هي چوڻي ان وقت چئي ويندي آهي جڏهن ڪنهن هڪ مصيب سان ٻي مصيبت گڏجي پوي. هن چوڻي جي پويان حقيقت ڪجھ هي آهي ته هڪ شخص جيڪو جادو ڄاڻيندو هو. هو منتر ڦيڻا پڙهي مئلن کي جيئرو ڪندو هو ۽ بعد ۾ وري ٻيو منتر پڙهي انهن کي مارڻ جو علم رکندو هو. هو مئلن کي زندھ ڪري انهن سان راز و نياز جون ڳالهيون ڪري وري انهن کيجادو جي اثر سان قبر ۾ موٽائي ڇڏيندو هو. جڏهن هي شخص مرڻ جي اچي ويجهو ٿيو ته هن پنهنجي هڪ شاگرد کي پاڻ وٽ گھرائي اهو جادو سيکاري ڇڏيو. هن جي مرڻ کان ڪجھ عرصو بعد ان جو شاگرد هڪ قبر تي وڃي اهو منتر ڦيڻو پڙهيو. منتر پڙهڻ سان ئي مردو قبر مان ٻاهر نڪري آيو شاگرد ان سان ڳالهيون ڪيون جڏهن ڳالهيون ڪري واپس قبر ۾ موٽائڻ جو سوچيو ته هن کان قبر ۾ واپس موٽائڻ وارو منتر وسري ويو. شاگرد گھٻرائجي گھر ڀڄڻ لڳو ته مردو به پٺيان هلڻ لڳس هو جيڏانهن پئي ويو مردو هن جي پويان ٿي هليو. گھڻي ڪوششن کان پوءِ به هن کي اهو منتر ياد نه پئي آيو تڏهن هن جي ذهن ۾ هڪ ترڪيب سجھي. هو استاد جي قبر تي آيو ۽ اچي مردو زنده ڪرڻ جو منتر پڙهيو استاد قبر مان نڪتو هن استاد کان مردي کي قبر ۾ واپس ڪرڻ واري منتر جي باري ۾ پڇيو پر سندس استاد صاحب اهڙي دنيا ۾ پهچي چڪو هو جتي ان کي گذريلپويون ڳالهيون ياد نه هيون هاڻي ان جو استاد به پهرين واري مردي جيان هن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو جاڏي شاگرد تيڏانهن مردو ۽ استاد پويان پويان هلڻ لڳا تنهن تي شاگرد پريشان ٿي ڀڄندي چيو ته يڪ نه شد دو شد......... فارسي جي هڪ چوڻي جو سنڌي ترجمو. سجاد علي سومرو...