28 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    28جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    28جنوري 661ع تي خلافت المسلمين، امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب جي شهادت جو ڏينهن آهي.
    28 جنوري 804ع تي رومن ايمپائر جو شھنشاهه شادليمن جو وڇوڙو ٿيو.
    28 جنوري 1859ع تي سر سيد احمد خان پھريون ڀيرو عوامي جلسي کي خطاب ڪيو.
    28 جنوري 1878ع تي پھرين ٽيليفون ايڪسچينج آمريڪا جي شھر نيو هيون جي بورڊمين بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي.
    28 جنوري 1914ع تي فرانس فرڊي نينڊ جو قتل ٿيو.
    28 جنوري 1917ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون سيڪريٽري نواب وقار الملڪ جو وڇوڙو ٿيو.
    28 جنوري 1920ع تي شاعر، مولوي محمد بخش خيالي جو جنم ڏينھن آهي.
    28 جنوري 1929ع تي نامور اديب معمور يوسفاڻي اصل نالو محمد عمر ولد حاجي محمد يوسف پلي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    28 جنوري 1933ع تي چوڌري رحمت علي، مشھور پمفليٽ ”اب يا ڪڀي نهين“ لکيو.
    28 جنوري 1939ع تي شاعر قمر الدين ”مجذوب“ جو جنم ڏينھن آهي.
    28 جنوري 1940ع تي سرگرم ليکڪ ۽ اديب. بن عيسى الخليفه، بحرين جي بادشاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    28 جنوري 1953ع تي شاعر رزاق مستوئي جو جنم ڏينھن آهي.
    28 جنوري 1978ع تي سنڌ جو انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي راهه رباني ورتي
    28 جنوري 1982ع تي حافظ خير محمد ”اوحدي“ وفات ڪئي.
    28 جنوري 1983ع تي نائيجيريا جي صدر الحاج شگاريءَ، پاڪستان جو دورو ڪيو.
    28 جنوري 1983ع تي بالي ووڊ جي نامور فلم ساز، هدايتڪار ۽ اداڪار سھراب مودي جو وڇوڙو ٿيو.
    28 جنوري 1986ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽر اسد شفيق، جو جنم ڏينهن آهي.
    28جنوري2003ع تي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش پنهنجي تقرير ۾ عراقي صدر صدام حسين تي الزام لڳايو ته هو آفريڪا مان يورينيم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    28جنوري 2007ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي ڄمار رکندڙ عورت، آمريڪا سان تعلق رکندڙ ايما ٽولمين 114 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
    28جنوري 2020ع تي چوڌري عبدالستار واريو، اڳوڻو وفاقي وزير، جو وڇوڙو ٿيو.
    28جنوري 2020ع تي محمد مناف، اڳوڻي پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو