَ“سچ سِياڻن،لهي لَکَ لاڙڪاڻو ٿو! فقير محمد سنڌي به اُن ئي محفل جو مورُ لڳو جيڪا محبتي ماڻهن سان مُرڪِي رهي هئي.منهنجي ساڻس پهرين ملاقات هلندي لاڙڪاڻي ۾ آئي.اي پبلڪ اسڪول جي درازي تي ٿي پر ڄاتم ائين ڄڻ ته هڪٻئي جا سالن کان سونهان آهيون.اُن ئي ساڳئي ڏينهن تي وري شام جو هڪ ٻي ملاقات قابل ڪوي انجم کوکر جي دڪان تي ٿي.جتي رُوح رهاڻ ڪئيسين ڪافي علمي ۽ ادبي ڪچهري ٿي.پاڻ مونکي ڪتابن جا تحفا به ڏنائين ۽ پنهنجي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن بابت ڪافي ڪُجھ ٻُڌايائين.جهڙو نالو فقير محمد سنڌي تهڙو سندس مزاج به فقيراڻو! بلڪل سَٻاجهو ۽ سُچيت سرجڻهار سندس اکين مان اداسين ۽ اوسيئڙن جو عالم لياڪا پائي رهيو هو.زماني جي ظُلمتن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ نوڪريءَ جي تلاش ۾ حياتيءَ جا ڪيترائي حسين پل وڃائيندڙ، لکت جي هر اوکي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ ۽ انٽرويوءَ جي وقت نوٽن تي نگاه رکندڙ ناحق نڀاڳن نانگن هٿان نظرانداز ٿيل هن شخص جون ڳالهيون ڳڻيندي ڳلن تان ڳوڙها ڳاڙيندو رهيس ڳاٽي ٽوڙ ڳڻتين جون ڳوڻيون کڻي ڳوٺ پهتس ۽ پاڻ سان پڪو پھ ڪيم ته فقير محمد سنڌيءَ بابت ضرور ٻه اکر لکبا.اڄ جيئن ئي لکڻ تي ويٺو آهيان ته سندس سهڻي صورت سامهون سينگارجي بيٺي آهي جيئن جيئن تصّور ٿو ڪيان ته تيئن تيئن تَڪلِيفَ جو طوفانُ تڙپائي ٿو ته اسان وٽ اهڙن محبوب ماڻهن جو به قدر نه ٿو ڪيو وڃي جيڪي هڪ ئي وقت گهڻ رُخي شخصيت هجن ۽ پنهنجي ڪِرت سان پَڪِي پِرت رکي پاڻ مڃائي چڪا هجن.ائين ئي فقير محمد سنڌي به ڪنهن تعارف يا تعريف جو محتاج ناهي.پاڻ خوددار، ارڏو ۽ اٽل شخص هجڻ جي ڪري ڪنهن به ڪاموري يا وڏيري جي آڏو جُهڪڻ پسند نه ٿو ڪري کيس همت ۽ هماليه حوصلي تي ناز آهي.محنت ۾ ئي عظمت سمجهي وڏو نانءُ ڪَمايو اٿس.سچ سيني ۾ سَمايو اٿس.مٿس نالي جو وڏو اثر آهي فقير نانءُ سڏائڻ جي ڪري اڻ هوند ۾ به صبر ۽ شڪر واري زندگي گذاري سنڌي ٻوليءَ جي خدمت خلوص وچان ڪندو رهي ٿو.علم ۽ ادب جو هي عاشق رهبرِ سِنڌ مفڪرِ اعظم سائين جي ايم سيد جي هنن لفظن تي بلڪل عمل پيرا نظر اچي ٿو: ”ادب قومي زندگيءَ جو آئينو هوندو آهي.اُن ڪري سنڌي اَدبَ کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻو پوندو.“ اهڙي حُبُ الوطنيءَ جي هُڳاءَ جو حامل فقير محمد سنڌي 7 جنوري 1983ع،22 ربيع الاوّل 1403هجري، جمعي جي ڏينهن پنهنجي ناني محمد بچل شيخ جي گھر نانو پڌر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم شاهه محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان ورتائين،جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪري وري انٽر ۽ بي-اي سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين.کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ماسٽر جي ڊگري سنڌي ادب ۾ 2005ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين، دنوي تعليم کان علاوه سندس ديني تعليم واري قابليت به قبول ڪرڻي پوندي،جنهن ۾ پاڻ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس 1998ع ۾ پاس ڪيائين،ان کان علاوه درسِ نظاميءَ جو ڪورس مدرسه جامعيه عربيه جيلانيءَ مان پڻ پاس ڪيائين.فقير محمد سنڌي هر موضوع تي تقريبن ڀرپور پڙهيو، پروڙيو ۽ لکيو آهي،سندس سڃاڻپ جو خاص حوالو دوستن جي نون آيل ڪتابن تي سڀ کان پهرين ڪيل بهترين تبصرا آهن.نه رڳو تبصرا بلڪِ بهترين انداز ۾ ڇنڊ ڇاڻ سميت ٻيا به ڪيترائي پاسا ڪتاب جا کولي بيان ڪندو آهي.جنهن ۾ تنقيد جا تجلا ۽ لسانيات جا لاجواب نُڪتا پڻ نروار ناچ ڪندا رهندا آهن.ليکڪ جو به ڪمال اهوئي آهي جو هو جڏهن به ڪنهن ڪتاب تي ٻه اکر لکي ته هرپاسي ٿوري ٿڪي نظر ضرور رکي ته جيئن مصنف سان گڏوگڏ قارئين کي معلومات به ملي ۽ رهجي ويل شين جي اصلاح پڻ ٿي وڃي. سادي ٻوليءَ کي سهڻو بڻائڻ ڪو فقير محمد سنڌيءَ کان سکي! پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي به ڪتاب ارپي چڪو آهي اهي سڀ ناياب ۽ نوجوانن لاءِ مشعلِ راہ آهن.سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ،شعري مجموعو، وچن وفا جا 2004ع تي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ ، 2008ع ۾ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو ،گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي 2009ع ۾، عظيم هستين جا عظيم قول 2012ع ۾ ”قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو“ طرفان شايع ٿيو ، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر 2013ع تي قلمڪار پبليڪيشن شايع ڪيو،گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو، حفيظ کوهاري جي شخصيت ۽ فن تي،قلمڪار پبليڪيشن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا.ان کان علاوه سهيڙ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق،جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن، سونهن سمبارا ( ريڊيو اسڪرپٽ ) 2016ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح 2020ع تي قلمڪار پبليڪيشن پاران ڪتاب، "تاريخ جو منظر ۽ پس منظر" شايع ڪيو آهي.سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڊگهي لسٽ آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو: * ڏات جو ڏيھ، (خاڪا ءِ ڪتابن تي تبصرا ) * هر ڏينهن صليب تي،(روزانو ارادو لاڙڪاڻو جا لکيل ايڊيٽوريل ) * تاريخ جو منظر ءِ پسمنظر،(سهيڙيل تاريخ وار ) * منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو،(ريڊيو اسڪرپٽ) * ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾،( ڏاهپ اخلاقيات ) *لاڙڪاڻو موتين مالها،(شخصي خاڪا ) * لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب،(ڪتابن جو مشاهدو) *سڏڪا سڏڪا سنڌ،(شعري مجموعو ) * سائي ڌرتي،(زرعي ۽ سماجي خاڪا) * نڪ ۾ ناڪيلي،(ڪهاڻين جو مجموعو) ايترو علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ جي باوجود به سندس قلم اڃا ڪٿي رُڪيو ناهي ۽ لکندي سندس هٿ ٿڪيو ناهي.پاڻ جڳ جي جهنجهٽ جي جهوريءَ ۾ به جذبن کي جُوان رکيو وتي ٿو ۽ ستل ذهنن ۽ ضميرن کي جهنجهوڙي جاڳائڻ جي جوت پڻ جرڪايو وتي ٿو.ادب جي خدمت مختلف ادبي ادارن سان سلهاڙجي ڪندو رهي ٿو جنهن جو تفصيل ڪُجه هن ريت آهي: نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري،اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران،ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2006ع کان، ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو ۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو“ لاڙڪاڻو شامل آهن. فقير محمد سنڌيءَ گهڻ رخي شخصيت آهي پاڻ شاعر ،اديب ،ڪالم نگار ،ايڊيٽر ، صحافي ۽ ڪمپيئر طور هنڌين ماڳين ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.بقول حفيظ چانڊيي جي: ”فقير محمد سنڌيءَ جو نالو کڄڻ سان اڪثر بيباڪ صحافي فقير محمد لاشاري جو اجرو ڪردار اکين آڏو تري ايندو آهي.نالي جي نسبت ۽ هڪجهڙائي ڏسي ائين لڳندو آهي هيءُ کلڻو ملڻو، متحرڪ صحافي ٻيو جنم وٺي آيو هجي ۽ ڌرتي جي رهجي ويل اڌ ۾ چمي کي مڪمل ڪرڻ آيو هجي.فقير محمد سنڌي ۽ فقير محمد لاشاريءَ ۾ ڪو خاص فرق ته نه آهي.بقول نامور ڪهاڻيڪار يار محمد چانڊئي جي ته : ”ٻنھي جي سڃاڻپ صحافتي دنيا ئي آھي.“ قلم جي قوت سان ڏاڍ سان ڏونگر ڏارڻ وارن لاءِ لطيف به چيو آهي: اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان؛ شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛ مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي. آئون ته اهو چوندس صحافت سان گڏوگڏ فقير محمد سنڌي شاعريءَ جي شهر جو به شهزادو آهي.سندس شاعريءَ ۾ شجاعتن ۽ شرافتن جا شجر ڪَرَ کنيو بيٺا آهن.سٽن ۾ دلبريون به آهن دوستيون به ۽ ديس جي دشمنن سان دشمنيون به سندس ڏسڻ وٽان آهن.اسان جي اهائي دلي دعا آهي ته شال! لکندو رهي قوم جي خدمت ڪندو رهي ۽ خضري حياتي ماڻي،آخر ۾ سندس ئي خوبصورت لفظن سان هن لکت جو اِختِتامُ ڪجي ٿو. وفائن جي سھاري تي،اڃا دلبر جيئان ٿو مان، ملن ٿا درد تو پاران، پرين پلپل سھان ٿو مان. وفا جي آڙ ۾ ”سنڌي“ قتل آهي ڪيو تو ڀي، شڪر آهي شهيدن جي ئي ٽولي ڏي وڃان ٿو مان.