ڊراما، آرٽسٽ، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر مشتاق تونيو...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڊراما آرٽسٽ، صحافي۽ براڊ ڪاسٽر ﻣﺸﺘﺎق ﺗﻮﻧﻴﻮ....!
    سيلف انٽرويو-( فقير محمد سنڌي )
    ﺯﻧﺪﮔﻲﺀ ﺟﻮ مختصر ﺍﺣﻮﺍﻝ؟
    ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻨﻢ 22 ﺁڪٽﻮﺑﺮ 1977 ﻉ ﺗﻲ ﺿﻠﻌﻲ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﭤﺮڙﻱ ﻫﺎﺷﻢ ‏( ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺿﻠﻌﻮ ﻗﻤﺒﺮ ﺷﮩﺪﺍﺩڪﻮٽ ‏) ۾ ﭤﻴﻮ . ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻭﮘﮡ ۽ ﮘﻮﭞ ﺟﻲ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳڪﻮﻟﻦ ۾، ﻣﻴٽﺮڪ ﻭﮘﮡ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ، ﺍﻧٽﺮ ڊﮔﺮﻱ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ M.A / ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ڪﺎﻣﺮﺱ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻻڙڪﺎﮢﻮ ‏( ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ‏) ۽ LLB ﺷﻬﻴﺪ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜٽﻮ ﻻ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻻڙڪﺎﮢﻮ ‏( ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ‏) ﻣﺎﻥ ڪﺌﻲ . ﮔﮭﺮﺍﮢﻮ ﭘڙﻫﻴﻞ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﮡ ﺳﺒﺐ ﮔﮭﺮ ۾ ﭘڙﻫﺎﺋﻲ ﻭﺍﺭﻭ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﻣﻠﻴﻮ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﭔﺎﺭﺍﮢﻲ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﻮﻝ ﺭﺳﺎﻟﻮ ” ﮔﻞ ﭰﻞ “ ﭔﻴﺎ ڪﺘﺎﺏ ۽ ﺍﺧﺒﺎﺭﻭﻥ ﭘڙﻫﮡ ﺟﻮ ڪﺎﻓﻲ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ . ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﻗﻠﻤﻲ ﺩﻭﺳﺘﻲ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﻟﮑﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ . ﮘﻮﭞ ۾ ﺑﺠﻠﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ ﺍﻥ ﺩﺅﺭ ۾ ﮔﮭﺮ ۾ ﺑﻠﻴڪ ﺍﻳﻨڊﻭﺍﺋﻴٽ TV ﺑﻴٽﺮﻱ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ . ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﺍﺩﺍڪﺎﺭﻱﺀَ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﺑﻪ ﭤﻴﻮ، ڪﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﺩﺅﺭ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻣﻦ ۾ ڪﻤﭙﺌﺮﻧﮓ ڪﺮﮠ، ﭘﺮﻳﺲ ﺭﻟﻴﺰ ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﻭﮄﻱ، ﺍﻫڙﻱﺀَ ﻃﺮﺡ 2002 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺭﺍﭴﮅﺍﻧﻲ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺭﻫﺎﺋﺶ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺍﺗﻲ ﺳﻴﻨﺌﺮ ﺻﺤﺎﻓﻲ ﺩﻭﺳﺖ ﺯﺭﺍﺭ ﭘﻴﺮﺯﺍﺩﻱ ﺟﻲ ﻣﺪﺩ ﺳﺎﻥ 2003 ﻉ ۾ ﻋﻮﺍﻣﻲ ﺁﻭﺍﺯ ﺍﺧﺒﺎﺭ ۾ ﺳﺐ ﺍﻳڊﻳٽﺮ ﻃﻮﺭ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ، ﺍﻧﻬﻲﺀ ﺳﺎﻝ ﺳﻨﮅ TV ﮐﻠﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎﺭﻱ ﻻﺀِ ڊﺭﺍﻣﺎ ﭘﺮﺍڊڪﺸﻦ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ﭤﻲ ﭼڪﻲ ﻫﺌﻲ، ﺑﻠﻮﭺ ﭘﻞ ﺷﺎﻫﺮﺍﻩ ﻓﻴﺼﻞ ﺗﻲ ﻭﺍﻗﻊ ﺳﻨﮅ TV ﺁﻓﻴﺲ ۾ ﺳﻴﻨﺌﺮ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ۽ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﻋﺎﺷﻖ ﻋﺎﺭﺑﺎﮢﻲﺀ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺰﺍﺣﻴﻪ ﺧﺎڪﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﺳﺮﻳﺰ ۾ ﺍﻳڪٽﻨﮓ ﻻﺀِ ﻣﻮﻗﻌﻮڏﻧﻮ . ﺑﻌﺪ ۾ ﺳﻨﮅ TV ﺗﻲ ﺳﻮﻟﻮﭘﻠﻲ ﺍﻣﻴﺮﺯﺍﺩﻱ، ﺁﺧﺮﻱ ﺷﻮ، ٽﻴﻠﻲ ﻓﻠﻢ ﭘﺎڙﻳﻮﺍﺭﻭ، ‏( ﻫﻴﻮﺭ ‏) ﭘﺎﮢﻲﺀَ ﻣﭥﻲ ﺟﮭﻮﭘڙﺍ، ‏( ﺻﺤﺎﻓﻲ ‏) ، ﺷﻤﻦ ﻣﻴﺮﺍﻟﻲ ‏( ﺍﻧﺴﭙﻴڪٽﺮ ‏) ﻣﺸﻬﻮﺭ ﮔﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻣﺎڊﻟﻨﮓ ڪﺌﻲ . ﻋﻴﺪ ﺷﻮ ڪﻤﭙﺌﺮﻧﮓ ﺧﺎﺹ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ TV ﺟﻲ ﺍﻭﭘﻨﻨﮓ ﺳَﺮﻣﻨﻲ ‏( OPENING CEREMONY ‏( ﺷﻮ ‏) ۾ ﺳﻴﻨﺌﺮ ڪﻤﭙﻴﺌﺮﺯ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻣﺎ ﻥ ﺑﻪ ڪﻤﭙﻴﺌﺮﻧﮓ ڪﺌﻲ، ﺍﻥ ﺷﻮ ﺟﻲ ڊﺍﺋﺮﻳڪﺸﻦ ﻻﻻ ﺭﺋﻮﻑ ڪﻨﮅﺭ ڏﻧﻲ ﺑﻌﺪ ۾ KTN ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ڊﺭﺍﻣﻮ ﺗﺒﺴﻢ ﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڊﺍڪٽﺮ ﭔﺌﻲ ﺳﻴﺮﻳﻞ ڏﻫﺎﮘﮡ، ﻭﺭﻫﺎﺳﺖ، ﺭﻳﺸﻤﻲ ڏﻭﺭ ۽ ﭜٽﺎﺋﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻬﺮ ﭜﺎﺗﻲﺀ ۾ ﺑﻪ ﻣﺮڪﺰﻱ ﺭﻭﻝ ﺍﺩﺍ ڪﻴﺎ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ PTV ﺗﻲ ﺷﻤﺸﻴﺮ ﺣﻴﺪﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﻟﮑﻴﻞ ڊﺍﺋﺮﻳڪﺸﻦ ﻧﻌﻴﻢ ﺑﻠﻮﭺ ﺟﻲ ﻧﺎٽڪ ﺭﻧﮓ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﺩﻭﺳﺖ ﭘﻴﻬﻲ ﺩﺭ ﺁﻳﻮ “ ﻟﻴﮑڪ ﺣﻴﺎﺕ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﺧﻮﺍﺏ ۽ ﺧﻮﺍﻫﺸﻮﻥ “ ﺳﻴﺮﻳﺰ ” ﺩﺍﺩﻟﻮ “ ، ﺳﻮﻟﻮ ﭘﻠﻲ ۾ ﭘﮡ ﻣﺮڪﺰﻱ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﻴﺎ . ﺟﻴﻮ ﺟﻲ ﻫڪ ڊﺭﺍﻣﻲ ” ﺗﻨﻬﺎ ﻫﻲ ﺗﻮ ﻫﻲ “ ۾ ﺳﭙﻮﺭٽﻨﮓ ۽ ﻣﻬﺮﺍﮠ TV ﺟﻲ ﻫﺎﺭﻡ ﭘﻠﻲ “ ﺧﺎﻟﻲ ﻓﺮﻳﻢ “ ۾ ﭘﮡ ﺍﻫﻢ ﺭﻭﻝ ﺍﺩﺍ ڪﻴﻮ . ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺁﺭٽﺲ ڪﺎﺋﻮﻧﺴﻞ ۾ ﺍﻳﻮﺏ ﮔﺎﺩ ﺟﻲ ﺍﺳٽﻴﺞ ڊﺍﺭﻣﻲ ” ﻣﻮﺭﺗﻲﺀَ “ ۾ ﭘﮡ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺟﻲ ﭘﮡ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺍﺭﺩﻭ ﺗﻮڙﻱ ﺳﻨﮅﻱ ڊﺭﺍﻣﻦ ۾ ﺻﺪﺍڪﺎﺭﻱ ڪﺌﻲ . 2005 ﻉ ﮐﺎﻥ 2007 ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ KTN ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﻧﻴﻮﺯ ﺭﭘﻮﺭٽﺮ ﻃﻮﺭ ﺻﺤﺎﻓﺖ ڪﺌﻲ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ 2008 ﻉ ۾ ﮄﺭﺗﻲ TV ﺟﻲ ﺍﻭﭘﻨﮓ ڪﻤﭙﻴﺌﺮﻧﮓ ﭘﮡ ڪﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﻮﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺣﻨﺎ ڪﻴﺮﻳﻮ ڪﻮ ڪﻤﭙﻴﺌﺮ ﻫﺌﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﺎﻝ ﮄﺭﺗﻲ TV ﺗﻲ ﺭﭘﻮﺭٽﺮ، ﻧﻴﻮﺯ ڪﺎﺳٽﺮ ۽ ڪﺮﻧٽ ﺍﻓﻴﺌﺮﺯ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻣﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﺰﺑﺎﻧﻲ ﺑﻪ ڪﺌﻲ، ﺑﻌﺪ ۾ 2009 ﻉ ﮐﺎﻥ 2011 ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺁﻭﺍﺯ TV ڪﺮﺍﭼﻲ ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﺑﻴﻮﺭﻭ ﭼﻴﻒ ﻃﻮﺭ ڪﻢ ڪﻴﻮ . ﺟﻨﻮﺭﻱ 2011 ﻉ ﮐﺎﻥ ﻧﻮﻣﺒﺮ 2011 ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﻧﺠﻲ ﺍﺩﺍﺭﻱ CRSS ۽ US AID ﺟﻲ ﻫڪ ﺭﻳڊﻳﻮ ۾ 2010 ﻉ ﺟﻲ ﭔﻮڏ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﺒﺎﻫﻲﺀَ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻻڙڪﺎﮢﻲ، ﻗﻤﺒﺮ ﺷﮩﺪﺍﺩڪﻮٽ، ﺩﺍﺩﻭ، ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻫﻪ، ﻣٽﻴﺎﺭﻱ، ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ۽ ﭔﻴﻦ ﺿﻠﻌﻦ ۾ ﺭﭘﻮﺭٽﻨﮓ ۽ ڪﻤﻴﻮﻧٽﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺱ ڪﻴﺎ . ﺟﻨﻮﺭﻱ 2012 ﻉ ﮐﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ ڪﺎﻧٽﺮﻳڪٽ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺟﻲ ﻧﻮڪﺮﻱ ﻣﻠﻲ، ۽ ﻫﺎﮠ 2013 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﻃﻮﺭ ڊﻳﻮٽﻲ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ . ﻣﻠڪ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ﺳﭛ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪﺍﻧﻦ، ﺍﺩﺍڪﺎﺭﻥ، ﺭﺍﻧﺪﻳﮕﺮﻥ ۽ ﭔﻴﻦ ﺍﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺗﻮﻥ ﭤﻴﻮﻥ، ﺍﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﺍﻧٽﺮﻭ ﺑﻪ ڪﻴﺎ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ 2006 ﻉ ۾ KTN ﻭﺍﺭﻱ ﺻﺤﺎﻓﺘﻲ ﺩﺅﺭ ۾ ﭜﺎﺭﺗﻲ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ڪﺒﻴﺮ، ﻓﻴﺮﻭﺯ ﺧﺎﻥ، ﻓﺮﺩﻳﻦ ﺧﺎﻥ، ﻣﻨﻴﺸﺎ ڪﻮﺋﺮﺍﻻ، ﺳﻨﮕﻴﺘﺎ ﺑﺠﻼﮢﻲ ﺳﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﮔﻮﺭﻧﺮ ﻫﺎﺋﻮﺱ ڪﺌﭙﺮﻱ ﺳﻴﻨﻤﺎ ۽ ﻧﻴﺸﻨﻞ ﺍﺳٽﻴڊﻳﻢ ۾ ﻳﺎﺩﮔﺎﺭ ﻣﻼﻗﺎﺗﻮﻥ ﺑﻪ ﭤﻴﻮﻥ . ﺻﺤﺎﻓﺘﻲ ۽ ﺷﻮﺑﺰ ۾ ڪﻢ ڪﺮﮠ ﺗﻲ ” ﮄﺭﺗﻲ T.V ﺍﻳﻮﺍﺭڊ “ FHM ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ۽ ﺳﻮﺷﻞ ﻭﻳﻠﻔﻴﺌﺮ ﺳﻮﺳﺎﺋٽﻲ ﺳﻨﮅﻳﺎ ﺭﺍﻥ ﺳﭥﻬﺮﺍﺀِ ﺟﺮﺋﺖ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﻣﻠﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺻﺤﺎﻓﺘﻲ ۽ ﺷﻮﺑﺰ ﻭﺍﺭﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﺟﻲ ﻭڏﻥ ﺷﻬﺮﻥ ﮔﮭﻤﮡ ﺟﺎ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﻮﻗﻌﺎ ﻣﻠﻴﺎ .
    ﺳﻨﮅﻱ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ۾؟
    ﺳﻨﮅﻱ ﺻﺤﺎﻓﺖ ۾ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺍﮖ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ﭤﻮﺭﺍﺋﻲ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺩﻭﺳﺖ ۽ ﺳﻨﺠﻴﺪﻩ ﺻﺤﺎﻓﻲ ﺁﻫﻦ . ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮﻳﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮﻭٽﻴڪﺸﻦ ۽ ڪﺮﭘﺸﻦ ۾ ﻣﻠﻮﺙ ﺁﻫﻲ، ﺍﻥ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﻟڪ ﺑﻪ ﮔﮭﮣﻲ ﻗﺪﺭ ﻣﻠﻮﺙ ﺁﻫﻦ، ﮀﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻴڊﻳﺎ TV ﭼﻴﻨﻠﺰ ﺍﺧﺒﺎﺭﻭﻥ “ ﺭﺳﺎﻻ۽ FM RADIO ۾ ڪﻢ ڪﻨﺪڙ ﺍڪﺜﺮ ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ۽ ﻭﺭڪﺮﺯ ﮐﻲ ﻭڏﻥ ﺷﻬﺮﻥ ۾ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺎﺗﺮ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﻧﻨﮃﻥ ﺷﻬﺮﻥ ۾ ﭘﮕﻬﺎﺭﻭﻥ ﻣِﻠﻦ ﺋﻲ ڪﻮﻧﻪ ﭤﻴﻮﻥ،ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺍڪﺜﺮ ﺻﺤﺎﻓﻲ ﭘﻴٽ ﮔﺬﺭﻻﺀِ ڪﺮﭘﺸﻦ ﺟﻮ ﺭﺳﺘﻮ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻦ ﭤﺎ، ۽ ڪﺮﭘٽ ڪﺎﻣﻮﺭﻥ ﺟﻮﻥ ڪﺮﭘﺸﻦ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﭤﻮﺭﻥ ﭘﺌﺴﻦ ﻋﻴﻮﺽ ﻟڪﺎﺋﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺮﻭٽﻴڪٽ ڪﻦ ﭤﺎ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﺎ ﺣﻖ ﻟٽﺠﻨﺪﺍ ﺭﻫﻦ ﭤﺎ . ڪﺮﭘﺸﻦ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﻟڪ ﺑﻪ ﺍﻭﺗﺮﺍﺋﻲ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭ ﺁﻫﻦ . ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﺎ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﺟﺎ ڏﻭﻫﺎﺭﻱ ﺁﻫﻦ . ﭘﺮ ﺍﻥ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺻﺤﺎﻓﺖ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺑﺎ ﺿﻤﻴﺮ، ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺩﻭﺳﺖ ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﻋﻮﺍﻡ ﺟﺎ ﻫﻤﺪﺭﺩ ﺻﺤﺎﻓﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﻲ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ڏﻫﺎڪﻦ ﮐﺎﻥ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﮐﻲ ﻋﺒﺎﺩﺕ ﺳﻤﺠﮭﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﻓﺮﺽ ﺍﺩﺍ ڪﺮﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻗﺮﺽ ﻻﻫﮡ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﻫﻦ . ﺍﻫﻲ ﺻﺤﺎﻓﻲ ڪﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻻﻟﭽﻦ ﮐﻲ ﭠڪﺮﺍﺋﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﭲ ﺑﻪ ﭘﻴﺮﻳﻦ ﭘﻨﮅ ﻫﻠﻨﺪﻱ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺟﻮ ﻓﺮﺽ ﺍﻳﻤﺎﻧﺪﺍﺭﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺍﺩﺍ ڪﻨﺪﺍ ﭘﻴﺎ ﺍﭼﻦ .
    ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ۾؟
    ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﻣﻮﻥ ﮔﻬٽ ﭘڙﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﻣﺎﻥ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﻣﺎﺿﻲﺀَ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﮕﻬﺎﺭﻭ ﻫﻴﻮ . ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅ ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﺟﻲ ﻋﻮﺍﻡ ﮐﻲ ﭔﻴﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ڪﺎﻓﻲ ﺷﻌﻮﺭ ڏﺋﻲ ﺍﮘﺘﻲ ﺁﻧﺪﻭ . ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺑﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﭔﻴﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ڪﺎﻓﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﺁﻫﻲ . ﭘﺮ ﻣﺎﺿﻲﺀَ ﺟﻲ ﭜﻴٽ ۾ ﮔﻬٽ ﻣﻌﻴﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ .
    ﻣﺎﻥ ﺻﺤﺎﻓﻲ ۽ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﻮ ﻫﺎ ﺗﻪ؟
    ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻣﺎﻥ ﺻﺤﺎﻓﻲ ۽ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺗﻲ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﺎﻥ ﻫﺎ ﺗﻪ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ، ﻭڪﻴﻞ ۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪﺍﻥ ﭤﻴﺎﻥ ﻫﺎ . ﮀﻮ ﺗﻪ ڪﺎﻓﻲ ڊﺭﺍﻣﺎ ڪﻴﺎ، ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮔﻬﮣﻮ ٽﺎﺋﻴﻢ ﻧﻪ ﭤﻮ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﺎﻥ . ۽ ﻣﺎﺿﻲﺀَ ۾ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ . ﮔڏﻭﮔڏ ﻭڪﺎﻟﺖ ﺟﻲ ﺷﻌﺒﻲ ۾ ﺷﻮﻕ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
    ﺁﺧﺮ ۾ ﭘﻴﻐﺎﻡ ﺁ؟ .
    ﭘﻴﻐﺎﻡ ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ، ﺳﻨﮅﻱ ﻗﻮﻡ ﻭﮄ ﮐﺎﻥ ﻭﮄ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺗﻲ ﮄﻳﺎﻥ ڏﺋﻲ، ﭘﺎﮠ ۾ ﻧﻨﮃﺍ ﻭڏﺍ ﺍﺧﺘﻼﻑ ﺧﺘﻢ ڪﺮﻱ ﮐﻨڊ ﮐﻴﺮ ﭤﻲ ﺭﻫﻮﻥ . ﮀﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ۽ ﭘﺎﮠ ۾ ﭘﻴﺎﺭ ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﭔﮅﻱ ﺳﺎﻥ ﺋﻲ ﺳﻠﻬﺎڙﻳﻞ ﺁﻫﻲ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو