26جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 26جنوري 724ع تي اموي خليفي، يزيد بن عبدالملڪ جو وڇوڙو ٿيو. 26 جنوري 1788ع تي سڊني جو بنياد رکيو ويو. 26 جنوري 1887ع تي ايفل ٽاور جي تعمير شروع ٿي. 26 جنوري 1926ع تي مشھور اديب ڊاڪٽر فرمان فتح پوريءَ جو جنم ڏينھن آهي. 26 جنوري 1926ع تي ليکڪ سلامت راءِ پارواڻي جو جنم ڏينھن آهي. 26جنوري 1932ع تي آمريڪي واپاري ۽ ريگلي ڪمپنيءَ جو باني، وليم ريگلي جونيئر جو وڇوڙو ٿيو. 26 جنوري 1945ع تي ليکڪ مير محمد نظاماڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي. 26 جنوري 1954ع تي آسٽريليا جو مشھور ڪرڪيٽر ڪم هيوز جو جنم ڏينھن آهي. 26 جنوري 1965ع تي سياستدان ۽ علم ادب دوست آغا بدرالدين دُراني لاڏاڻو ڪيو. 26 جنوري 1972ع تي ڀارتي صدر مسز اندرا گانڌيءَ کي ڀارتي اعزاز ”ڀارت رتنا“ ايوارڊ ڏنو ويو. 26 جنوري 1974ع تي ترڪيءَ جو جھاز ڪِري تباهه ٿيو جنھن ۾ 63 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا. 26 جنوري 1976ع تي قائداعظم جي ساٿي حاتم علوي جو وڇوڙو ٿيو. 26جنوري 1980ع تي اسرائيل ۽ مصر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. 26 جنوري 1982ع تي چوٽيءَ جو ڪھاڻيڪار ماڻڪ/ منير سنڌي نوابشاهه ۾ آپگهات ڪري انت آندو. 26 جنوري 1983ع تي هاڪي جي عظيم ليفٽ هاف حبيب علي ڪڊي جو وڇوڙو ٿيو. 26 جنوري 1988ع تي تعليمي ماهر، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو وڇوڙو ٿيو. 26جنوري 1997ع تي جين ڊڪسن، آمريڪي نجوميءَ جو وڇوڙو ٿيو. 26 جنوري1998ع تي سماٽ تنظيم جي باني بھاول خان انڙ جو لاڏاڻو ٿيو. 26 جنوري 2003ع تي مشھور جرمن اسڪالر ڊاڪٽر، اينيميري شمل جو لاڏاڻو ٿيو. 26جنوري 2004ع تي افغانستان ۾ نئين آئين کي نافذ ڪيو ويو. 26جنوري 2007ع تي سائنسدانن، تماڪ جي ڪري،انساني دماغ تي ناڪاري اثرن جي نشاندهي ڪئي. 26جنوري 2016ع تي سياستدان ۽ سفارتڪار، صاحبزاده يعقوب خان جو وڇوڙو ٿيو. 26جنوري 2020ع تي باسڪيٽ بال رانديگر، ڪوبي برائنٽ جو وڇوڙو ٿيو.