27جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 27جنوري 1571ع تي عباس اول، صفوي سلطنت جو سڀ کان وڏو بادشاهه پيدا ٿيو. 27جنوري 1756ع تي آسٽريليا جو پيانو نواز ۽ موسيقار وولف گانگ موزارٽ جو جنم ڏينهن آهي. 27جنوري 1832ع تي انگريزي ناول نگار، شاعر ۽ رياضيدان لوئس ڪارل جو جنم ڏينهن آهي.. 27جنوري 1880ع تي ٿامس ايلوا ايڊيسن، پيٽنٽ جو فن بتيءَ تي حاصل ڪيو. 27جنوري 1891ع تي روسي صحافي ۽ ليکڪ ايليا اھرن برگ، جو جنم ورتو. 27جنوري 1924ع تي قبرص جو وڪيل ۽ سياستدان رئوف ڊنڪ تاش،جو جنم ڏينهن آهي. 27جنوري 1927ع تي عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود حجاز ۽ نجد جي بادشاهت جو اعلان ڪيو 27 جنوري 1928ع تي ڪافي گو شاعر جعفر علي جعفر پنھور ولد باقر علي پنھور ڌمراه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 27 جنوري 1943ع تي آمريڪي فضائيه، جرمني تي پھرين تباهه ڪندڙ حملو ڪيو. 27 جنوري 1961ع تي صدر ايوب، وارسڪ ڊيم جو افتتاح ڪيو. 27 جنوري 1961ع تي شمس الطباءِ حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. 27 جنوري 1967ع تي بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول جو جنم ڏينھن آهي. 27جنوري 1967ع تي 60 کان وڌيڪ ملڪن جوهري عدم پکيڙ واري معاهدي (NPT) تي صحيحون ڪيون 27 جنوري 1969ع تي شاعر ۽ براڊڪاسٽر عابد عباس ڪاظميءَ جو جنم ڏينھن آهي. 27 جنوري 1970ع تي ليکڪ سومرو شبير جو جنم ڏينھن آهي. 27 جنوري 1970ع تي سنڌي ادب جو خادم ڊاڪٽر علي احمد قاضي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. 27جنوري 1973ع تي آمريڪا ۽ ويٽنام جي وچ ۾ ڊگهي جنگ کانپوءِ جنگبندي ٿي. 27جنوري 1974ع تي سري لنڪن ڪرڪيٽر چمندا واس، جو جنم ڏينهن آهي. 27جنوري 2008ع تي انڊونيشيا جو اڳوڻو صدر، جنرل سهارتو جو وڇوڙو ٿيو. 27جنوري 2009ع تي آمريڪي ناول نگار ۽ فڪشن رائٽر جان اپڊائڪ، جو وڇوڙو ٿيو. 27 جنوري 2015ع تي صحافي، ليکڪ، فلمساز ۽ ڊائريڪٽر علي سفيان آفاقي، جو وڇوڙو ٿيو. 27جنوري 2020ع تي سڪندر سلطان راجا پاڪستان جو نئين اليڪشن ڪمشنر طور حلف کنيو. 27جنوري 2020ع تي ناليوارو وارو تاريخدان۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف پروفيسر شريف المجاهد، جو وڇوڙو ٿيو.