نوجوان شاعر، براڊ ڪاسٽر ۽ ليکڪ محمد ايوب شيخ...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    نوجوان شاعر، براڊ ڪاسٽر ۽ليکڪ ! محمد ايوب شيخ
    سيلف انٽرويو.
    فقير محمد سنڌي.
    مختصر تعارف ڪرايو اٿم؟
    منهنجو نالو محمد ايوب شيخ ولد محمد رمضان شيخ اصل ويٺل کوکر گھٽي ڪرمان باغ لاڙڪاڻو، 13.08.1969 جتي منهنجو جنم ٿيو ۽ هنئير مراد واهڻ محلي ۾ رهان پيو، مان تعليمي ميدان ۾ 5 درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، انٽرپري انجنئيرنگ نصيرآباد ڪاليج، بي ڪام ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو DIT ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي ۾ M.A انٽرنيشنل رليشن ۾ پاس ڪيا، اڳتي پڙهائي لاءِ وقت ۽ حالات ساٿ نه ڏنو.
    زندگي جو ٻيو ڏاڪو؟
    منهنجي شادي 2007ع ۾ ٿي جنهن ۾ مونکي هڪ پٽ فيضان علي ۽ هڪ نياڻيءَ فضا بتول آهي.
    نوڪريءَ جي حوالي سان آءٌ 1996ع کان ڊيوٽي آفيسر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪري رهيو آهيان.
    انهيءَ ڊگھي سفر دوران مان ريڊيو تي گھڻو ڪجھ سکيو آهي، سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ڪمپيئرنگ ۽ انائونسمينٽ سنڌي ڊرامن ۾ صداڪاري، مزاحيه، خاڪاپڻ ڪيا آهن سنڌي ريڊيو اسڪرپٽ اندازن 300 صفحا لکيا آهن شاعريءَ ۾ ڪجھ غزل، وايون ۽ آزاد نظم لکيا اٿم.
    جيڪي ڪتابي صورت ۾ اڻڇپيل آهن، ريڊيو تي شروعاتي طور جيڪو مليو؟ شروعاتي سفر ۾ AMA (ڊيو مٽيريل اسسٽنٽ) جا فرائض سرانجام ڏنا، جنهن ۾ آڊيو ڪيسٽ رڪارڊنگ، ايڊيٽنگ. انهيءَ عرصي ۾ ميوزڪ شيڊيولنگ جو ڪم اچي وڃي ٿو. اسلامي ۽ عيسوي مهينا، موسم، ڏينهن ۽ رات کي مدِنظر رکي نغمن جي شيڊيولنگ ڪئي وڃي ٿي. هاڻي ته آڊيو جي جڳھ تي ڪمپيوٽر شريف اچي ويو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪافي جدت اچي وئي آهي. آسانيءَ سان گڏ مونجھارا به تمام گھڻا آهن. اڃا تائين، AMA سان گڏ ڊيوٽي آفيسر جو ڪم به جاري رهيو، جنهن ۾ نشريات جي رپورٽنگ ڪئي ويندي آهي. پروگرامن جي رپورٽنگ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو