29 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 29جنوري 661ع خليفه المسلمين، امير المومنين علي ابن ابي طالب جي شهادت کان پوءِ، حضرت امام حسن عليه السلام کي جانشين مقرر ڪيو ويو. 29 جنوري 1820ع تي برطانيه جي شاهه جارج (ٽئين) جو وڇوڙو ٿيو. 29جنوري 1861ع تي ڪنساس آمريڪا جي 34هين رياست بڻجي وئي. 29جنوري 1860ع تي روسي ڊراما نويس ۽ ناول نگار انتون چيخوف، جنم ورتو. 29 جنوري 1866ع تي فرانسيسي مورخ، ليکڪ ۽ ڊراما نگار رومن رولينڊ، جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1882ع تي ابراهيم لنڪن جو جنم ڏينھن آهي. 29 جنوري 1919ع تي جديد ادب جو شاعر ۽ اديب عبدالرزاق ”راز“ ولد منشي عبدالرؤف شيخ پراڻي سکر ۾ جنم ورتو. 29 جنوري 1926ع تي نوبل انعام يافته سائنسدان عبدالسلام جو جنم ساهيوال- پاڪستان ۾ٿيو. 29 جنوري 1929ع تي شاعر ڪمل ميوارام ڪيولراماڻي پياسي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. 29جنوري1949ع تي برطانيه، بيلجيم، هالينڊ ۽ سوئٽزرلينڊ اسرائيل کي تسليم ڪيو. 29 جنوري 1950ع تي ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد جوهر بروهي اصل نالو عبدالقيوم بروهي ٿريچاڻي تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. 29 جنوري 1954ع تي آمريڪي ٽاڪ شو ميزبان، اداڪار ۽ پروڊيوسر اوپرا ونفري، جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1969ع تي سياستدان نصرت سحر عباسي جو جنم ڏينھن آهي. 29 جنوري 1975ع تي شاعر پير زين العابدين شاهه ”زينل“ جو لاڏاڻو ٿيو. 29جنوري 1975ع تي آمريڪي اداڪار پروڊيوسر ۽ ٽاڪ شو ميزبان سارا گلبرٽ، جو جنم ڏينهن آهي. 29جنوري 2002ع تي آمريڪي صدر بش،خطاب دوران ايران، عراق ۽ اتر ڪوريا کي دهشتگرديءَ جي ٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو. 29 جنوري 2018ع تي لاڙڪاڻي جو سينئر صحافي عاشق علي سمون لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرامگاهه ابوبڪر قبرستان ۾ اٿس