• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”سنڌ سلامت“ مان Romanc ڇڏائجي ويو آهي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
سنگت هڪ ڳالهه واضح ڪجي ٿي ته هاڻي ”سنڌ سلامت“ مان Romance ڇڏائجي ويو آهي، سنڌ سلامت جو گذريل هڪ سال کان بغور جائزو وٺڻ بعد آئون هن نتيجي تي پهتو آهيان ته فورم جا جيڪي ميمبرز يا رائيٽرز آهن، تن وٽ ڪو به سنجيده subject ناهي، جي آهي ته ڪاپي پيسٽ يا ماورائيت.
دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين، سائنسي تجربن، رياضي، ارٿ مييٽڪ ۽ ڊيموگرافي جهڙن موضوعن تي ”سنڌ سلامت“ ۾ ڪو به مواد نظر نه ٿو اچي، جي اچي ٿو ته تفريحي قسم جو مواد، جنهن کي عام لفظن ۾ بازاري به چئي سگهجي ٿو.
ان ڏس ۾ هڪ ڀيرو وري پراڻن ميمبرز کي ”سنڌ سلامت“ جي اڱڻ تي آڻڻ جي ذميواري کڻون ته ممڪن آهي ته ”سنڌ سلامت“ ۾ وري ڪا نواڻ نروار ٿئي
 
Back
Top