ٻول : توکي دل جا زخم ڏيکاريان - الھداد زرداري

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توکي دِل جا زخم ڏيکاريان،
    تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان،
    دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم
    روئان ۽ توکي بہ رئاڙيان،
    دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم.


    (آلاپ)
    اڪيلي ھِي دل سَوين ھِن سُور تُنھنجا
    پرين پَل پَل پَوَن ٿا، پُور تُنھنجا
    توکي دل جا زخم ڏيکاريان
    تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان
    دل ۾ آس اٿم، دل ۾ آس اٿم


    (آلاپ)
    رَکِي نہ ھا تو، نڀائڻ ڪونہ آيئي
    روئاڙي پوءِ کلائڻ ڪونہ آيئي
    توکي دل جا زخم ڏيکاريان
    تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان
    دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم


    (آلاپ)
    ڪوئي قاصر نواز جو داد تہ ڪَر تون
    نہ مونکي ايترو برباد ڪر تون
    توکي دل جا زخم ڏيکاريان
    تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان
    دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم



    ٻول: سيد قاصر نواز شاھ
    آواز : الھداد زرداري

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو