24جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو. فقير محمد سنڌي. 24 جنوري 1907ع تي خيرپور رياست جو اڳوڻو وزير سردار محمد يعقوب لاڏاڻو ڪيو. 24 جنوري 1933ع تي اداڪار هيرو چاؤله جو جنم ڏينھن آهي. 24 جنوري 1936ع تي موسيقيءَ جو قابل استاد، گائيڪ ۽ موسيقار استاد نياز حسين ولد محمد ابراهيم قريشي (بيبو خان) ڪراچي ۾ جنم ورتو. 24جنوري 1984ع تي ڏکڻ ايشيا ۾ ڪلڪتو يونيورسٽي جو قيام عمل ۾آيو. 24 جنوري 1985ع تي ايپل ڪمپيوٽر ميڪنٽوش پرسنل ڪمپيوٽر کي متعارف ڪرايو. 24جنوري 1985ع تي پاڪستان ۾ جنرل ضياء الحق جي مارشل لا جو خاتمو ٿيو. 24 جنوري 1985ع تي محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو 10 هون وزيراعظم مقرر ٿيو. 24 جنوري 1990ع تي جديد سنڌي موسيقي جو آواز، استاد محمد جمن ڪراچي ۾ انتقال ڪيو. 24 جنوري 2000ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار احمد سلطان چانڊيو لاڏاڻو ڪيو. 24جنوري 2004ع تي مريخ تي ڪامياب لينڊنگ کانپوءِ ايم اي آر ڊي راڪيٽ لانچ ڪيو ويو. 24 جنوري 2007ع تي شاعر، احسن الھاشمي جو وڇوڙو ٿيو. 24جنوري 2007ع تي صوماليا جنگ، آمريڪي فوج القاعده جي مشتبہ قلعن تي هوائي حملا شروع ڪيا. 24 جنوري 2010ع تي صحافي ۽ ڪالم نگار ارشاد احمد حقاني جو وڇوڙو ٿيو.