جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 18 جنوري 1873ع تي قبرص، برطانيه جي حوالي ڪيو ويو. 18 جنوري 1878ع تي جزيره هوائي، ڪپتان ڪڪ دريافت ڪيو. 18 جنوري 1886ع تي جديد هاڪي جي ابتدا برطانيه کان ٿي. 18 جنوري 1904ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ مشاعرن جو مور عبدالله خواب ولد علي بخش ڀٽي حيدرآباد ۾ ڄائو. 18 جنوري 1936ع تي مشھور ناول نگار ۽ شاعر رڊيارڊ ڪپلنگ جو وڇورو ٿيو. 18 جنوري 1949ع تي نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻي جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو. 18 جنوري 1949ع تي پاڪستان جي شھيد سوار محمد حسين جو جنم ڏينھن آهي. 18 جنوري 1954ع تي ڇھين پاڪستان سائنس ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي. 18 جنوري 1955ع تي ناليواري افسانه نگار سعادت حسن منٽو لاهور ۾ لاڏاڻو ڪيو. 18 جنوري 1956ع تي ريڊيو پاڪستان جو معروف انائوسر نور محمد خاصخيلي ولد يار محمد خاصخيلي نوابشاهه شھر ۾ ڄائو. 18 جنوري 1961ع تي عالم، اديب ۽ حڪيم مولوي محمد صادق راڻي پوريءَ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو. 18 جنوري 1962ع تي ڪرڪيٽ جي متعلق ڊاڪ جي ٽڪيٽ پھريون ڀيرو شايع ٿي. 18 جنوري 1968ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار فياض مسافر بروهي اصل نالو فياض احمد بروهي، ولد نور محمد بروهي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. 18 جنوري 1981ع تي راولپنڊي ۾ حڪيم محمد يوسف حسن جو وڇوڙو ٿيو. 18 جنوري 1983ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالستار هليو ولد محمد مٺل ڳوٺ سومر هليو. قنبر علي خان ۾ پيدا ٿيو. 18 جنوري 2007ع تي اردو جي مشھور شاعر محسن ڀوپالي جو وڇورو ٿيو. 18 جنوري 2010ع تي ڪھاڻيڪار، سوانح نگار، ۽ شاعر غلام رباني آگرو وفات ڪئي. 18 جنوري 2011ع تي نوجوان شاعر منٺار سولنگي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي آخري آرام گاهه نئون ديرو ۾ اٿس.